بيمارين تي
قابو پائڻ واري اداري جي هفتيوار رسالي ۾ 04
جولاءِ
1981ع تي هڪ رپورٽ پڌري ٿي. لاس اينجلس ۾ آڪٽوبر 1980ع کان مئي 1981ع جي وچ ۾ پنج مريض
داخل ٿيا هئا. انهن سڀني کي هڪ نادر بيماري نيوموسسٽِس نمونيا هئي. هي بيماري هڪ عام
ملندڙ فنگس کان ٿئي ٿي. ان جا ذرا ايترا عام آهن جو اهي ننڍپڻ ۾ ئي جسم ۾ داخل ٿيندا
رهن ٿا. ايميون سسٽم انهن کي جلد ئي ماري ٿو ۽ مستقبل لاءِ محفوظ ڪري ٿو. پر گهڻو ڪمزور
ايميون سسٽم ٿيڻ کان پوءِ هي فنگس تباهي مچائي سگهي ٿي ۽ ڦڦڙن کي ناڪارا ڪري ٿي. مريض
کي زندھ رکڻ لاءِ آڪسيجن ڏيڻي پوي ٿي. اهي پنجئي مريض ان حالت ۾ هئا جو انهن کي هي
بيماري لڳڻ نہ گهرجي ها. نوجوان مرد جيڪي ڪجھ عرصو اڳ تائين هر لحاظ کان صحتمند هئا.
ان تي تبصرو ڪندي رسالي جي ايڊيٽر لکيو تہ ”هي
ممڪن طور تي گهرڙن جي ايميون سسٽم ۾ ٿيندڙ خرابي آهي“. کين خبر نہ
هئي تہ هو جديد تاريخ ۾ ايندڙ بدترين وبا جو ٻڌائي رهيا هئا. اهي پنج ماڻهو سيلولر
ايميون سسٽم جي خامي جو شڪار هئا ۽ ان جو سبب ايڇ آءِ وي وائرس هو. پوءِ محققن معلوم
ڪيو تہ هي خاموشيءَ سان گذريل اڌ صديءَ کان ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيو هو. اَسي واري
ڏهاڪي ۾ اهو وبائي صورت اختيار ڪري ويو ۽ ڪروڙين ماڻهن تائين پهتو. ان جي هٿان ساڍا
ٽي ڪروڙ ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي چڪا آهن.
موت جو هي انگ
خوفناڪ ان ڪري آهي تہ اهو سولائي سان منتقل نٿو ٿئي. هن کي ڪنهن کي هٿ ملائڻ کان يا
ڇڪ ڏيڻ سان منتقل نٿو ڪري سگهجي. رڳو جسم جي ڪجھ مادن سان منتقل ٿئي ٿو. غيرمحفوظ جنسي
عمل کان. رت جي مٽاسٽا کان، ماءُ کان ٻار ۾. منشيات استعمال ڪندڙن ۾ سرنج ونڊ ڪرڻ سان. هڪ ڀيرو اهو جسم ۾ اچي وڃي تہ ايميون سسٽم تي ئي بي خوفيءَ سان
حملو ڪري ٿو. هي خاص قسم جي گهرڙن، CD4 ٽي گهرڙي، کي پڪڙي ٿو
۽ انهن جي ميمبرين ۾ ائين هليو ملي ٿو جيئن
صابڻ جا بلبلا هڪ ٻئي سان ملن ٿا. هي هڪ ريٽرو وائرس آهي. يعني پنهنجي جينياتي مواد
کي گهرڙي جي جينوم ۾ داخل ڪري ٿو. ان مان ايڇ آءِ وي وائرس جون نيون ڪاپيون ٺهن ٿيون
جيڪي ڀڄي ڪري ٻين گهرڙن کي متاثر ڪن ٿيون.
شروع ۾ ان وائرس
جي آبادي تيزيءَ سان وڌي ٿي. جڏهن ايميون سسٽم کي خبر پوي ٿي تہ اها متاثر ٿيل گهرڙن
کي مارڻ لڳندي آهي ۽ وائرس جي آبادي گهٽجڻ لڳندي آهي. متاثر ٿيل مريض کي هي سڄي جنگ
معمولي فلو جي صورت ۾ محسوس ٿئي ٿي. ايميون سسٽم ان کي شڪست ڏئي ٿو ۽ تقريبن سمورن
ايڇ آءِ وي وائرس کي ماري ٿو. پر شڪست ڏسي ايڇ آءِ وي وائرس خاموش ٿي وڃن ٿا. جن ٽي
گهرڙن ۾ وڃي هي لڪيل آهن اهي وڌندا ۽ ورهائيندا رهن ٿا. پوءِ ڪنهن وقت اهو مٿو کڻندو
آهي ۽ وائرس جو حملو شروع ٿي ويندو آهي. ايميون سسٽم ان نئين بغاوت جو مٿو ڪٽي ٿو.
