وقت سکن جو،
ورڻو آهي،
اميد جو دامن،
ڇڏڻو ناهي۔
وقت سٺو، اچڻو
آهي،
وقت ڪٿي، رڪڻو
ناهي۔
پريشان رهڻ
سان مسئلا حل ناهن ٿيندا ويتر، گهڻيون ڳڻتيون ڪرڻ سان صحت تي تمام خراب اثر پوندو آهي۔
سدائين پنهنجو عزم اٽل ۽ حوصلو جوان رکڻ گهرجي۔ صحيح سالم حوصلي ۽ همت سان آڳ جو ساگر
بہ اڪري سگهجي ٿو۔ پهاڙن کي ٽڪي کير جا واھڙ
وهائي سگهجن ٿا، ٻن پهاڙن جي وچ مان
رستو ٺاهي سگهجي ٿو درياھ تہ ڇا ساگر مٿان
پل ٻڌي سگهجي ٿي۔ تمام طاقتور دشمن کي بہ
زير
ڪري سگهجي ٿو۔ باقي حوصلو ۽ همت هاري ويهڻ ۽ اميد جو دامن هٿن مان ڇڏي ڏيڻ ئي ناڪامي
۽ هار جو پهريون ڏاڪو يا مرحلو آهي۔ تنهنڪري هر حالت ۽ هر صورت ۾ اميد عزم ۽ حوصلي
کي قوي رکڻ گهرجي۔ پختي ايمان ۽ يقين ڪامل سان ترقيءَ
جون
سڀ حدون پار ڪندي منزل ماڻڻ گهرجي۔ با همت بندي کي الله پاڪ بہ پسند ڪري ٿو. جڏهن تہ
بي
همت بندي کان الله پاڪ بہ بيزار رهي ٿو۔
جنهن بہ شخص جو ايمان ڪامل ۽ يقين محڪم هوندو آهي، اهو وهمن وسوسن کان ڪوهين ڏور رهندو آهي۔
الله پاڪ تي ڪامل يقين کيس اميد جو دامن ڇڏڻ نہ
ڏيندو
آهي۔ چوڻي آهي تہ مايوسي ڪفر
آهي۔ پوءِ جنهن جو ايمان ڪامل هوندو آهي اهو ڪڏهن بہ مالڪ مان آس ناهي لاهيندو ۽ مسلسل پنهنجي
جستجو ۽ جاکوڙ جاري رکندو ايندو آهي ۽ نيٺ ڪاميابيءَ
سان
همڪنار ٿي منزل تي پهچي ويندو آهي۔ جڏهن تہ
مايوسيءَ جو شڪار ماڻهو آس نراس جي چؤواٽي تي اچي
ساڪن ٿي هڪ جاءِ تي جام ٿي ويندو
آهي ۽ اڳتي وڌڻ جي طاقت يا قوت ساري ناهي سگهندو۔ منزل تي اهي ئي پهچندا آهن جن جي
همت سدائين جوان رهندي آهي ۽ هو مايوسيءَ
جو
شڪار ناهن ٿيندا۔ الله پاڪ فرمائي ٿو تہ
الله
جي رحمت مان ڪڏهن بہ نااميد ٿيڻ
نہ گهرجي نہ
ئي
هٿ هٿ تي ڌري ويهي رهڻ گهرجي۔ پر روزانو نئين اميد سان جستجو ۽ جاکوڙ جاري رکندي اڳتي
جي سفر ۾ رهجي۔ جيستائين توهان گهربل منزل ماڻي نٿا وٺو۔ اڌ راھ ۾ بي همت ٿي ويهي نہ رهجي۔ ڇاڪاڻ تہ وهم ۽ وسوسا اميد کي ڪمزور ڪري وڌيڪ پريشان
۽ مايوسيءَ جو شڪار بنائي ڇڏيندا آهن۔ جيئن تہ اهڙا بي همت بندا ماڻهن کي منهن ڏيڻ يا فيس
ڪرڻ جي پاڻ کي قابل ناهن سمجهندا تنهنڪري مجموعي يا ميلي ۾ وڃڻ کان ڪيٻائيندا ۽ ڪترائيندا
آهن۔ هو هر ذميواري کڻڻ کان دور ڀڄندا آهن۔ ڇاڪاڻ تہ
انهن
۾ خود اعتمادي يا سيلف ڪانفيڊنس نہ هوندو آهي،
تنهنڪري نہ مان نہ
مان
ڪندا رهندا آهن يعنىٰ هردفعي سان
انهن جي موٽ منفي هوندي آهي۔ اهڙيءَ ريت هو پنهنجو
