ميڪسم گورڪي ـ جنهن جي تحريرن مظلوم انسانن کي جئيڻ سيکاريو ـ نثار لغاري

اسين هن وقت جن حالتن مان گذرون پيا، يورپ توڙي ٻي دنيا لاءِ اهي نيون ناهن. جنگ، بک، بدحالي، افلاس، سماجي قدرن جو وکرجڻ وغيرہ پر اتي ميڪسم گورڪي جهڙا اديب پيدا ٿيا جن ادب وسيلي پنهنجي تحريرن وسيلي جئيڻ جا نوان گس سيکاريا، هن سيکاريو تہ زندگي ڪيتري خوبصورت آھي. مشڪل کان مشڪل ترين حالتن ۾ زندا ڪئين رهجي.

سندس لکڻين ادب جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، هن وقت جيتوڻيڪ هو جسماني طرح اسان کان ڪافي سال اڳ وڇڙي ويو آھي پر سندس تحريرون سندس انداز بيان ايترو قهر جو آھي جو جيڪو کيس هڪ ڀيرو پڙھي ٿو هو ان کي بيچين ڪري ڇڏيندو آھي. هن وقت تمام گهڻو پڙھيو ويندڙ اديب گورڪي آھي. روس جي آڪٽوبر انقلاب ۾ بہ سندس تمام وڏو ڪردار هو سندس تحريرن خاص طرح ماءُ“ ناول سموري بالشويڪ پورهيت انقلاب کي ناول جي صورت ۾ سڀ ڪجهہ سمجهائي ڇڏيو هو.

ميڪسم گورڪي هڪ يتيم لاوارث ٻار مان هڪ عظيم ليکڪ بڻجي ٿو. اهو سندس ذاتي زندگي تي لکيل ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو، هو ڪئين محنت، مزدوري ڪندي ڪتاب پڙھندو رهي ٿو. سخت مشقت کان پوءِ وري جيڪو ڪتاب مليس ٿو اهو پڙھي ٿو.

هو ڪڏھن بہ اسڪول نٿو وڃي پر سندس فڪري سطح جي بلندي ڪردار سازي سماج توڙي ان ۾ موجود ڪردار کيس سيکارين ٿا هو پنهنجي زندگي ۾ آيل هڪ هڪ ڪردار کي امر ڪري ٿو ڇڏي. سندس لکڻين ۾ اهو سبق ملي ٿو تہ زندگي ۾ ڀلي ڪيتريون بہ تڪليفون اچن پر توهان کي انهن مان پار پوڻو آھي، شڪست نالي ڪو لفظ سندس زندگي ۾ ناهي.

گورڪي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ جنهن عظيم هستيءَ جو بار بار ذڪر ڪري ٿو، اها سندس ناني آھي. هن کي جيڪي بہ ياد آھي ان موجب هو نانيءَ کان زندگي جا ڪجهہ سبق سکي ٿو، خاص طرح مظلوم مجبور انسانن سان پيار، ماڻھن جو احساس کيس ناني سيکاري ٿي. جيڪڏھن هن جي ناني نہ هجي ها تہ شايد گورڪي زندہ بہ نہ رهي سگهي ها ڇو تہ هن بي رحم دنيا ۾ کيس اهائي عظيم هستيءَ کيس سنڀالي ٿي.

ميڪسم گورڪي پنهنجي پيءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ پنهنجي ماءُ کي مسلسل ڏکن ۾ ڏسي ٿو ان وقت بہ روس ۾ ماڻھو معمولي بيمارين ۾ مري ويندا هئا يا هميشہ لاءِ بيمار ٿي ويندا هئا، جئين هن وقت اسان جي سماج ۾ ٿئي ٿو. هزارين انسان مليريا، بک، ٽي بي، ڪاري سائي ۾ مري ٿا وڃن پر حڪمران طبقن کي ڪو احساس نٿو ٿئي.

گورڪي جي ڪهاڻين ۽ مضمونن روس ۾ انقلاب لاءِ زبردست حالتون پيدا ڪيون. خود ميڪسم گورڪي بالشويڪ پارٽي جو ميمبر ٿي ڪم ڪري ٿو. هن انقلاب جي اهم خاصيت اها هئي جو هن جي اڳواڻي اديبن پئي ڪئي.

