فلسفي جو علم روء زمين تي
جنم وٺندڙ ڏاھن پاران ڏنل انسانذات لاء ھڪ اھڙو ڏاھپ سان سرشار اڻملھ ڄاڻ جو
سرچشمو آھي جيڪو اسان کي ڏاھپ جي آسودگي بخشيندي عام انسانن جي اکين کان اوجھل
انيڪ ڪائيناتي لڪائن تان اڻڄاڻائي, بي سمجھي ۽ انڌي عقيدي پرستي جا چڙھيل خول
لاھيندي منطقي بنياد تي ڪائيناتي جي فطري لڪائين توڙي خلاقيات, منطق, سياست ۽
جماليات جھڙي ٻين انيڪ موضوعن متعلق ڏاھپ ڀري سمجھاڻي ڏئي ٿو ۽ تنقيدي شعور جي
آڌار تي دنيا کي ڄاڻڻ, سمجھڻ ۽ پرکڻ جو گس ڏسي ٿو٠ اھو
ئي سبب آھي جو فلسفي جي سمجھاڻي ڏيندي عظيم جرمن
مفڪر ۽ سائنسي سوشلزم جي باني ڪارل مارڪس لکيو آھي تـ, " فلسفو اوھان وٽ
موجود فلسفياڻين ۽ مذھبي ڳالھين بابت مختلف نموني سان ڳالھايئي ٿو٠ اوھان انهن
بابت اڀياس ڌاران ڳالھايو ٿا, اھو اڀياس کانپوء ئي ڳالھائي ٿو, اوھان ڦٽڪاريو ٿا, اھو سيکاري ٿو٠
اوھان ڌرتيء ۽ جنت جا دلاسا ڏيو ٿا; اھو سچ کانسواء ڪو بـ وچن نٿو ڏي٠ اوھان
پنهنجي عقيدي ۾ عقيدو گھرو ٿا, اھو پنهنجي نتيجن ۾ عقيدو نٿو گھري پر شڪ رکي ٿو٠
اوھان ڊڄاريو ٿا, اھو آٿت ڏئي ٿو٠" مارڪس جي مٿين ڳالھ جي روشني ۾ يقيني طور تي
ائين چئي سگھجي ٿو تـ فلسفو سچائي جي اڻٿڪ سفر جي ڳولا ۾ ۽ انسانن جي اجتمائي
مفادن واري حاصلات جي پنڌ ۾ مقصد طرف رسائيندڙ ھڪ اھم, بنيادي ذريعو ۽ ھٿيار جي
حيثيت رکندڙ علم آھي٠
اسان وٽ سنڌي ادب ۾ ڏٺو
وڃي تـ فلسفي جھڙي موضوع تي بنھ گھٽ لکيو ويو آھي ۽ جيڪڏھن ڪي چند ٿورڙا آڱرين تي
ڳڻڻ جيترا ڪتاب آھن, تڏھن بـ انهن جو ڳاڻيٽو ٻن ٽن ڪتابن کان وڌيڪ نـ ٿيندو٠
فلسفياڻي خيال جي اڻاٽ ۽ ڏڪار واري صورتحال ۾ نويد سنديلي جو ھيء ڪتاب 'فلسفي جي
تاريخ' (قديم ۽ ڪلاسيڪي دور) اسان جھڙي پڙھندڙن جي بنجر ذھنن تي ٿر ۾ وٺل بارش
جھڙو ڪم ڪيو آھي٠ يقينن نويد سنديلي جو ھيء ڪم انتھائي ساراھ جوڳو آھي جنهن وسيلي
ھن سنڌي پڙھندڙن کي فلسفي جون مھلائتيون مسرتون پھچائي, فلسفي جھڙي اھم ۽ فڪري
موضوع تي شاندار ڪتاب سنڌي ادب جي جھولي ۾ وڌو آھي٠
نويد سنديلي جو ھيء 393
صفحن تي آڌاريل ڪتاب, ٻن ڀاڱن 'قديم دور' ۽ 'ڪلاسيڪي دور' تي ٻڌل ۽ چوڏھن بابن تي مشتمل آھي٠ جيڪو سنڌ جي نج
ٻھلاڙي جي ٻولي ۾ انتھائي خوبصورت لفظن سان ۽ وڻندڙ انداز ۾ لکيو ويو آھي٠
