شاھ لطيف جي جنم هنڌ جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو ـ آزاد ابوبڪر ڇٽو


شاه عبداللطيف ڀٽائي جي جنم هنڌ بابت ڪافي مونجهارن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ڪن ليکڪن ڀين پور تہ ڪن هالا حويلي ڪن ڪوٽڙي مغل تہ ڪن سئي ڪندر شاه لطيف جو پيدائشي ھنڌ ڄاڻايو آهي پر اڪثريت نامور ۽آڳاٽن ليکڪن جي راءِ هالا حويلي جي حق ۾آهي.

مرزا قليچ بيگ سنڌ جو هڪ سياڻو اديب آهي، جنهن پڻ شاھ جي جنم جي جاءِ هالا حويلي لکي آهي وڌيڪ لکي ٿو تہ سندس ڄمڻ جي ھنڌ تي پوءِ مسجد ٺاهي وئي جا نصير واھ جي ڪپ تي اڄ بہ سلامت آهي (مرزا قليچ بيگ، احوال شاه عبداللطيف ڀٽائي)

مرزا قليچ کان ٿورو اڳ مير عبدالحسين سانگي، شاه لطيف جي تفصيلي سوانح نگارن مان، لطيف  کي ويجھي ۾ويجهو ليکڪ آهي جنهن پنهنجي ڪتاب، لطائف لطيفي کي 1888ع ۾لکي پورو ڪيو جڏهن تہ مير صاحب ڪتاب لکڻ جي شروعات  گهڻو اڳ ڪئي ھوندي مير صاحب شاھ لطيف جي جنم هنڌ جي حوالي سان هڪ ڪارائتي ڳالھ ڪئي آهي تہ شاه لطيف جي ڄمڻ جي جاءِ تي پوءِ سندس فقيرن مسجد ٺهرائي جا اڄ بہ نصير واھ جي ڪپ تي صحيح سلامت آهي (مير عبدالحسين سانگي، لطائف لطيفي)

مٿين ڳالھ مولانا دين محمد وفائي صاحب پنهنجي ڪتاب، لطف اللطيف ۾ پڻ ڏني آهي

ان کان علاوهہ ليلارام وطڻ مل پنهنجي ڪتاب، شاه عبداللطيف، مذهب ۽ شاعري، ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪتاب، مقدمہ لطيفي، ڪلياڻ آڏواڻي، شاه جو رسالو، وغيرہ هنن لائق ليکڪن پڻ شاھ جو جنم هنڌ هالا حويلي لکيو آهي.

سنڌ جي برک اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب مٿين مڙني مانائتن ليکڪن جي راءِ کي رد ڪندي، شهدادپور جي ديھ، سئي ڪندر، کي شاھ لطيف جو جنم هنڌ قرار ڏئي پنهنجي راءِ مستند سمجهي مٿان بيهاري آهي ڊاڪٽر صاحب ڄاڻايل ليکڪن جي راءِ تي ويساه نہ رکيو پر شاه لطيف جي جنم جي حوالي سان مٽياريءَ جي ساداتن وٽ مشهور روايتون آهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهن روايتن کي سئي ڪندر ۾ شاھ لطيف جي جنم هنڌ جون منڪر روايتون سمجهي کين قتل ڪيو آهي. هي ٻہ روايتون آهن يا هڪ ئي روايت کي ٻن بزرگن عرس فقير ڏيري ۽ سيد هاشم شاه مٽياروي ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي، پهرين روايت  مختصرن هي آھي تہ عرس فقير ڏيري، شاه حبيب کي شاھ لطيف جي ڄمڻ کان اڳ ئي سئي ڪندر مان لڏي وڃڻ لاءِ چيو هو، ڊاڪٽر صاحب عرس فقير جو حوالو تہ ڪونہ ٿو ڏي پر منهنجي خيال موجب سندس اشارو انهيءَ روايت ڏانهن اٿس.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو تہ، ٻي روايت جيڪا پوئين دور جي مصنفن جي لکتن کان متاثر ٿي بيان ڪئي وئي آهي تہ ڇاڪاڻ جو پهريان ٻہ ٻار ڪين بچيا هئا انهي ڪري جڏهن شاھ عبداللطيف پيٽ ۾ٿيو تہ شاه حبيب ماڳ مٽايو پر اهو دليل ايڏو وزندار ڪونهي ڇاڪاڻ جو حبيب شاه پختي ارادي ۽ توڪل وارو بزرگ هو، ۽ شاھ لطيف جي ڄمڻ کان پوءِ ٿي سگهي ٿو تہ سندس دوادرمل لاءِ حبيب شاه ڀينء پور ويو هجي (شاه عبداللطيف، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مرتب عبدالغفار سومرو، نوادرات کاٽو حڪومت سنڌ، 2012ع صفح 27-26)