دنيا جي مشهور ليکڪ، ناول نگار، خاص ڪري ناول ماءُ جي حوالي سان شھرت رکندڙ ميڪسم گورڪي 28 مارچ 1868ع تي جنم ورتو، جڏهن تہ 28 جون 1936 تي وفات ڪئي، ميڪسم گورڪي جو اصل نالو اليڪسي ميڪسيمووچ  پيشڪوف ھو، ھي اڃان ننڍڙو ئي ھو تہ سندس والد وفات ڪري ويو، سندس ماءُ ٻي شادي ڪري ڇڏي ۽ جلد ئي بيمار ٿي وفات ڪري وئي، سندس نانا گورڪي کي گھران ڪڍي ڇڏيو، ھن پھرين جوتن جي ھڪ دڪان تي ڪم ڪيو، ان کان پوءِ ھڪ جھاز جي باورچي خاني ۾ ٿانو ڌوئي پيٽ گذر ڪيائين، ان باورچي ئي کيس ڪجهہ تعليم ڏياري، ان کان پوءِ ھي ھڪ عورت وٽ نوڪري ڪرڻ لڳو، جيڪا موسيقي ۽ شعر و شاعريءَ جو شوق رکندڙ ھئي، گورڪي کي بہ ان وٽ ادب سان لڳاءُ پيدا ٿيو، ڪجهہ عرصي ۾ هن جي دوستي ڪجهہ اھڙن نوجوانن سان ٿي جن ھن کي انقلاب پسند بڻائي ڇڏيو، ان کان پوءِ ھي ڪجهہ وقت ماسڪو ۾ رھيو، اتي ھي ھڪ وڪيل وٽ رھيو ۽ ان جي صحبت ۾ رھي ھي ڪھاڻيون لکڻ لڳو، سندس پھرين ڪھاڻي 1892ع ۾ ڇپي۔ 1898ع ۾ سندس ڪھاڻين جا ٻہ مجموعا شايع ٿيا، ان کان پوءِ ھي پيٽرز برگ ۾ رھڻ لڳو، جتي ھن ڪارل مارڪس کي پڙهيو ۽ اشتراڪيت جي تعليم حاصل ڪئي، 1900ع ۾ کيس ملڪ بدر ڪري نووگورود موڪليو ويو، 1905ع ۾ انقلاب روس جي تحريڪ شروع ٿي تہ کيس گرفتار ڪيو ويو، پر يورپ سميت سڄي دنيا جي ناراضگي سبب گورڪي کي آزاد ڪيو ويو، ان کان پوءِ گورڪي آمريڪا ھليو ويو، ان کان پوءِ اٽلي ويو، سندس تصنيفن ۾ چلڪاس (1895ع)، ھم سفر (1896ع)، مالوا (1897ع ماءُ (1907ع) وغيره شامل آهن.

ميڪسم گورڪي نوجواني ۾ پنهنجي زندگي جي باري ۾ ٽن حصن تي مشتمل لکيون هنيون جنهن جا عنوان هي هنيا، ننڍپڻ، ماڻهن جي وچ ۾ ۽ منهنجون يونيورسٽيون. اصل ۾ گورڪي ڪنهن بہ يونيورسٽي مان تعليم حاصل نہ ڪئي هئي، ميڪسم يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪيون هنيون پر انقلابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڪري سندس کي ڪيترائي دفعا گرفتار ڪيو ويو هو ۽ پوليس سندس هر وقت نگراني ڪرڻ لڳي هئي. جنهن ڪري هو يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل نہ ڪري سگهيو. اُن ئي زماني ۾ گورکي مختصر ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. سندس ڪوشش انتهائي ڪامياب ثابت ٿيون ، پنهجي ناولن ۽ ڊرامن ۾ مڪسيم گورکي روس جي تاريخ ۽ اُن دور جي ڏکين حالتن ۽ نئي سماج جي وجود ۾ اچڻ جي باري ۾  تمام گهڻو تفصيل سان لکيو آهي. اُنهن لکڻين جي ذريعي ميڪسم کي وڏي شهرت حاصل ٿي اُن جو مشهور ترين لکيل ناول ماءُ“ آهي، جنهن ۾ اُن نئي قسم جا ڪردار اُڄاگر ڪيا  عالمي سطح جي اديب جي حيثيت ۾ گورڪي ڪيترائي رزميہ داستان لکيا. اُن کان علاوہ ڪيترائي ڊراما جيڪي اڄ قابل توجہ آهن.

ميڪسم گورڪي کي انتهائي ڏکئي زماني ۾ جئيڻ نصيب ٿيو هو، جڏهن روس ۾ هڪد  بعد ٻين ٽي انقلاب برپا ٿيا، گهرو جنگ ۽ ٻيون ڪيتريون تخريب ڪاريون ٿيون هنيون. گورڪي اشتراڪي اصلاحن جو حامي هو. هڪ فنڪار جي طور تي هن ملڪ جي نئي حاڪمن جي پاليسين کي  تنقيد جي  نگاه سان ڏسندو هو. هو ڊگهي عرصي تائين ٻين ملڪن ۾ ايندو ويندو هو. اُن ڪري اُنهن  مختلف ملڪن ۾ ٿيڻ واري سماجي اُٿل پٿل جو جائزو وٺڻ جو موقعو مليو هو. جنهن ڪري هن جي ذهن ۾ هو تہ روس جا نوان حڪمران ڪيتريون ئي غلطيون ڪري رهيا آهن، اُن باوجود تہ حڪومت اُن کي پنهنجي تصورن جو ترجمان بنائڻ لاءِ ڪوشان هئي پر پوءِ بہ گورڪي حڪومت جا ڳڻ ڳائڻ ۾ ڪا بہ جلد بازي نہ ڪئي.