ھن ڪتاب ۾ ليکڪ طرفان
يونان جي قديم دور واري ڏند ڪٿائن, مذھبي ۽ ادبي رويايتن جي شروعات کان وٺي ۽ انهن
منجھان ڦٽي نڪتل ڏاھپ ڀري شروعاتي ٿاليس جي فلسفياڻي خيالن, ماليشيائي مڪتب فڪر,
پيٿاگوريائي مفڪرن, ايليائي مڪتب فڪر, ھيراڪليٽس, ليوسي پس جي جوھري ۽ چونڊ پسند
فلسفي, ڊيموڪريٽس ۽ ٻين فلسفين جي فڪري نظرين تي ڳالھائيندي, يوناني فلسفي جي
ڪلاسيڪي دور جي سوفسطائي دور, سقراط ۽ ان کانپوء جي اڌ سقراطي سائرينائي ۽ ميگرائي فلسفين, افلاطون ارسطو ۽ ايپي ڪيورس
تائين جي فلسفياڻي فڪر ۽ سندن نظرين جي مختلف پاسن تي جامع انداز ۾ روشن وجھندي
ڏاڍي اثرائتي نموني فلسفياڻي فڪر جي تاريخي ارتقا کي بيان ڪيو ويو آھي٠
ھزارين سالن جي انساني
فڪر جي تاريخ ۾ انسان فطرت ۽ ڪائنات جي لڪائن کي ڄاڻڻ ۽ سمجھڻ لاء ڪوشان رھيو آھي
۽ فطرت جي پرتجسس لڪائن جو پيڇو ڪندي ڏاھپ جي امرتا ماڻڻ لاء پاڻ پتوڙيندو رھيو
آھي٠ پر تجسس ڀري ان سفر ۾ انسان ڪھڙيون ارتقائي منزلون ماڻيندو فلسفياڻي فڪر
تائين رسيو آھي؟ فلسفو/ ڏاھپ ڪھڙن سرچشمن مان ڦٽي نڪري ٿي؟ ان جي امرتا ڪيئن ماڻي
سگھجي ٿي؟ اھا ڪھڙا مقصد آڇي ٿي؟ اھي, اھي بنيادي سوال آھن جيڪي فلسفياڻي فڪر جي
شروعات ۽ ان جي مقصد جي حوالي سان انتھائي اھم ۽ غور طلب آھن٠ جن جا جواب ھن ڪتاب
۾ نويد سنديلي طرفان انتھائي سرل انداز ۾ ڏنا ويا آھن٠ ھونء تـ ھيء ڪتاب فلسفي جي
تاريخ تي جامع انداز ۾ لکيو ويو آھي پر ھتي ھن مختصر تبصري ۾ ڪتاب جي سڀني پاسن تي
ڳالھائڻ ممڪن ڪونھي ۽ جي لکيو بـ وڃي تـ اسان جھڙي فلسفي جي شروعاتي ننڍڙي شاگردن
طرفان انصاف ڪري نـ سگھبو تنهنڪري ھن ڪتاب بابت مان پنهنجي (ننڍڙي) سمجھ جي آڌار تي
مختصر نموني انهن موضوعن تي راء پيش ڪندس جيڪي فلسفي جي فڪر جي ارتقائي تاريخ جي
اوسر تي روشني وجھن ٿا٠
انسان فڪر جي ارتقائي
تاريخ ۾ ڪھڙيون منزلون ماڻيندو فلسفي جي فڪر تائين رسيو آھي؟
انساني فڪر جي تاريخ کي
فلسفي تائين رسائڻ ۾ جن بنيادي شين ڪردار ادا ڪيو آھي, اھي آھن, اوائلي دور جون مذھبي ديومالائي ڏندڪٿائون
جن ۾ انسان پنهنجي پرتجسس سوالن جا جواب تلاش ڪرڻ ۽ آٿت ڀري سچائي تائين رسڻ جي ڪوشش
ڪئي ھئي٠ جنهن جي نتيجي ۾ قديم يوناني ادب ۽ فن جا اھي سرچشمان ڦٽي نڪتا جن ھومر, ھيسيڊ,