ٻي روايت آهي تہ مٽيارين جي سيد هاشم شاه، حبيب شاه کي آخري دعا ڪندي چيو تہ پٽ جي مبارڪ هجئي پر هن ڀيري ديرو مٽائج، يعني مٿين ساڳي روايت مطابق شاه لطيف جي ڄمڻ کان اڳ ئي سئي ڪندر کي ڇڏي وڃي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن روايت بابت لکي ٿو تہ ديرومٽائڻ مان بزرگ جي مراد  آهي تہ شاه لطيف جي پيدائش کان پوءِ سئي ڪندر مان لڏي وڃي، پوءِ ٿي سگهي ٿو تہ صرف ٻار جي سٺي سوڻ لاءِ ڪجهـ وقت هالا حويلي ۾رهيو هجي (شاه عبداللطيف، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مرتب ڊاڪٽر بشير احمد شاد، مهراڻ اڪيڊمي، 2000ع صفح 24)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جنهن نموني هنن روايتن کي هڪ وھم پرستيء تي مشتمل سمجهو آهي اهڙي ڳالهـ ڪونهي، هنن روايت ۾ حبيب شاه کي سئي ڪندر ڇڏڻ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ ان جا ڪي ٻيا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، ڪا ناسري ٿي سگهي ٿي جيئن هي خاندان هرات کان هالا، مٽياري، بلڙي، ڀٽ شاه آيو، شاه ڪريم، مخدوم نوح سرور جي چوڻ تي ٻلڙيء طرف لڏي ويو سئي ڪندر کي ڇڏڻ جو سبب بہ اهڙو ئي هوندو باقي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي چوڻ موجب عرس فقير جي روايت شاه حبيب جي عقيدي ۽ توڪل جي خلاف آهي، تہ پوءِ عرس فقير ڏيرو بہ هڪ وڏو موحد هو، جنهن جي ساراه جا ڍڪ ڊاڪٽر بلوچ صاحب بہ ڀريا آهن، اهڙو بزرگ دل ۾ اهو وهم ڪيئن ويهاري چوندو تہ، ٻہ ٻار اڳئي سئي ڪندر ۾ مئا آهن، مٿان هن کي بہ ڪجهـ ٿي پئي، ان کان علاوہ ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ موجب، شاه حبيب صرف ٻار جي سٺي سوڻ خاطر ڪجهـ ڏينهن سئي ڪندر کي ڇڏيو هو، ڇا، ڊاڪٽر صاحب جي ھي ڳالهـ شاه حبيب جي ايمان جي خلاف ڪونهي، تہ هڪ پڪو موحد ڪيئن چاهيندو تہ جاءِ مٽائن سان سڻائي ٿيندي، جڏھن تہ حبيب شاه جي پٽ لطيف جو هي نظريو آهي تہ

سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم

وڃين ڇو وڻڪار هت نہ ڳولئين هوت کي

ٻي ڳالهه تہ ڊاڪٽر بلوچ صاحب مٿي ٻہ ڳالهيون ڪري پيو هڪ تہ سئي ڪندر ۾شاھ لطيف جي جنم کانپوءِ شاھ حبيب ڀينء پور ۾ڪجھ وقت رهيو ٻئي ھنڌ لکي ٿو تہ سئي ڪندر ۾ لطيف سائين جي ڄمڻ کان پوءِ شاه حبيب ٻار جي سٺي سوڻ لاءِ ڪجهـ وقت هالا حويلي ۾رهيو، تفصيل لاءِ ڏسو ڊاڪٽر صاحب جي مٿي ڄاڻايل ڪتابن جي ساڳين صفحن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاه لطيف جي جنم هنڌ  هالا حويلي کي رد ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو هي حوالو بہ سامهون ڏنو آهي تہ شاه عنايت رضوي، ڏهيسر پليجي کي پاراتو ڏيندي، درياه سان مخاطب ٿيندي چيو تہ

ڳاهڪيء کي ڳڙڪائي پليجاڻي پاء

واري جا ولايت جي هالا حويلي لاءِ

بلوچ صاحب لکي ٿو تہ جيڪڏهن هالا حويلي شاه لطيف جو جنم هنڌ هجي ها تہ پوءِ عنايت رضوي، شاه لطيف جو دوست ٿي ڪري ان کي ڪيئن پٽي ها، هالا حويلي جو نالو ڪون آڻي ها (شاه عبداللطيف، ڊاڪٽر بلوچ، مرتب عبدالغفار سومرو)

هن بيت جو پس منظر وضاحت طلب آهي، پهرين ڳالهـ تہ شاه عنايت رضوي ۽ ڏهيسر پليجي جي وچ ۾ اڻبڻت جو احوال پهرين مير عبدالحسين سانگيءَ پنهنجي ڪتاب، لطائف لطيفي، جي حڪايت نمبر 28 ۾ آندو آهي لکي ٿو تہ ڏهيسر پليجي، شاه عنايت سان بدسلوڪي ڪئي ان ڪري شاھ عنايت کيس پاراتو ڏنو، پوءِ ڏهيسر پليجو ان پاراتي جو اثر ختم ڪرائڻ لاءِ ڀڄي شاه لطيف وٽ آيو، هاڻي جيڪڏهن شاه عنايت اهو پاراتي وارو بيت ان مهل موقعي تي چئي ها تہ مير عبدالحسين سانگي پنهنجي ڪتاب ۾ضرور ڏي ها، ٻي ڳالهـ ،شاه عنايت سان تہ ڏهيسر پليجي  بدسلوڪي ڪئي هئي ان ڪري ڏهيسر تي ڏمرجي پليجاڻي کي پٽيو، پر ڳاهڪيء ۽ هالا حويليءَ شاه عنايت جو ڪھڙو ڏوھ ڪيو جو انهن کي بہ پليجاڻيءَ سان گڏ پٽيائين، ان کان علاوہ ميرسانگي جي چوڻ موجب ڏهيسر پليجو هن پاراتي جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ لطيف سائين وٽ ويو هو سوان وقت اهو به لطيف سائين کي ٻڌائي ها تہ، سائين، مون سان گڏ تنهنجي پڍ کي بہ شاد عنايت پٽيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ ھي بيت پوءِ جي من گھڙت پيداوار آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل مضمونن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڊاڪٽر صاحب وٽ صرف هڪڙو ڪمزور دليل آهي جنهن جي آڌار تي سئي ڪندر کي شاھ صاحب جو جنم هنڌ بنايو آهي اهو هي آهي تہ شاه حبيب جا ٻہ ٻار سئي ڪندر ۾ ڄاوا هئا ٽيون پٽ شاه لطيف بہ اتي ئي ڄائو هوندو، هن ڏس ۾ ڊاڪٽر صاحب وٽ ڪوبہ راوي ڪونهي جنهن لاءِ چيو هجي تہ فلاڻي کان روايت آهي تہ ڀٽائي سئي ڪندر ۾ڄائو، نڪو ئي ڊاڪٽر صاحب وٽ ڪا پراڻي لکت آهي جنهن جي ڏڍ تي سئي ڪندر کي شاھ جو جنم هنڌ ڄاڻائي، مطلب تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ ڪمزور دليل جي آڌار تي سئي ڪندر کي شاھ لطيف جو جنم هنڌ ڄاڻايو آهي، ان کان علاوہ ڊاڪٽر صاحب کي ڪافي روايتون اهڙيون بہ مليون آهن جن ۾چيل آهي تہ شاه لطيف جا ناناڻا ملي مکڻ جا ويٺل هئا ڊاڪٽر صاحب سئي ڪندر کي شاھ صاحب جو جنم هنڌ قائم رکڻ لاءِ انهن روايتن کي ٻيو پاسو وٺائي ڇڏيو.

