گذريل ڏينهن
ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران پاڪ فوج جو ميجر سبطين حيدر شهيد
ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڀارتي
اسپانسر ڪيل فتنہ الخوارج جي
موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ۽ سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ جي نتيجي
۾ 7 ڀارتي اسپانسر ڪيل خوارج مارجي ويا جڏهن تہ
دهشتگردن
سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران فرنٽ تان اڳواڻي ڪندڙ ميجر سبطين حيدر شهادت جو جام نوش
ڪيو. 30 ورهين جي شهيد ميجر سبطين حيدر جو تعلق ضلعي ڪوئيٽا هو. جڏهن تہ خبرون اهي آيون آهن تہ شهيد سبطين حيدر جي پلاند ۾ پاڪ فوج افغانستان
جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ دهشتگردن مٿان بمباري ڪئي
آهي۔ جڏهن تہ
افغان
جي طالبان حڪومت پاڪستان تي ڪابل جي ”خودمختيار
علائقي“ جي خلاف ورزي جو الزام لڳايو آهي، ان کي
”بي مثال، پرتشدد ۽ اشتعال انگيز عمل“ قرار ڏنو آهي. هي
الزام خميس ڏينهن شهر ۾ ٻن زوردار ڌماڪن جي ٻڌڻ کان پوءِ آيو آهي. طالبان
جي دفاع واري وزارت جمعي ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو تہ
پاڪستان
افغانستان جي ڏکڻ اوڀر ۾ سرحدي صوبي پتيڪا ۾ هڪ شهري مارڪيٽ تي بمباري ڪئي هئي. اتي
جي مقامي ماڻهن بي بي سي جي افغان سروس کي ٻڌايو تہ
ڪيترائي
دڪان تباه ٿي ويا آهن. پاڪستان نہ تہ تصديق
ڪئي آهي ۽ نہ ئي ترديد ڪئي
آهي تہ انهن افغانستان اندر حملو ڪيو آهي. جڏهن
تہ، جمعي تي پشاور شهر ۾ منعقد هڪ پريس ڪانفرنس دوران،
هڪ اعليٰ جنرل الزام لڳايو تہ افغانستان کي
”پاڪستان خلاف دهشتگردي جي آپريشن جي بنياد“ طور استعمال ڪيو پيو وڃي. جنرل
احمد شريف چوڌري وڌيڪ چيو تہ ”پاڪستاني جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ جيڪي بہ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اهي ورتا ويندا.“ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ 15 سيپٽمبر 2025 تائين خيبر پختونخواه ۾
10,115 انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ 917 دهشتگرد مارجي ويا آهن. هن
چيو تہ هن سال خيبر پختونخواه ۾ آپريشن دوران
516 قيمتي جانيون شهيد ٿيون، جن ۾ پاڪ فوج جا 311 آفيسر ۽ سپاهي، 73 پوليس اهلڪار
۽ 132 بيگناه شهري شامل آهن۔ هن چيو تہ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي تہ اڄ دهشتگردي ڪهڙي سببن جي ڪري موجود آهي.
ان جا 5 بنيادي سبب آهن.
1. قومي
ايڪشن پلان تي عمل نہ ٿيڻ.
2. دهشتگردي
جي مسئلي تي سياست ۽ ان سياست ۾ قوم کي پريشان ڪرڻ.
3. ڀارت
پاران افغانستان کي دهشتگردي لاءِ بيس ڪيمپ طور استعمال ڪرڻ.
4. افغانستان
۾ دهشتگردن کي جديد هٿيارن ۽ پناهگاهن جي دستيابي.
5. مقامي
۽ سياسي پٺڀرائي سان دهشتگردن ۽ ڏوهاري عنصرن جو ڳٺ جوڙ شامل آهي۔
هن چيو تہ اسان نہ،
پر اسان جي سياستدانن، سڀني صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن چيو آهي تہ جيڪڏهن دهشتگردي کي ختم ڪرڻو آهي تہ دهشتگردي ۽ ڏوهن جي ڳنڍ کي ٽوڙڻو پوندو،
۽ غير قانوني ڪاروبار، منشيات، ڀتا خوري، اغوا براءِ تاوان ۽ غير ڪسٽم ادا ڪيل گاڏين
جي لعنت کان پاڪ ڪرڻو پوندو، پاڪستان فوج جي ترجمان صوبي جي شهيدن جون تصويرون ڏيکاريندي
سخت آواز ۾ چيو تہ هي هن سرزمين
جا بهادر ماڻهو آهن جن توهان لاءِ پنهنجون جانيون ڏنيون آهن، ڪنهن کي بہ انهن جي شهادت ۽ قربانين تي سياست ڪرڻ جي
اجازت نہ ٿي ڏئي سگهجي، جڏهن
تہ پاڪستان ڊگهي عرصي کان افغان طالبان تي الزام لڳائيندو
رهيو آهي تہ هو پاڪستاني
طالبان، جن کي ٽي ٽي پي پڻ چيو ويندو آهي، کي پنهنجي سرزمين تان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي
