اڏام مغربي نيل جو وائرس – وائرس (قسط 08) ـ دريا خان سنڌي

برانڪس جي چڙيا گهر جي چيف پيٿالاجسٽ 1999ع ۾ وڏي پريشانيءَ ۾ هئي. هوءَ ڏسي رهي هئي تہ چڙيا گهر جي ويجهو ڪارا ڪائون مئل پيا ملن، لڳي پيو تہ ڪنهن نئين قسم جو وائرس پکين ۾ پکڙجي رهيو آهي، سندس دل ۾ هڪ خوف هو”ڪٿي اهو وائرس چڙيا گهر تائين نہ اچي وڃي!“ هوءَ غلط نہ هئي. ٿوري ئي عرصي ۾ ٽي فليمنگو پکي مري ويا. پوءِ هڪ چڪُور، هڪ باز، ۽ هڪ ٻگلو پکي بہ، ڊاڪٽر مئڪ نمارا جڏهن انهن مئل پکين جي جاچ ڪئي تہ پتو پيو تہ سڀني جي موت جو سبب دماغ مان رت وهڻ هو، اهي سڀ ساڳيون علامتون ٻڌائي رهيون هيون تہ قاتل هڪ ئي پيٿوجن آهي پر ڪهڙو؟ اهو اڃا نامعلوم هو. مئڪ نمارا انهن پکين جا ٽشوز سرڪاري ليبارٽري ڏانهن موڪليا تہ جيئن تجزيو ٿئي، هفتن تائين ٽيسٽ ٿيندا رهيا، پر نتيجو ڪجھ بہ نہ نڪتو، ٻئي پاسي نيويارڪ جي علائقي”ڪوئنز“ ۾ دماغ جي سوزش (Encephalitis) جا ڪيس خطرناڪ حد تائين وڌي رهيا هئا، عام طور تي پوري نيويارڪ ۾ اهڙا خالي نَو ڪيس سال ۾ ٿيندا هئا، پر آگسٽ 1999ع جي هڪ ئي هفتي ۾ ڪوئنز ۾ اَٺ ڪيس اچي ويا، ڪن مريضن کي ايترو تيز بخار ٿيو جو جسم مفلوج ٿي ويو، سيپٽمبر تائين نَو ماڻهو مري چڪا هئا پر سبب نامعلوم هو، سڀني کي شڪ هو تہ ڪا نئين وائرس آهي.

چڙيا گهر واري ڊاڪٽر مئڪ نمارا کي آخر پنهنجي سوال جو جواب ملڻ لڳو، آئيوا (Iowa) جي ليبارٽريءَ ۾ هڪ پکيءَ جي ٽشو مان وائرس کي وڌائڻ ۾ ڪاميابي ملي، مئڪ نمارا سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول (CDC) کي قائل ڪيو تہ ان وائرس جي جينيٽڪ جاچ ڪئي وڃي، 22 سيپٽمبر تي محققن کي حقيقت هٿ لڳي اهو ويسٽ نائل وائرس (West Nile Virus) هو.اهو وائرس اڳ ۾ خالي ايشيا، يورپ، ۽ آفريڪا جي ڪن حصن ۾ پکين ۽ انسانن کي متاثر ڪندو هو، ڪڏهن بہ ڪنهن جي ذهن ۾ بہ اهو نہ خيال آيو هو تہ اهو وائرس آمريڪا ۾ بہ اچي سگهي ٿو، اها تہ جڳھ هئي جتي اهو اڳ ڪڏهن ڏٺو ئي نہ ويو هو.

جڏهن نيويارڪ جي مريضن جي رت مان وائرس جو جينوم ڏٺو ويو، تہ اهو ساڳيو ويسٽ نائل نڪتو بلڪل اهو ئي جيڪو پکين ۾ هو، ان کان اڳ نہ اتر آمريڪا ۾، نہ ڏکڻ آمريڪا ۾، ڪڏهن بہ اهو وائرس انسانن ۾ نہ مليو هو. برانڪس جي مئل ڪانئرن ۽ نيويارڪ جي اسپتالن جا مريض، انهن نون رهائشي جي اچڻ جو اعلان هئا.