هي جاري رهي ٿو ۽ وقت سان گڏ ايميون سسٽم ڪمزور ٿي شڪست کائي ٿو. ٿي سگهي ٿو تہ ايميون سسٽم هي شڪست هڪ سال ۾ ئي کائي يا پوءِ
ويهن سالن تائين بہ نہ کائي. پر نتيجو ڪڏهن نہ ڪڏهن هڪ ئي نڪرندو آهي. ان جو شڪار ٿيڻ
وارا پاڻ کي انهن بيمارين کان نٿا بچائي سگهن جن کي هڪ نارمل ايميون سسٽم روڪي ٿو.
اها ئي وجھ هئي جو اَسي واري ڏهاڪي ۾ ماڻهو اسپتالن ۾ عجيب بيمارين سان ايندي شروع
ٿي ويا.
هن بيماريءَ
جي وائرس جي دريافت فرانسيسي سائنسدان 1983ع ۾ ڪئي. مليريا يا ڪالرا انسانن کي هزارين
سالن کان ماريندا آيا آهن. هي نئين بيماري اَسي واري ڏهاڪي ۾ دريافت ٿيڻ کان ڪجھ سالن
اندر ئي سڄي دنيا ۾ تباهي مچائي رهي هئي. هي ڇا هو؟ هي ان وبا جو اسرار هو.
پهرين سائنسدانن
ان جي جين کي مختلف مريضن کان حاصل ڪري ترتيب ڪيو ۽ اهو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪيو
ويو. ان مان وائرس جو ارتقائي وڻ ٺهيو. هر دٻاءُ هڪ گڏيل ڏاڏي جي شاخ هئي. محققن دريافت
ڪيو تہ ان جا ٻہ جدا قسم آهن.HIV-1 جيڪو جارحانہ آهي. ۽ HIV-2 جيڪو نسبتن ايترو جارحانہ
ناهي.
سائنسدانن دريافت
ڪيو تہ آهستي وڌندڙ وائرس جي وڏي گروپ سان واسطو رکي ٿو جن کي لينٽي وائرس چون ٿا.
اهي ٻلي، گهوڙي، ڳئون ۽ ڀولڙن کي متاثر ڪن ٿا. 1991ع ۾ دريافت ٿيو تہ
HIV-2 آفريقا
۾ ڀولڙن جي هڪ قسم کي متاثر ڪندڙ وائرس جو ويجهو مائٽ آهي. سوٽي منگابي نالي نسل اولھ
آفريقا ۾ پالي بہ وڃي ٿي ۽ کاڌي بہ وڃي ٿي ۽ اها ڀولڙن جي انسانن کي ڏندن سان ڪڪي وٺڻ
جي سبب بہ منتقل ٿي سگهي ٿي.
سائنسدانن کي
HIV-1 جو
پتو لڳائڻ ۾ وڌيڪ دير لڳي. ان جو سبب اهو آهي تہ اهو ان نسل ۾ هو جنهن جو مطالعو ڪرڻ
سولو نہ هو. چمپينزي. اهي چالاڪ آهن، طاقتور آهن ۽ سوئي لڳائڻ پسند نٿا ڪن. انهن جي
فضلي جو تجزيو ڪري هن وائرس جي سڃاڻپ ڪئي وئي جنهن مان معلوم ٿيو تہ وائرل وڻ ۾ ان
جو ارتقاء چمپينزي جي وائرس کان ڪيترائي ڀيرا ٿيو.
ان جي شروعات
جي ڳولا لاءِ پراسرار طريقي سان مرندڙ پراڻن مئلن جي باقيات جو تجزيو ڪيو ويو.
1976ع ۾ مرندڙ هڪ ناروي جي ملاح جي ٽشو ۾ اهو نڪتو. ان جا شروعاتي شڪار غريب ملڪن جا
هئا جتي پراڻن جسم جي ٽشو جو ملڻ ڏاڍو مشڪل هو.
نوي واري ڏهاڪي
۾ هڪ ٻيو طريقو معلوم ٿيو. هزارين مريضن کان وٺي ايڇ آءِ وي کي ترتيب ڪيو ويو. سپر
ڪمپيوٽر سان تجزيو ڪري انهن جي جينياتي ميوٽيشن ڦير گهير جو ماڊل ٺاهيو ويو. انهن سڀني
مان اندازو ٿيو تہ ميوٽيشن- ڦير گهير هڪ خاص رفتار سان ٿين ٿيون. يعني تہ ان کي بجري
جي ڪلاڪ جيان ڏٺو وڃي ٿو. بجري جو ڍير ڪيترو اونچو آهي؟ ان جو جواب اسان کي اهو ٻڌائي
ٿو تہ وقت ڪيترو گذري ويو. ان مان اندازو ٿيو تہ ان جو گڏيل ڏاڏو 1933ع ۾ هو.