رهيا آهن. طالبان حڪومت هميشہ ان ڳالهہ کي رد ڪندي آئي آهي. جڏهن
تہ افواه اهي بہ ڦهلجي رهيا هئا تہ ڪابل ۾ ڌماڪا ٽي ٽي پي جي اڳواڻ نور ولي
محسود تي هڪ ٽارگيٽ حملي جو حصو هئا. جڏهن تہ
جواب
۾، ٽي ٽي پي محسود جو هڪ غير تصديق ٿيل وائس نوٽ جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو تہ هو اڃا تائين جيئرو آهي. حقيقت
ڇا آهي اهو واضح ناهي؛ بي بي سي افغان جي نمائندي جمعي تي ڌماڪن جي شڪي جڳهہ تي ڌماڪي جا نشان نہ ڏٺا، پر طالبان جي وڏي موجودگي ۽ موبائل
چيڪ پوسٽن جي رپورٽ ڪئي. ٻئي پاسي طالبان
جي وزارت دفاع پنهنجي بيان ۾ خبردار ڪيو آهي تہ،
جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي، تہ
ان
جا نتيجا پاڪستاني فوج کي ڀوڳڻا پوندا. جڏهن تہ، طالبان جي پرڏيهي وزير (جيڪو هن وقت هندستان جي
گادي واري هنڌ دهلي ۾ آهي) چيو تہ اهي پاڪستان سان سٺا لاڳاپا برقرار رکڻ چاهين
ٿا. پاڪستان کي اها غلطي نہ ورجائڻ گهرجي، امير
خان متقي هندستاني ميڊيا جي 16 مرد صحافين جي هڪ چونڊيل گروپ کي ٻڌايو تہ اسان جا مسئلا جنگ سان نہ پر ڳالهين سان حل ٿي سگهن ٿا. هن
وقت پاڪستان جي ٻن صوبن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه ۾ فل فليج ھٿياربند بغاوت ھلي رھي
جيڪا ڪيترين ئي ڪوششن باوجود اڃا تائين جھڪي ناھي ٿي سگهي. ان بغاوت جا مکيہ سبب پاڪستان اندر ناڪارا سياسي معاشي ۽ عدالتي نظام
چئي سگهجي ٿو. انھن نظامن کان مايوس ماڻھو کي پرڏيھي مدد سبب سيڪيورٽي ادارن سان سڌي
ٽڪراءَ ۾ آھن. ان گھرو ويڙھ ۾ ڀارت جو پئسو ۽ افغانستان جي سرزمين استعمال ٿي رھي آھي.
پھلگام واقعي کان پوءِ ٿيل ڇڪتاڻ سبب ھندستان جي ٿيل نقصان جي ڪري ھندستان اندر انتقام
جي باھ ڀڙڪي رھي آھي جنھن سبب ھندستان پنھنجي سيڙپ کي ڊبل ڪرڻ جي موڊ ۾ ڏسجي ٿو. تجزيہ نگارن موجب افغانستان مان آمريڪا جي نڪري وڃڻ سبب وجود ۾ آيل
طالبان حڪومت پنھنجي ھم خيال تحريڪ طالبان پاڪستان جي مڪمل سپورٽر رھي آھي ۽ بلوچ ويڙھاڪن
کي پڻ پناھ ڏئي رھي آھي جنھن سبب پاڪستان کليو کلايو افغانستان سان جنگ جو فيصلو ڪري
چڪو آھي. پھرين مرحلي ۾ افغانستان تي حوائي حملا شروع ڪري ڇڏيا آھن. خاص ڪري ڪابل جھڙي
گادي جي ھنڌ پڻ حملو ڪيو ويو. ھي ڇڪتاڻ ٻنھي ڌرين لاءِ خطرناڪ ٿي سگھي ٿي ڇوتہ افغانستان وٽ ايئر ڊفينس سسٽم يا ھوائي جنگ
جا ھٿيار وغيرہ ڪونھن. پاڪستان لڳاتار
حملا ڪيا تہ افغان عبوري
حڪومت بلڪل ختم ٿي ويندي افغان طالبان وري شھر ڇڏي پھاڙن ڏي ھليا ويندا ۽ پاڪستان اندر
کليو کلايو وڏي پيماني تي گوريلا ويڙھ شروع ڪري ڇڏيندا. تاريخ جي تمام وڏي خونريزي
کان پوءِ ڌريون ئي ختم ٿي وينديون. پاڪستان پنھنجي وجود بچائڻ لاءِ پريشان ٿي ويندو.
ان صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ چائنہ پاڪستان جي
کلي مدد ڪندو پاڪستان انڊيا آمريڪا روس چائنہ
۽ ٻين عالمي قوتن جي ويڙھ جو اڏو بڻجي ويندو. ھي ڌرتي ھڪ ناسور بڻجي ويندي ماڻھن کي
کائڻ لاءِ اٽو ڪونہ بچندو چند اشرافيہ
رڳو خوش ھوندي. ان صورتحال مان پاڪستان جي نڪرڻ جو حل موجود آھي تہ ملڪ اندر صاف شفاف جمھوري سياسي نظام لاڳو
ڪري اسٽيبلشمينٽ اقتدار مان ھٿ ڪڍي وڃي. عدالتي ۽ پوليس نظام کي بھتر بڻائي ماڻھن کي
تڪڙو انصاف فراهم ڪيو وڃي. غريب امير لاءِ ھڪجھڙيون انصاف جون سھوليتون ھجن. معاشي
نظام بھتر ڪجي هن وقت ملڪ جي سموري دولت چند ھٿن ۾ گڏ ٿي ويئي آھي تقريباً ڪرپشن ۽
حرام جي پئسن مان ايئن ٿيو آھي ان معاملي تي سڌارا آندا وڃن. پر انھن سڀني شين لاءِ
ملڪ کي ليڊرشپ جي ضرورت آھي جيڪا ملڪ کي ان بحران مان ڪڍي پر اھڙي ليڊرشپ ملڻ مشڪل
آھي چوڌاري صورتحال خراب نظر اچي ٿي.