عرض هي آهي تہ شاه لطيف جي آڳاٽن سوانح نگارن جون روايتون سچون ۽ صحيح آهن تہ شاه لطيف هالا حويليءَ ۾ ڄائو پر افسوس جو هنن  هالا حويلي هلي وڃي ڪون ڏٺي سرزمين تي وڃڻ کان پوءِ اها مشاهدي واري معلومات مانائتي هجي ها.

شاه لطيف جي جنم هنڌ لاءِ مونجھاري جو ڪارڻ ٻہ هالا حويليون آهن هڪ نئي ٻي پراڻي، اڳين لطيفي ليکڪن جو پراڻي حويليءَ ڏي اشارو آهي، پر پوين ليکڪن نئي حويليءَ ۾ شاھ جي جنم هنڌ لاءِ هيلاڪيا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي بہ موجودہ نئي هالا حويليءَ جي رهواسي سيد جيئندل شاه جي حوالي سان ٻڌايو ويو هو تہ ڀٽائي هن هالا حويلي ۾ ڪونہ ڄائو هو، ان کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سئي ڪندر ۾ خيما کوڙيا.

ٻنهين هالا حويلين جي وچان نصير واھ وهي ٿو نئي هالا حويلي واھ جي اڀرندي طرف کان آهي ۽ پراڻي هالا حويلي نصير واھ جي بلڪل ڀرسان اولهـ طرف آهي نئين هالا حويلي ۾ شاھ لطيف ڏانهن منسوب ڪابہ شي ناهي پر پراڻي هالا حويلي ۾ لطيف سائين ڏانهن منسوب مسجد شريف آهي جيڪا شاھ لطيف جي جنم هنڌ تي يادگار طور سندس فقيرن ٺهرائي هئي جيڪا اڄ سوڌو شاه لطيف جي نالي سان سڏبي آهي، مون هن مسجد جي زيارت بہ ڪئي آهي هن کان اڳ هڪ مضمون /شاه لطيف جي جنم هنڌ اصل هالا حويلي جو احوال /نالي لکيو هئم جو روزاني هلال پاڪستان، ماهوار امرتا، رسالي ۾ شايع ٿيل آهي، پراڻي حويليءَ ۾سيد جهنڊو لو شاه جي نالي سان قبرستان بہ آهي، هي بزرگ شاه لطيف جو همعصر هو ڇو تہ هتان کان ٻاري پنڌ تي سندس ڀاءُ سيد عبدالنبي شاه جي درگاه آهي، جنهن جي قبر تي لڳل سرتي سندس وفات جو سال 20 جنوري 1756ع لکيل آهي، هن درگاه جي ڀرسان شاه لطيف ڏانهن منسوب هڪ قديم نم جو وڻ آهي جيڪو اڄ بہ صحيح سلامت ٻيٺو آهي ھي سڀئي جيئرا جاڳندا، پڪا ۽ وزنائتا ثبوت، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هتي پيدائش جا گواه آهن.

Previous Post Next Post