هن اندازي کي
هڪ ٻي حيران ڪندڙ دريافت کان ڀيٽ ملي. اها ڪانگو ۾ ڪنشاسا اسپتال ۾ هڪ مرڻ واري مريض
جو 1959ع جو محفوظ ڪيل رت جو نمونو هو. 1998ع ۾ ان تي تجزيو ۽ 2008ع ۾ ڪنشاسا ۾ هڪ
ٻي پيٿولوجي جي ڪليڪشن جي 1960ع جي تجزيي هن بجري جي ڪلاڪ جي ماڊل جي تصديق ڪئي. ايڇ
آءِ وي جي انسان ۾ منتقلي ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ٿي هئي.
هن ماليڪيولر
ڪلاڪ هڪ ٻي نئين شيءِ جي جھلڪ ڏني. ڪنشاسا ۾ 1960ع ۾ اهي ٻئي وائرس هڪجهڙا نہ هئا پر
HIV-1 جي
الڳ شاخن جا هئا. ان اسان کي هن وائرس جي ڪهاڻي سمجهڻ ۾ مدد ڪئي.
اهڙو وائرس
چمپينزي ۾ ملي ٿو. شڪاري چمپينزي کي گوشت لاءِ عرصي کان استعمال ڪندا هئا. ڪڏهن ان
دوران اهو شڪاري کي متاثر ڪري ڇڏيندو هو. پر شڪاري ۾ اچڻ وائرس لاءِ ڪارائتو نہ هو.
اهو اڳتي نہ پکڙندو هو. ويهين صديءَ ۾ هن علائقي ۾ آباديون ۽ شهر وسڻ لڳا. دريائن سان
گڏ واپاري رستن پيٿوجن جو سفر ٻيلي کان شهرن طرف ممڪن بڻايو. هن وائرس جا حامل چمپينزي
ڏکڻ-اوڀر ڪئميرون جي ٻيلن ۾ رهن ٿا. هتان جا دريا ڏکڻ طرف وهندي ڪنشاسا طرف وڃن ٿا.
تنهنڪري اهو رڳو اتفاق ناهي جو اسان کي هن وائرس جا شروعاتي نشان ڪنشاسا ۾ نظر اچن
ٿا.
هن وڌندڙ شهر
۾ وائرس بہ وڌي سگهيا. انهن کي اها آبادي ملي جنهن ۾ اهي پنهنجو قدم جمائي سگهيا ۽
ارتقاء مان انسانن ۾ رهڻ جي مطابقت حاصل ڪري سگهيا. 1960ع تائين انهن ۾ جينياتي قسم
ڪافي اچي چڪي هئي جيتوڻيڪ غالبن انهن رڳو ڪجھ هزار ماڻهن کي متاثر ڪيو هو. جيسيتائين
ان جي سڃاڻپ 1983ع ۾ ٿي، اهو هڪ عالمي بحران بڻجي چڪو هو. ان کي روڪڻ جي حڪمت عملي
ايندڙ ڪجھ سالن کان پوءِ ڪارآمد ٿيڻ شروع ٿي. ماڻهن جو رويو بدلائڻ اثرائتو رهيو. يوگنڊا
ان تي هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪئي. 1991ع ۾ هن ملڪ ۾ وڏي پئماني تي موتون ٿي رهيون هيون.
ان جي آبادي ۾ پندرهن سيڪڙو هن مرض جو شڪار هئا. اهو ريشو 2001ع ۾ پنج سيڪڙو رهجي ويو
هو.
