ڪڙم جا ويري، سماج جا ناسور ـ حڪيم پريم چاندواڻي

ڪڙم جا ويري، باز آهن،

عجب تن جا، انداز آهن۔

ڪڙم جا ويري، اوهان کي هر هنڌ ملي ويندا۔ انهن بازن جي شڪار جو نشانو پرين پيارا، دوست، ساٿي، هم منصب، هم پيشہ ۽ هم کيتر وارا ٿيندا رهندا آهن۔ مثلن ڪو پاڻ شاعر يا اديب آهي تہ ان جي نشاني کان شاعر اديب بہ نہ بچي سگهندا۔ هو سستي شهرت لاءِ ڪيترو بہ هيٺ ڪري سگهي ٿو۔ سندن چالبازين، منافقين ۽ شاطرائپ جو مقصد ئي اهو هوندو آهي تہ اڳلي جي ڪردارڪشي ڪري ان جي اهميت کي گهٽائڻو آهي، پر اڪثر اهو ئي ڏٺو ويو آهي تہ هو پنهنجي ئي ڄار ۾ ڦاسي پوندا آهن ۽ پنهنجو وقار وڃائي ولها ٿي ويهي پنهنجو منهن مٿو، مک جي مثال پاڻ ئي پيا پٽيندا آهن۔ اهڙن بيهودہ ڪردارن جي ڪردار کي وائکو ڪرڻ گهرجي. جيئن هو پنهنجي ڪريل حرڪتن کان باز اچي سگهن۔ 

اهڙا شڪاري باز جهڙا ڪردار ڪڏهن سوچن ٿا تہ دشمن ڪير آهي، جيڪو پري ويٺو آهي، ان کي ڪجھ ڪري بہ نٿو سگهجي ٺهيو انهيءَ تي تهمتون ٿا مڙهيون انجي ڪردارڪشي ٿا ڪيون جيئن کيس سندس منصب تان هٽائي سگهون يا قدر قيمت يا ملھ ڪيرائي ڇڏيون ۽ اسان ان کان اڳتي نڪري وڃون۔ ڪو زبان سان، ڪو قلم سان تہ ڪو هٿيارن سان حملو ڪري ٿو۔ حقيقت ۾ سڀ کان خطري وارا اهي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي ئي ڪڙم، پنهنجي ئي خاندان ۽ پنهنجي ئي سماج جا ويري هجن۔ اهي چهرن تي محبت جو نقاب پائڻ ڄاڻن ٿا، پر دلين ۾ بغض جا ڀڀڙ دکندا اٿن۔ سندن شڪار جا انداز عجيب بہ آهن ۽ خطرناڪ بہ آهن۔ اهڙا ماڻهو ڏسڻ ۾ تہ پنهنجا لڳن ٿا، پر سندن رويي مان پرائي هجڻ جي بوءَ ايندي آهي۔ اهي خوشيءَ جي موقعي تي ساڙ ۽ حسد جو زهر ڦهلائن ٿا، ۽ ڏک جي وقت ۾ بہ دل سان نہ، رڳو رسمي يا زباني همدردي جتائن ٿا۔ انهن لاءِ پنهنجي ڪڙم جي ترقي، پنهنجو پاڻ کي گهٽ ٿيڻ جي برابر سمجهن ٿا۔ نتيجو اهو نڪري ٿو تہ گڏيل طاقت، انتشار ۾ بدلجي وڃي ٿي۔

اسان جو سماج اڳي ئي هزارن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. جيئن: بيروزگاري، تنهائي، اڪيلائپ، ويڳاڻپ، ذهني دٻاء، تعليم جي کوٽ ۽ مهانگائيءَ جهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن خاندان، دوست ۽ پنهنجي ماڻهن جي وچ ۾ نفرتن جون ديوارون تعمير ٿين تہ اهي سڀ تڪليفون ٻيڻيون ٿي وڃن ٿيون۔

ڪڙم جا ويري سدائين جٺيون ڪندا رهن ٿا، وسوسا، شڪ ۽ شبها پيدا ڪن ٿا۔ محبت کي ڪمزور ڪندي، اعتماد کي ٽوڙي ڇڏن ٿا۔ اهي ڳجھي اندر جي باه رکندا آهن، تماشبين ٿيا تماشو ڏسندا آهن۔ پري کان بيٺا مزو ڏسندا رهندا۔ سماج کي متحد رکڻ بجاءِ ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ سندن فطرت بڻجي وڃي ٿي۔

هن ڪالم جو حاصل مقصد:

وقت جي ضرورت آهي تہ اسين اهڙن روين کي بي نقاب ڪريون۔ پنهنجن سان محبت، ڀائپي ۽ گڏيل ڀلائيءَ جي سوچ پيدا ڪريون۔ ڪڙم جي دشمنن کي پنهنجي دلين جي طاقت سان مات ڏيون۔ ڇو تہ گڏيل قدم ئي سماج کي مضبوط ڪن ٿا۔ محبت ۽ امن ئي اسان جي سڃاڻپ آهي۔

جيڪڏهن هر فرد پنهنجي ويجهن لاءِ خير جي سوچ رکي ۽ ”ڀاءُ ڀاءُ جو ساٿ“ ڏي ۽ انهيءَ روايت کي مضبوط ڪري، تہ پوءِ ڪو بہ ويري، ڪيترو بہ چالاڪ، مڪار ۽ شاطر ڇو نہ هجي، ڪڏهن بہ ڪامياب ٿي نہ سگهندو۔ محبت ۾ طاقت آهي۔ اتحاد ۾ عزت آهي۔ ۽ ڪڙم جي ڀلائيءَ ۾ ئي اسان سڀني جي ڀلائي لڪل آهي۔


Previous Post Next Post