ميڪسم گورڪي هڪ عظيم شخص هو، هو اخلاقي اصولن جو وڏو قدر ڪندو هو. هڪ غريب شخص مان وڏي اديب ۾ تبديل ٿيڻ باوجود اُن جي ماڻهن سان همدردي گهٽ نہ ٿي، گورڪي عوام جي لاءِ گهڻو ڪجھ ڪيو، هن کي ڪيترن ئي ماڻهن مالي ۽ نفسياتي مدد جي درخواستون ڪيون، هن جو جيترو وس هلندو هو، اُنهن سڀنين جي مدد ڪندو هو.

ميڪسم گورڪي جو نالو جيتوڻڪ سنڌ ۾ نئون ناهي سندس لکڻين کي اڄ بہ سنڌ ۾ تمام گهڻو پڙهيو ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو. مڪيسم گورڪي جي لکڻين جوسنڌي ٻولي سميت ننڍي کنڊ توڙي دنيا جي بي شمار غير ملڪي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. هن مشهور اديب جي ياد دنيا جي مّظلوم قومن توڙي  ملڪن ۾ اڄ بہ زندہ آهي. مثال طور انڊيا جي شهر ڪلڪتا ۾ مڪسيم گورڪي جي نالي سان هڪ روڊ منصوب ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي ڪلبن کي ميڪسم گورڪي جو نالو ڏنو ويو آهي. روس ۾ ڪيترائي روڊ ، جهاز ۽ ٿيٽر وغيرہ گورڪي جي نالي سان  منصوب ڪيا ويا آهن ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ سندس جا مجسما لڳايا ويا آهن.

ميڪسم گورڪي جو مشهور قول آھي تہ: انسان چَوَرائڻ لائق صرف اُھي ماڻهو آھن، جن پنهنجي زندگي انساني ذھنن کي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هجي.

ميڪسم گورڪي چوي ٿو تہ: ”دُنيِا ۾ چورن جا ٽي قسم ٿيندا آهن، عام چور، سياسي چور ۽ مذھبي چور.“ عام چور: عام چور اُھو جيڪو پنھنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ رقم، سون، چوپايو مال، گھريلو سامان، گھڙيون، موبائيل فون وغيرہ چوري ڪندو آهي. سياسي چور: سياسي چور اُھو جيڪو توھان جو مُستقبل، خواب، خواهشون، زندگيءَ، حق، تعليم، اُجورو، قابليت، ساک، وقار، قوميءَ سرمايو ايتري قدر توھان جو ٽيڪس بہ چوري ڪندو آهي. ۽ توھان کي جھالت، اونداهيءَ ۽ اذيت ڏانهن ڌڪڻ جي پوريءَ ڪوشش ڪندو آھي ۽ مذھبي چور: مذھبي چور اھو آھي جيڪو توهان کي خُوبُ صُورت دُنيا ۽ خوشيءَ، توھان کي ھمت ۽ طاقت، توھان کي سائنس ۽ علم،  عقل ۽ دانش، صحت، مال ۽ ملڪيت جھڙين شين کان محروم ڪندو آهي. بدلي ۾ توھان کي وھم،  لاعلمي، خوف، ذھني پريشاني، غُربت ۽ بدحالي، زندگيءَ کان بيزاريءَ ڏيئي اُن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهن.

اِنھن چورن جي ٽنھيءَ قسمن ۾ دلچسپ فرق اِھو آھي تہ عام چور اوھان جو انتخاب ڪندا آهن. سياسي چور جو انتخاب اوھين ڪندا آھيو ۽ مذھبي چور جي چُونڊ اوھان جي لاعلمي ۽ خوف ڪندو آهي. آخريءَ ۽ وڏو فرق اِھو آھي تہ عام چور جو قانون پوليس ذريعي پيڇو ڪندو آهي. گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، ھٿڪڙيون ھٿ ۾ وجھي جيل ۾ وڌو ويندو آهي، سزا ڏني ويندي آهي، پر سياسي ۽ مذھبي چور!! ٻئي قانون، رياست ۽ پوليس ذريعي محفوظ رھندا آھن.



Previous Post Next Post