مورو شهر جي
سڃاڻپ، صوفي مزاج ۽ انسان دوست شخصيت حڪيم غلام مصطفىٰ ڪانڌڙو نه رڳو هڪ ماهر حڪيم
هو، پر اخلاق، نوڙت ۽ خلقِ خدا جي بي لوث خدمت جو زنده مثال به هو، هوءَ
حڪمت
سان گڏ صوفي طبيعت جو مالڪ هو، جنهن جي زندگي محبت، سادگي ۽ انسانيت لاءِ وقف هئي.
مورو جا رهواسي
هجن يا پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ماڻهو، سڀ حڪيم غلام مصطفىٰ وٽ علاج ڪرائڻ ايندا
هئا۔ خاص ڳالهه اها هئي ته هو غريبن، مسڪينن ۽ بي پهچ ماڻهن جو علاج بنا ڪنهن فيس جي
ڪندو هو. هوءَ
ڪڏهن
به مريضن کان رقم جو مطالبو نه ڪندو هو، هميشه چوندو هو: ”جيڪو دل چوي، سو ڏيو“.
حڪيم صاحب هر
مريض سان نهايت اخلاق، ادب ۽ همدردي سان پيش ايندو هو۔ سندس نياز نوڙت، نرم لهجو ۽
انسان دوست رويو، هر ڪنهن کي
متاثر ڪري ڇڏيندو هو۔
هو جيڪا حڪمت
واري دوا ڏيندو هو، ان جو اثر مريضن کي جلد محسوس ٿيندو هو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي شفا
نصيب ٿيندي هئي۔
سندس ڪلينڪ
ڪانڌڙا ڪالوني، مورو ۾ واقع هئي، جتي نه رڳو سڄي سنڌ پر ٻين صوبن مان به ماڻهو علاج
لاءِ ايندا هئا۔ سندس انسانيت لاءِ ڪيل
بي مثال خدمتن جي اعتراف طور کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز پڻ ڏنا ويا، جيڪي سندس عظمت
۽ خدمتن جو روشن ثبوت آهن۔ سندس وڇوڙو
انسانيت لاءِ هڪ وڏو خال آهي، جيڪو شايد آساني سان ڀري نه سگهجي۔
حڪيم غلام مصطفىٰ
ڪانڌڙي جون انسانيت لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ تاريخ ۾ سونهري لفظن
سان لکجڻ جوڳيون آهن۔ الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس
۾ اعلىٰ مقام عطا فرمائي۔ آمين.