سولون, فوسيلائيڊس, ٿيو جنس, سئفو ۽ الڪايوس جھڙي عظيم
لافاني شاعرن کي جنم ڏنو٠ ان زماني ۾ ھومر جي شاھڪار ادبي ۽ فني تخليقن 'ايلياڊ',
'اوڊيسي' ۽ ھيسيڊ جي نظم 'ڏينهن جا ڪم ڪاريون' اھي اخلاق تي آڌاريل قديم لکڻيون
ھيون جنهن ۾ ھنن پھريون ڀيرو سماجي ڏيوال پڻي واري مدي خارج اخلاقي قدرن کي ننڌيو,
ان طرف تنقيدي رويو اختيار ڪندي عام ماڻھن کي اخلاقي درس ڏنا ۽ مقصديت واري زندگي
طرف پيرا کنيا٠ جنهن کانپوء ناٽڪ نويسي جي ميدان ۾ ايسڪائيلس, سوفو ڪليز ۽ يوري
پيڊس پاڻ ملھايو جن جي الميائي ناٽڪن جي سمجھ ڀري جرڪندڙ اولڙن عام ماڻھن جي ذھنن
کي پراڻ پرستي واري پٺتي پيل روايت پرست سوچن کان آجھو ڪرائي, کين بغاوت تي
اتساھيو ۽ سندن ذھنن کي ڏاھپ ڀري علم جي نئين قوت سان مضبوط ڪيو٠ اھڙي ريت پھريون
ڀيرو يونان جي عظيم سر زمين تي قديم ادب, فن, آرٽ, شاعري, لوڪ قصن ۽ ناٽڪن منجھان
انسان جي بنجر ذھنن کي سيرياب ڪيو ويو٠ جنهن جي نتيجي ۾ ڏاھپ ۽ فڪر جي ڪک منجھان
فلسفي جھڙي ديونما فڪر جنم ورتو جنهن کي سڀني علمن جي ماء چيو وڃي ٿو, ھا اھا ئي عظيم ماء جنهن سائنسي فڪر کي اڳتي وڌائندي انسانذات کي منطقي بنيادن تي سوچڻ سيکاريو ۽
تنقيدي فڪر جو روپ ڏنو٠
فلسفو/ڏاھپ ڪھڙي سرچشمن
مان ڦٽي نڪري ٿي؟
عظيم ارسطو چيو آھي تـ,
ڄاڻڻ انسان جي جبلت آھي ۽ انھيء جلبت سبب انسان منجھ فطرت ۽ دنيا کي ڄاڻڻ جو موھ
پيدا ٿئي ٿو, جنهن منجھان حيرت ۽ تجسس جو ديو انساني ذھنن ۾ ڪر موڙي اٿي ٿو, انھيء
حيرت لاء ھڪ ڀيرو افلاطون چيو ھو تـ, pilosophy is wonder of child (فلسفو حيرت جو ٻار آھي) بقول نويد سنديلي جي تـ
شڪ, حيرت, تجسس ۽ ڳولا جي سرچشمن منجھان ڏاھپ/فلسفو ڦٽي نڪري ٿو٠ جنهن جي پٺيان
سنسار جي پوشيده رازن تان پردو ھٽائڻ ۽ سچائي جي تلاش ۾ دنيا جھان جي انيڪ ڏاھن
سوين ھزارين سالن کان وٺي گھرو غور ويچار پئي ڪيو آھي تـ ڪائنات ڇا آھي؟ سج, چنڊ,
تارا, ڪھڪشائون ۽ جھر مٽ ڇا جا ٺھيل آھي؟ موت ۽ زندگي ڇا آھي؟ انسان جي زندگي جو
مقصد ڇا آھي؟ حسن, بدصورتي, نيڪي ۽ بدي ڇا آھي؟ وغيره جھڙا سوال سندن سوچ جو مرڪز
رھيا ۽ انهن سوالن جي جواب جي ڳولا منجھان نڪتل عقلي نتيجن جي آڌار تي سرجيل فلسفو