دامن ذميوارين کان بچائيندا ۽ ڪرائيندا رهندا آهن. چوڻ
جو مقصد تہ جن شخصن ۾ ايمان ڪامل هوندو آهي، اهي اميد
جي دامن کي ڪڏهن بہ ناهن ڇڏيندا
۽ پنهنجون ڪوششون هميشہ جاري و ساري
رکندا ايندا آهن ۽ اها همت ۽ حوصلو ئي سندن
ڪاميابيءَ جو وڏو راز سبب يا ضامن هوندو آهي۔ تنهنڪري بندي
کي ڪڏهن بہ نااميد ٿيڻ نہ گهرجي ۽ نہ
ئي
مسئلن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن۔
هر حال ۾ همت
۽ حوصلو برقرار رکڻ ئي ڪاميابيءَ جو مکيہ ۽ اهم سبب هوندو آهي۔ ڪمزور ذهن وارا،
گهٽ پڙهيل لکيل طبقو ئي وهمن ۾ وڌيڪ وٺجي ويندو آهي۔ پوءِ عاملن ۽ ٻاون جي ڪڍ ڊڪندي پنهنجو تمام گهڻو
نقصان ڪري ويهندا آهن۔ انهن پويان ڊڪڻ سان قيمتي وقت ۽ مالي تمام گهڻي ضايع ٿي ويندي
آهي پر هڙ حاصل ڪجھ بہ ناهي ٿيندو۔
تنهنڪري اهڙين غلطين ۽ حماقتن کان بچڻ گهرجي۔ ايمان ڪامل، سچي نيت ۽ اٽل ارادي سان
روز بروز اڳتي اڃا اڳتي وڌڻ کي پنهنجو نصب العين يا دستورالعمل بنائڻ گهرجي ۽ نت نئين
ڪاميابين سان همڪنار ٿي پرسڪون ۽ پرمسرت زندگي گهارجي ۽ ٻين جي پڻ انهيءَ سلسلي ۾ رهنمائي ڪندي کين منزل ڀيڙو ڪجي۔
اهو ياد رکڻ گهرجي تہ وهم ۽ وسوسا
ايمان جي ڪمزوريءَ جي علامت آهن۔
انکان سواءِ ٻيو ڪجھ ڀي ناهن ۽ اهي وهم وسوسا ئي ڪاميابيءَ جي راھ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿين ٿا ۽ اڳتي وڌڻ نٿا
ڏين۔
همت - مردان
مدد خدا، بي همت بندو بيزار- خدا۔
تنهنڪري همت
۽ حوصلي کي ڪڏهن بہ ڪمزور ٿيڻ نہ ڏجي۔
انسان کي الله
پاڪ انهن عظيم نعمتن سان نوازيو آهي جو جيڪڏهن همت حوصلي ۽ پختي قوت ارادي سان وڌڻ
چاهي تہ هو برن ۾ بازارون قائم ڪري سگهي ٿو۔ پٿرن
کي پاڻي مٿان تاري سگهي ٿو مڻين وزني هوائي جهازن کي هوا ۾ اڏائي سگهي ٿو، سيڪنڊن
۾ ساري دنيا سان رابطا قائم ڪري سگهي ٿو۔ ۽ نت نيون ايجادون ڪري دنيا کي حيرت زده ڪري
سگهي ٿو۔ تنهنڪري الله پاڪ جي رحمت مان ڪڏهن بہ
نااميد
ٿيڻ نہ گهرجي ۽ سدائين ڊگهي نظر منزل تي ئي رکڻ
گهرجي۔ ۽ مسلسل جدوجهد سان منزل کي ماڻي وٺجي،
ڪاميابين ۽ ڪامرانين سان سرخرو رهجي۔
الله پاڪ پهريون
در بند ٿيڻ کان اڳ ٻيو در کولي ڇڏيندو آهي۔ پکي پکڻن کي ڏسو ڪيئن اهي بي سرو سامانيءَ ۾ بہ
گذر
بسر ڪن ٿا۔ تنهنڪري هميشہ پراميد رهجي
۽ مايوس ٿي همت هاري نہ ويهجي۔
همت جوان،
منزل آسان۔
جي راھن
۾، رلڻو ناهي،
اميد جو دامن،
ڇڏڻو ناهي۔
جي اڳتي، وڌڻو آهي،
اميد تي، قائم
رهڻو آهي۔