ان تي دوائون
ٺاهڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون رهيون آهن. ڪيترائي لک ماڻهو هاڻي دوائن جو هڪ ڪاڪٽيل
استعمال ڪن ٿا جنهن جي ڪري اها ڊرگ ٿراپي ايڇ آءِ وي جو شڪار ماڻهن کي وڏي حد تائين
صحتمند زندگي گذارڻ ممڪن بڻائي ٿي. اها سستي نہ آهي. غريب ملڪن ۾ هن وائرس کان متاثر
ماڻهو اها دوائون برداشت نٿا ڪري سگهن جيڪي انهن کي ڪجھ سال، جيارڻ ۾ ڏهاڪن جي وڌاري
زندگي ڏئي سگهن. پر اهو هاڻي تبديل ٿي رهيو آهي. ڪيتريون اين جي اوز هن وقت متاثر ملڪن
۾ دوائن تائين رسائي جو ڪم ڪري رهيون آهن. پر اهي دوائون سٺو علاج
نہ آهن. انهن جا نقصانڪار اثر ڪجھ سالن ۾ واضح ٿيڻ لڳندا آهن. ۽ وائرس جو انهن جي خلاف
مدافعت ٺاهڻ مان نئين دوائن طرف منتقل ٿيڻو پوي ٿو. ايڇ آءِ وي جو بهترين حل ڪا ويڪسين
هجڻ گهرجي تہ جيئن ان جو شڪار ٿيڻ کان اڳ ئي بچي سگهجي. پر ويڪسين ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ اڃا
تائين مايوسي هٿ آئي آهي. 2008ع ۾ مرڪ جي ٺاهيل ويڪسين وڏي خبر بڻجي هئي. آزمائش کان
پوءِ ان کي ڇڏڻو پيو ڇاڪاڻ تہ اها اثرائتي نہ هئي. هن امڪان ۾ گهٽتائي بجاءِ ڪجھ واڌارو
نظر آيو هو. ۽ جيڪڏهن ڪنهن ننڍي آزمائش
۾ ويڪسين اثر ڏيکاري ٿي تہ بہ اها هن بيماريءَ جي خلاف ڪاميابيءَ جي ضمانت نہ آهي.
ايڇ آءِ وي وائرس بہ پنهنجي ڪاپي ٺاهڻ ۾، فلو جيان، نڪمو آهي. گهڻو جلد گهڻا ميوٽيشن
ڦيرگهير گڏ ڪري سگهي ٿو. اهو نيچرل سليڪشن لاءِ گهڻو خام مال فراهم ڪري ٿو. ان جو ارتقاء
هن وائرس جو ايميون سسٽم جي سڃاڻپ واري نظام کان ڀڄڻ ممڪن بنائي ٿو.
فلپ گولڊر
2008ع ۾ سائنسدانن جي بين الاقوامي ٽيم جي مدد سان دنيا ۾ 2800 ماڻهن جو مطالعو ڪيو
جنهن مان معلوم ٿيو تہ مختلف ماڻهو مختلف قسم جو دفاعي ليوڪوسائيٽ اينٽيجن رکن ٿا.
۽ اهو تہ هر علائقي ۾ وائرس هن علائقي جي ليوڪوسائيٽ اينٽيجن سان مطابقت حاصل ڪري چڪو
آهي. اها تحقيق ايڇ آءِ وي جي ويڪسين ٺاهڻ جي ڪوششن لاءِ خراب خبر آهي پر
اهو ممڪن آهي تہ ويڪسين ٺاهيندڙ ايڇ آءِ وي جو فرار رولنگ ويڪسين سان روڪي سگهن. اهو
وائرس کان هڪ قدم اڳتي رهڻ جو طريقو هوندو. ۽ هن وائرس جو مستقبل ڏسڻ لاءِ ان جي ماضيءَ
مان مدد وٺڻي پوندي. سائنسدانن جي هڪ ٽيم HIV-1 جي سب ٽائيپ بي جي دٻاءُ
جو موازنو ڪيو ۽ ان جي گڏيل ڏاڏي جي ٺاهيل هڪ پروٽين تيار ڪئي. هن پروٽين کي استعمال
ڪندي ويڪسين ٺاهي جنهن جو جواب ايڇ آءِ وي جي دٻاءُ جي وڏي رينج تي هو. اهي تجربا ڀولڙن
تي ڪامياب رهيا آهن. اهو ٻڌائي ٿو تہ ان جي ويڪسين ٺاهڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو.
هڪ ويڪسين جو
تجربو ان سال اثرائتي نہ هجڻ جي سبب رد ڪري ڇڏيو ويو جڏهن تہ هڪ ٻي ويڪسين هن وقت فيز
ٽي آزمائش ۾ داخل ٿي وئي آهي. اها ايڊينو وائرس جي مدد سان انجنيئر ٿيل ويڪسين آهي
جيڪا تمام گهڻن عالمي اسٽرينن کي روڪي سگهي ٿي.
هي وائرس هر
سال ستر لک ماڻهن کي متاثر ڪري رهيو آهي. هر سال ان مان ست کان اٺ لک موتون ٿين ٿيون
جن مان هڪ سال جا ٻار بہ گڏوگڏ شامل آهن. ايڇ آءِ وي سان وڙهڻ جو مستقبل ايڇ آءِ وي
جي ماضيءَ ۾ آهي.