انسان آمريڪا جي براعظمن ۾ لڳ ڀڳ پندرهن هزار سال اڳ پهتا هئا، ۽ پاڻ سان ڪيترائي وائرس بہ آندا، جهڙوڪ پاپي لوما وائرس (Papillomavirus)، جن ۾ انهن قديم انساني لڏپلاڻن جا نشان مليا. اهو ٻڌائي ٿو تہ انسان ڪهڙي رستي سان آمريڪا تائين پهتو. ڪولمبس جڏهن نئين دنيا دريافت ڪئي، تہ ساڻس گڏ يورپ جا وائرس بہ آيا، فلو ۽ چيچڪ جهڙا وائرس، جن مقامي آمريڪي آباديءَ کي تباھ ڪري وڌو.

اڳين صديَن ۾ وڌيڪ وائرس آيا، 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ايڇ آءِ وي، ۽ پوءِ ويهين صديءَ جي آخر ۾ ويسٽ نائل وائرس نئين مهمان طور آمريڪا پهتو، هي وائرس 1937ع ۾ پهريون ڀيرو يوگنڊا ۾ دريافت ٿيو، جڏهن هڪ عورت نامعلوم بخار سان بيمار هئي ۽ ڊاڪٽرن سندس رت مان هڪ نئون وائرس الڳ ڪيو. ايندڙ ڏهاڪن ۾ اهو وائرس وچ اوڀر، ايشيا ۽ آسٽريليا ۾ مليو، پتو پيو تہ ويسٽ نائل وائرس پنهنجي بقا لاءِ انسانن تي دارومدار نٿو رکي اهو ڪيترن پکين ۾ رهي سگهي ٿو، ۽ انهن ۾ گهڻي تيزيءَ سان پکڙجي ٿو.

شروع ۾ سائنسدانن کي اهو سمجھ ۾ نہ آيو تہ وائرس ڪئين منتقل ٿئي ٿو، ڇا هڪ انسان کان ٻئي انسان ڏانهن؟ يا هڪ پکيءَ کان ٻئي پکيءَ ڏانهن؟ يا انسان ۽ پکيءَ جي وچ ۾ ڪيئن؟ راز تڏهن کليو جڏهن وائرس هڪ بلڪل مختلف جاندار ۾ مليو، مڇر ۾ جڏهن وائرس وارو مڇر ڪنهن پکي کي ڪَڪيندو آهي، تہ پنهنجي لعاب سان ويسٽ نائل وائرس بہ ان ۾ داخل ڪري ڇڏيندو آهي. وائرس پهرين پکيءَ جي چمڙي جي خاني تي حملو ڪري ٿو، پوءِ اميوون سسٽم جي گهرڙن تائين پهچي ٿو، ۽ آخرڪار رت ۾ پکڙجي وڃي ٿو، ڪجھ ڏينهن ۾ اربين وائرس ٺهي وڃن ٿا، پر اهي ٻاهر نڪري نٿا سگهن، انهن کي نئين ميزبان تائين پهچائڻ لاءِ ويڪٽر (مڇر) گهرجي، جڏهن ٻيو مڇر اهڙي بيمار پکي کي ڪڪيندو آهي، تہ وائرس ان جي رت سان گڏ مڇر جي جسم ۾ وڃي ٿو، پوءِ ان جي ننڍڙي آنڊي مان ٿي لعاب وارن غدود تائين پهچي ٿو، جتان اهو ٻيهر ڪنهن نئين پکي ۾ منتقل ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. اهڙي قسم جا وائرس جيڪي مڇر وسيليءِ منتقل ٿين ٿا، انهن کي ٻن مختلف جاندارن ۾ زندھ رهڻ جي صلاحيت رکڻي پوي ٿي.

