زندگيءَ جي
هن رنگين ۽ پيچيدہ سفر ۾ جڏهن
ڪو انسان نيڪ نيت، سچو، امن ۽ انصاف
پسند هجي ٿو، تڏهن بہ دنيا جا ڪجهہ ماڻهو ان جي نيڪيءَ کي ڪمزوري سمجهي ان جي
راھ ۾ روڙا اٽڪائن ٿا يا ان تي حملا آور ٿين ٿا۔ اهي اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي سادگيءَ
۽ صبر جو غلط فائدو وٺندا آهن، ۽ ٻين کي هيسائڻ، دٻائڻ يا نقصان ڏيڻ کي پنهنجو فن،
ڏاڍ يا طاقت سمجهن ٿا۔ اهڙي ماحول ۾ جڏهن ڪنهن تي بي سبب ظلم ٿئي، تڏهن ضروري ٿي پوي
ٿو تہ خاموشيءَ بدران سخت جواب ڏنو وڃي۔ پر اهڙو
جواب، جيڪو انصاف تي ٻڌل هجي، انتقام تي نہ۔
شاعر چوي ٿو
تہ:
هر سر جو جواب،
پٿر سان،
ويريءَ کي ڪيرايو،
امبر تان۔
هي شعر ڪنهن
عام شاعر، جھل يا سختيءَ جو پيغام ناهي، پر هڪ فڪري بيداريءَ جو اظهار آهي۔ مطلب تہ جڏهن ڪو ويري، دشمنيءَ جي باه ۾ جلندي، بيقصور
ماڻهن تي ظلم ڪري، تڏهن خاموش رهڻ بزدلي آهي۔ اهڙي وقت ۾ پنهنجو حق وٺڻ، پنهنجو بچاءُ
ڪرڻ ۽ ظالم کي ظلم کان روڪڻ، ئي اصل بهادري آهي۔ ڀلي تہ ويري ڪيترو بہ طاقتور يا مٿين ليول جو ڇون هجي۔
دنيا ۾ هر زماني
۾ اهڙا ماڻهو رهيا آهن، جيڪي ٻين کي تڪليف پهچائي پنهنجي مٿانهين يا ڏاڍي هجڻ کي ثابت
ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل رهندا آهن، مظلومن توڙي مسڪينن کي دٻائي رکڻ چاهيندا آهن۔
پر تاريخ ٻڌائي ٿي تہ اهڙا ماڻهو
آخرڪار زوال جو شڪار ٿين ٿا۔ ڇو تہ سچ ۽ انصاف
جو قانون قدرت جي هٿ ۾ آهي، جيڪو هميشہ
ظالم
کي پٺتي ڇڏي مظلوم ۽  انصاف ڪندڙ کي اوچو مقام
بخشي ٿو۔ وطن، سماج يا فرد جڏهن پنهنجي اندر جي طاقت کي سڃاڻي ٿو، ظلم جو مقابلو عقل،
جرئت ۽ دانائيءَ سان ڪري ٿو، تڏهن ئي تبديلي اچي ٿي۔ شاعر جو ”ويريءَ کي امبر تان ڪيرائڻ“ وارو استعارو دراصل ان فڪري اوچائيءَ جو
نشان آهي، جتي انسان بي انصافيءَ کي للڪاري، حق لاءِ بيهي ٿو۔ اهو عمل رڳو بدلي يا
انتقام جو نہ، پر سچائيءَ جي فتح جو
اعلان هجي ٿو۔
اسان جي سماج
۾ اڄ بہ ڪيترائي اهڙا موقعا آهن، جتي ماڻهو حق لاءِ
آواز اٿارڻ کان ڊڄن ٿا۔ پر ياد رکڻ گهرجي تہ
ظلم
خلاف خاموشي، ظلم کي وڌيڪ طاقت ڏئي ٿي۔ تنهنڪري هر فرد کي پنهنجي اندر جي انسان کي
مضبوط ڪرڻ گهرجي۔ ايمان، سچائي، همت ۽ حوصلي سان، ظالم کي اوچائيءَ تان هيٺ ڪيرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي،
جيئن هو ٻين مسڪينن مظلومن ۽ اٻوجهن سان ظلم زيادتي نہ ڪري سگهي، ظالم کي اوچائيءَ تان ڪيرائي هميشہ لاءِ
ختم
ڪري سگهجي ٿو۔ جيئن مفلسن جي ان مان جند آجي ٿي پوي۔ 
هن ڪالم جو
حاصلِ مقصد يا نقطہ نظر اهو آهي
تہ:
زندگيءَ ۾ هر
حال ۾ سچائيءَ جو ساٿ نہ ڇڏڻ گهرجي۔
جيڪڏهن ڪو سفاڪ ويري ظلم ڪري، تہ ان کي جواب
دانائيءَ، همت ۽ انصاف سان ڏجي۔ ظالم کي جواب ڏيڻ وقت غصو نہ، پر فڪر ۽ فهم کان ڪم وٺڻ ئي انسان جي اصل عظمت
آهي۔ ڇو تہ جنهن آواز ۾ سچ جي سگھ ۽ ايمان جو نور سمايل
هجي، اهو ويريءَ کي، امبر تان يعني تمام اوچي مقام تان بہ ڪيرائي سگهي ٿو۔ ضرورت آهي همت حوصلي جرئت
۽ ايماني قوت جي۔ پنهنجي عزت جي حفاظت لئي وڏي کان وڏي ظالم سان بہ يڌ ڪرڻ گهرجي۔

