سنڌ جي ثقافت، روايت، محبت، مند ۽ موسم، خوشبو ۽ ماروئڙن جو احوال: ڀلوڙ راڳي احمد مغل پاران ڳايل سٽن سان گڏ ـ ارشاد علي پنھور

هي ڌرتي منهنجي ٻولي جي،

هي ڌرتي ڏور پرولي جي،

هي ڌرتي جهومر لولي جي،

هي ڌرتي چـُنري چولي جي،

ھي ڌرتي اجرڪ لوئي جي،

هي ڌرتي ڏونرن ڏوئي جي،

هي ڌرتي ميگهه ملهارن جي،

هي ڌرتي سانوڻ جي وسڪارن جي.

راڳي احمد مغل صاحب پاران ڳايل هن شعر جون سٽون رڳو لفظن جي ڄاڻ ئي نہ، پر سنڌ جي ڌرتيءَ جو اھڙو، رنگين منظرنامو آهن، جيڪو صدين کان، سنڌ جي ماڻهن جي دلين اندر، رچي ۽ پچي رھيون آهن. انهن سٽن منجھ، سنڌ جي صدين جي پرگھور ڀري ثقافت، روايت، محبت، مند ۽ موسم، ھن ڌرتيءَ جي خوشبو ۽ ماروئڙن جي سچائيءَ جي عڪاسي پڻ آهي.

سنڌ، جيڪا سونهن جي سرزمين آهي، جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تاريخي تهذيب جي خوشبو رچيل آهي.

جنهن لاءِ جڏهن ڪو شاعر چوي تہ:

هي ڌرتي منهنجي ٻولي جي: تہ ان اندر سنڌ وطن سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جي اوسر، سندس جو مٺاس، سونهن ۽ صدين جي سڃاڻپ جو احترام پڻ شامل آهي.

سنڌي ٻولي، اسان سنڌين لاءِ رڳو ڳالهائڻ جو وسيلو ئي نہ، پرهڪ پوري تهذيب، احساس ۽ فڪر جي سڃاڻ آهي.

هي ڌرتي ڏور پرولي جي: هن سٽ ۾، سنڌ سادڙن پر سونهن سان ڀرپور ماڻهن کي تشبيهہ ملي ٿي، جيڪي ڏور ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندي بہ پنهنجي اباڻي ثقافت، پنهنجي سرزمين ۽ اباڻي ڪرت سان جڙيل آهن. جيڪي من اندر جا اجرا ۽ ڀرپور مهمان نواز آهن.

هي ڌرتي جهومر لولي جي: سنڌ جي تاريخي ثقافت ۾ لولي ۽ جهومر جو الڳ ئي مقام رھيو آهي. جنهن اندر ماءُ جي محبت جو ڏيک سمايل آهي، جيڪا جھڙوڪ ڪنهن ٻار کي سُمهاريندي سندس دل ۾ محبت جا ٻج پوکيندي ھجي. جنهن ڌرتي جا ماڻهو ھر حال ۾ خوشي منجھان، جهومر ھڻي نچن ٿا ۽ ڌرتيءَ جي سونهن کي ڳائيندا رھن ٿا. جيڪا سنڌ جي خوشين، محبتن ۽ گڏيل سماج جي علامت پڻ آهي.

هي ڌرتي چُنري چولي جي: سنڌ جي ثقافتي سونهن ۾ سنڌي عورتن جي لباس ۾ چُنري ۽ چولي هڪ تاريخي سڃاڻپ رکندڙ آهن. جيڪو اوڙھيل ڪنهن ڪپڙي کان وڌيڪ پر وقار روايتن جو رنگ آهن. سنڌ ڌرتي هميشہ عورت جو احترام، سندس لاءِ حوصلو ۽ ثقافتي شان جي علامت رهي آهي. هي سٽ انهن سڀني عورتن لاءِ سلام پيش ڪرڻ مثل آهي، جيڪي سندن گهرن ۽ سماج کي محبت ۽ احترام سان سنڀالين ٿيون.

هي ڌرتي اجرڪ لوئي جي: سنڌ اندر اجرڪ کي سنڌ جي سڃاڻپ جو سڀ کان منفرد مقام مليل آهي، جيڪو سموري دنيا ۾ مشهور آهي. اجرڪ سان محبت ۽ عزت، روايتن طور ۽  علامتي شامل آهي. جڏهن ماروئڙن وٽ ڪو مهمان اچي، تہ کيس اجرڪ اوڙھائي پنهنجي دل جو احترام پيش ڪيو ويندو آهي. جيڪا سنڌ جي سڃاڻپ جي نقشي طور ڏسجي ٿي.

هي ڌرتي ڏونرن ڏوئي جي: هي سٽ سنڌ جي ڳوٺاڻن ماڻهن ۽ سندن ڳوٺن جي روزمرہ جي زندگي ڏانھن اشارو ڪندڙ آهي، جتي اڄ بہ مٽي جا ٿانو گھرن جي سونهن بڻيل آهن. جيڪي سالن کان اڄ بہ ثقافتي ورثي طور موجود آهن. جيڪي ماروئڙن جي سادگي ۽ ڌرتيءَ سان لڳاء جو هڪ عملي اظهار پڻ آهن.

هي ڌرتي ميگهہ ملهارن جي: سنڌ جي سونهن ھتي جي موسم سان پڻ جڙيل آهي، جنهن ۾ بادلن جا آسيرا ۽ ھتي جي موسيقي ۽ راڳ، هن ڌرتي جي خوشبوء کي کيڙيندڙ لڳن ٿا. بادلن جو برسڻ، ملهارن جو ميل ۽ مٿان ڳوٺن جا راڳ ۽ سر عجب نظارو پيش ڪندڙ ھوندا آهن. اهي سڀ سنڌ جي روحاني ۽ فطري سونهن جو حصو آهن.

هي ڌرتي سانوڻ جي وسڪارن جي: سانوڻي جي موسم، سنڌ اندر مينهن سان گڏ، زندگي جا ڪئي نوان رنگ کڻي ايندي آهي. جنهن جي مينھوڳي کانپوءِ، جتي سنڌ جي زمين سرسبز ٿي پوي ٿي، اتي سنڌ جي سماج ۾ ھڪ الڳ خوشبو پکڙجي وڃي ٿي، ھتي جا ٻني ٻاري آباد ٿي وڃن ٿا.

مٿين سٽ ۾ سنڌ جي زرخيز زمين، ان جي اميدن ۽ جياپي جو شاعراڻو مظهر آهي. احمد مغل صاحب جي ڳايل انهن سٽن سان، سنڌ جي ڌرتيءَ جو هڪ اهڙو خوبصورت نقشو ٺھي پوي ٿو، جنهن اندر ٻوليءَ جي خوشبو، ثقافت جا رنگن سان ڀرپور، سنڌي عورتن جي سونهن، ماروئڙن  جي سادگي، ملهارن جا راڳ ۽ سانوڻ جي وسڪارن منجھ ٻھڪندڙ جي زندگي جو ڀرپور اظهار موجود آهي.

شال رب ڪريم رھندي ڏينهن تائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي شاد آباد رکي.


Previous Post Next Post