پکي ۽ مڇر: ٻنهي جا گرمي پد، اميوون سسٽم، ۽ بناوتون مختلف آهن.انهيءَ سبب اهڙا وائرس، جهڙو ويسٽ نائل، ڊاڪٽرن ۽ بيمارين جي روڪٿام ڪندڙن لاءِ وڏو چئلينج آهن، ڇوتہ انهن کي نئون ميزبان ڳولڻ لاءِ ڪنهن کي سڌي نموني مليڻو بہ نٿو پوي مڇر پاڻ انهن کي اڏام ڏئي ڇڏين ٿا. 1996ع ۾ اهو وائرس مشرقي يورپ، خاص ڪري رومانيہ ۾ وبا بڻجي پکڙيو، نوَي هزار ماڻهو بيمار ٿيا، سترهن جي موت ٿي، سوال هو تہ اهو آمريڪا ۾ ايترو دير سان ڇو پهتو؟

ڇو تہ اهو انسانن سان سفر نٿو ڪري بلڪي پکين ۽ مڇرن سان، ممڪن آهي تہ اهو نيويارڪ ۾ ان وقت پهتو جڏهن اسرائيل مان پالتو پکي اسمگل ڪري آندا ويا، هڪ اڪيلو بيمار پکي وبا نٿو پکيڙي، پر جڏهن ان کي مناسب ویڪٽر مڇر ملن، تہ وائرس نئين سر زندگي حاصل ڪري وٺي ٿو.

اهو مڇر جي 62 قسمن ۾ رهي سگهي ٿو، جيڪي آمريڪا ۾ موجود هيون، ۽ ميزبان پکي بہ ملي ويا، جهڙوڪ روبن، بليو جي، ۽ فنچ، چار سالن ۾ اهو مڇر کان پکي ۽ پکي کان مڇر تائين پکيڙيجندو رهيو، ۽ پورو آمريڪا متاثر ٿي ويو، ڪٿي ڪٿي انسان بہ بيمار ٿيا. 85 سيڪڙو ماڻهن ۾ ڪا بہ علامت ظاهر نہ ٿي، 15 سيڪڙو کي بخار، خارش ۽ مٿي جو سور ٿيو، انهن مان ٽئين حصي کي اسپتال وڃڻو پيو، ۽ هر 150 مان هڪ کي دماغ جي سوزش ٿي، جيڪي ڪيترن لاءِ موت ثابت ٿي، اڳين ڏهن سالن ۾ ان وائرس 1131 ماڻهن کي موت ڏنو. سياري ۾، جڏهن مڇر گم ٿي وڃن ٿا، تہ وائرس جو ڦهلاءُ رُڪجي وڃي ٿو، پر اهو پکين ۾ لڪل رهي ٿو ۽ بهار اچڻ سان چڪر ٻيهر شروع ٿئي ٿو.

انسانن ۾ ان جو ڦهلاءُ ان ڪري گهٽ آهي جو اهو انسان کان مڇر ۾ منتقل نٿو ٿئي، انهيءَ سبب ماڻهو حادثاتي ميزبان آهن، ان جي ڪا ويڪسين اڃا تائين ڪاميابيءَ سان تيار نہ ٿي سگهي، نہ ئي ڪو خاص علاج موجود آهي، ۽ گھڻو ڪري، ان کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جو ڪو طريقو نہ هجي.

گھڻا مينھن ۽ نمي وارو موسم مڇرن لاءِ سٺو هوندو آهي، ان ڪري وائرس وڌيڪ پکڙجي ٿو، گرم ٿيندڙ ڌرتي ۽ بدلجندڙ موسمون، انهن وائرسن لاءِ نيون جايون کولين ٿيون، ويسٽ نائل وائرس پنهنجي ”اڏام“ ڪنهن پکيءَ، مڇر، يا جهاز وسيليءِ ڪري ٿو ۽ اڄ اهو دنيا جي وڏي حصي ۾ موجود آهي.


Previous Post Next Post