انسان ذات جي گڏيل ڏاھپ جو ورثو آھي٠
فلسفي/ڏاھپ جي امرتا ڪئين
ماڻي سگھجي ٿي؟
انساني ذھنن منجھ فطرت,
ڪائنات, سماج, زندگي, موت, حسن, نيڪي, سياست وغيره ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن بابت ڪيترائي اڻڳڻيا سوال جنم وٺندا رھن
ٿا, انهن سوالن جي فلسفي واري دڳ وسيلي ڪيل اڀياس سان ماڻھو ڏاھپ جي امرتا ماڻي
سگھي ٿو ۽ فلسفي کي سمجھي سگھي ٿو٠
فلسفو ڪھڙا مقصد آڇي ٿو؟
فلسفو فطرت, ڪائنات,
سياست, سماج ۽ انساني سمجھ منجھان ڦٽي نڪرندڙ احساسن, خيالن, سوچن ۽ فطري علمن
مثلن حسن, ڪوجھائپ, نيڪي, بدي, موت ۽ حياتي بابت خاص طور تي اھڙن اھم سوالن کي نبيري
ٿو جيڪي ٻين علمن طرفان حل جوڳا نـ آھن, تنھنڪري اھڙا ڪيترائي سوال آھن جيڪي ٻين
علمن جي دائري ۾ اچن ٿا پر انهن علمن طرفان حل جوڳا نـ آھن سي فسلسفي جي حوالي ڪيا
ويندا آھن ڇاڪاڻ تـ جتي مختلف موضوعن متعلق ٻين علمن جو علم ھڻي اچي دنگ ڪري ٿو
اتان فلسفي جي جھان جون سرحدون شروع ٿين ٿيون تنھنڪري چئي سگھجي ٿو تـ فلسفو ڏاھپ
طرف اھو پراھون پنڌ آھي جيڪو پنهنجي شروعات جي قديم زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين
پنهنجي منطق, تنقيدي شعور ۽ فڪر ذريعي انسانذات جي خدمت ڪندو پيو اچي٠ اڄ ڪيترائي
ماڻھو اھو سوال ڪندا آھن تـ اڄوڪي جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري دورن ۾ بـ ڇا فلسفي
جو ڪو سماجي ڪارج ۽ مقصد آھي؟ ان جواب آھي, ھا بلڪل فلسفي جو سماجي ڪارج ۽ مقصد
آھي! ڇاڪاڻ تـ فلسفو اھو علم آھي جيڪو مارڪسزم جي فلسفياڻي فڪري ۽ سائنسي نظريي
سان انسان جي سماجي ۽ سياسي مقصدن جو تعين ڪري ٿو ۽ وسيع معنىٰ ۾ قومي غلامي ۽
طبقاتي استحصالي نظام خلاف انساني آزادي, آجھپي ۽ ڇٽڪاري واري ويڙھ ۽ جنگ ۾ بنيادي
ھٿيار ۽ اوزار جو ڪم ڏئي ٿو٠
مٿين ڳالھين کان سواء نويد سنديلي فلسفي جي اھم
شاخن, مابعدالطبعيات, منطق, اخلاقيات, سياسيات, علميات ۽ جماليات تي پڻ ھن ڪتاب ۾
مختصر نموني روشني وڌي آھي٠ ھونئين تـ ھي ڪتاب ھر پڙھندڙ لاء لاڀايئتو آھي پر
منهنجي خيال ۾ ھيء ڪتاب فلسفي ۾ دلچسپي رکندڙ انهن پڙھندڙ لاء انتھائي ڪارائتو
آھي, جيڪي فلسفي جھڙي موضوع کي شروعاتي طور تي پڙھڻ ۽ سمجھڻ جا خواھش مند آھن٠