ظاهر ۾ مرڪون،
خوشيون، ۽ سٺين ڳالهين جو ڏيک ڏيکاءُ، پر اندر ۾ زهر، حسد ۽ بدنيتيءَ جو طوفان۔ اهڙيءَ ريت اڄ جو انسان پنهنجي حقيقي سٺائي وڃائي
چڪو آهي۔ هاڻي ظاهري سجاوت ۽ بناوت ئي باقي سڀ ڪجهہ
بڻجي
ويو آهي۔ بيوڙا صرف تماشو نہ ڪندا آهن، پر
ماڻهن جي دلين تي زخم لڳائيندا آهن، ۽ پوءِ انهن تي لوڻ ٻرڪي، مرڪون ورهائيندا آهن۔
اهي ماڻهو،
جيڪي ٻئي جي خوشيءَ ۾ بہ ڏک ڳولين ٿا،
جيڪي سچ ڳالهائيندڙن تي چٿرون ڪن ٿا، جيڪي ڀلائيءَ جي عيوض برائي ڪن ٿا، سي ئي سماج
جا اصل بيوڙا ڪردار آهن۔ سندن نيتن ۾ زهر ڀريل هوندو آهي، سندن ڳالهين ۾ طنزن جا تير،
۽ سندن دل ۾ بي حسيءَ جي ڀڀڙ باه ڀڙڪندي رهندي آهي۔ اهڙا ماڻهو
ٻين جي خلوص جو مذاق اڏائين ٿا، محبت جي جذبي کي ڪمزوري سمجهن ٿا، ۽ سادگيءَ کي بيوقوفيءَ
جو نالو ڏين ٿا۔ اهو ئي تہ الميو آهي تہ، اڄ جو سماج بيوڙن جي هٿن ۾ اچي ويو آهي۔ هو پنهنجي
زهر کي ”فن“۽ ”فراست“جي نالي ۾ لڪائين
ٿا۔ سچ ڳالهائيندڙن کي ”احمق“سڏين ٿا، ۽
مڪار کي ”هوشيار“ بڻائي
پيش ڪن ٿا۔ اهڙي سوچ، انسانيت جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيندي آهي۔
بي وڙن جي،
رنگين دنيا،
ڏاڍي آهي، سنگين دنيا۔
بيوڙن جي اها
رنگين دنيا دراصل هڪ نفسياتي ڄار آهي۔ جنهن ۾ بيوڙا ڪردار ڦاٿل آهن، هو ڪنهن جي تعريف
ڪري بہ، دل ۾ نفرت رکندا آهن۔ ڪنهن جي مدد ڪري بہ، مقصد پنهنجو رکندا آهن۔ انهن جي زبان مٺي، پر
نيت ۾ تيزاب واري تيزي ساڙو ۽ جلن هوندي آهي۔ اهي
پنهنجو پاڻ کي عقل ڪل جو مالڪ سمجهن ٿا، پر حقيقت ۾ انهن جي سوچ جون ديوارون اندر ئي
اندر ڊهي ڀڄي ڀري چڪيون آهن۔ ٻين لفظن ۾ سندن سوچ کسي ٿي چڪي آهي يا سطحي ۽ مفادي سوچ
جي ور چڙهي وئي آهي۔
جيڪو ماڻهو
ٻين تي طنزن جا تير تاڻي ٿو دليون رنجائي ٿو، اهو اصل
۾ پنهنجي ضمير جي قبر تي ناچ ڪري رهيو آهي۔ اهڙا بيوڙا، سماج ۾ روشنيءَ جا ازلي دشمن
۽ انساني عزت جا قاتل آهن۔ انهن جي رنگين محفلن ۾ سچ جو ڪو قدر نہ هوندو آهي، صرف ڏيکاءُ، دوکو ۽ ڊرامو ئي
هوندو آهي، پر اڃا بہ
اميد
باقي آهي۔ جڏهن بہ ڪو سچو، دل
وارو انسان اُٿي، بيوڙائپ جي خلاف آواز اٿاري ٿو، تڏهن دنيا ۾ روشنيءَ جو هڪ نئون ڪرڻو
چمڪي پوي ٿو۔
سچائيءَ جا
ڏيئا اڃا وسيا ناهن، فقط انهن تي دز چڙهي وئي آهي۔ جيڪڏهن هر انسان پنهنجو ضمير جاڳائي،
تہ بيوڙن جي رنگين دنيا پاڻمرادو بي رنگ ٿي
ختم ٿي ويندي۔ سچ، خلوص، ۽ رحم دلي اهي ئي اصل زيور آهن، جيڪي
بيوڙن وٽ ناهن۔ ۽ اهي ئي زيور انسان کي انسان
بڻائين ٿا۔
حاصل مقصد
۽ مرڪزي خيال:
بيوڙن جي رنگين
دنيا دراصل بدنيتي، خودغرضي ۽ طنزن جي دنيا آهي، جتي ماڻهو ڀلائيءَ جي بدلي برائي ڪن
ٿا، ۽ ٻين کي رنجائڻ ۾ خوشي محسوس ڪن ٿا۔ سماج
کي انهن کان بچائڻ لاءِ، ضروري آهي تہ
هر
فرد پنهنجي نيت کي صاف رکي، ۽ خلوص کي پنهنجو سچو رنگ ڍنگ ڏي ۽ ھميشہ لاءِ
شعار
بڻائي۔ سچائي، محبت، ۽ رحم ئي اهي قوتون آهن، جيڪي بيوڙن
جي رنگين پر زهرآلودہ دنيا کي بي
نقاب ڪري سگهن ٿيون۔ هيءَ دنيا چئن ڏينهن جو چهچٽو يا چئن ڏينهن جي
چانڊوڪي آهي، تنهنڪري خوشيون ورهايو، همدردي ڪرڻ سکو۔ دليون رنجائي، بد دعائون نہ کڻو۔ دراصل ساڙ حسد، اڻسهپ اهي سڀ ذهني
۽ سوچ جون بيماريون آهن۔ ساڙ حقيقت ۾ پنهنجو ئي اندر ساڙيندو آهي۔ نيڪيون ڪري پنهنجا
ٻئي جھان سنواري وڃو ۽ نيڪ نامي ڪمايو۔ بيوڙن
کان دنيا نفرت ڪري ٿي ۽ محبتي ماڻهن کي دنيا اکين ۽ دلين ۾ ضرور جايون ڏيندي، جڏهن
ڀلي بري جي سڃاڻ سڀ ڪنهن کي ٿي ويندي۔

