پاڪستان پنهنجي قومي
سفر جي هڪ اهم مرحلي تي آهي. ملڪ جي آبادي جو سٺ سيڪڙو حصو ٽيهہ ورهين کان گهٽ عمر
جو آهي، جيڪو دنيا جي سڀني کان نوجوان آباديءَ مان هڪ آهي — اها نوجواني طاقت، تخليق
۽ صلاحيت جو وڏو ذريعو آهي. پر اهو ئي نوجوان طبقو، جيڪو پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحاليءَ
ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو، ڪيترن ئي رڪاوٽن ۽ نظامي مسئلن جو شڪار آهي، جيڪي انهن جي واڌ
ويجهہ، جدت ۽ ملڪ جي تعمير
۾ شرڪت کي محدود ڪن ٿا۔
دنيا تيزيءَ سان
بدلجي رهي آهي۔ ٽيڪنالاجي، سفارتڪاري، ۽ ڪاروباري جدت هاڻي قومي ترقيءَ لاءِ روايتي
سياست جيترا ئي اهم ٿي ويا آهن۔ افسوس جو اسان جو تعليمي نظام اڃا تائين اهڙا شاگرد
پيدا نٿو ڪري، جيڪي تنقيدي سوچ، ايجاد ۽ اخلاقي اڳواڻيءَ جي صلاحيت رکن۔ تجسس ۽ اڳواڻيءَ
کي وڌائڻ بدران اسان اڃا تائين رڳو يادگيري ۽ نظرياتي ڄاڻ تي زور ڏيون ٿا۔ هڪ اهڙي
ملڪ لاءِ جيڪو عالمي مقابلي ۾ رهڻ چاهي ٿو، اهو هڪ وڏو چئلينج آهي، جنهن کي هاڻي نظرانداز
نٿو ڪري سگهجي۔
اڄ جي تعليم کي اهڙي
پليٽفارم ۾ تبديل ٿيڻ جي ضرورت آهي، جيڪو نہ رڳو ذهن پر ڪردار
کي بہ ٺاهي۔ اسان کي اهڙي
تعليمي ماڊلن ۾ سيڙپ ڪرڻي پوندي، جيڪي اعتماد، تخليقيت ۽ شهري شعور پيدا ڪن۔ نوجوانن
کي صرف روزگار حاصل ڪرڻ نہ، پر سماج ۾ تبديلي
آڻڻ بہ سکڻ گهرجي۔ هڪ جديد
پاڪستان کي اهڙا نوجوان گهرجن، جيڪي عالمي طور ڄاڻ رکن ٿا پر پنهنجي زمين ۽ قدرن سان
بہ ڳنڍيل آهن۔
اڳواڻي، اڄ جي دنيا
۾، عهدن يا اختيارن جو نالو نہ آهي، اها خدمت، همدردي
۽ ذميواريءَ جو نالو آهي۔ سچا اڳواڻ اڳ لکن ٿا، پوءِ هلن ٿا۔ هو ڀروسو پيدا ڪن ٿا
۽ گڏيل ڪم تي يقين رکن ٿا۔ پاڪستان جي نوجوان نسل کي اهو سمجهڻ گهرجي تہ اڳواڻي مقابلي لاءِ
نہ، پر قوم جي خدمت
لاءِ آهي۔ اڳواڻيءَ کي هڪ ثقافت بڻائڻ گهرجي، نہ تہ هڪ مقابلو۔
پاڪستان جي هڪ وڏي
غلطي اها رهي آهي تہ نوجوانن کي حڪومتي
پاليسين، فيصلا سازي ۽ سفارتڪاريءَ ۾ منظم طريقي سان شامل نہ ڪيو ويو آهي۔ اسان
کي نوجوانن لاءِ صلاح مشوري جا پليٽفارم، انوويشن فورمز ۽ شهري تربيت جا ادارا قائم
ڪرڻا پوندا، جتي هو پنهنجي خيالن سان ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصو وٺي سگهن۔ جڏهن نوجوانن جا
آواز فيصلا سازيءَ ۾ شامل ٿين ٿا، تہ قوم نون خيالن ۽
توانائي سان ترقي ڪري ٿي۔
جڏهن تہ عالمي معيشتون مصنوعي
ذهانت (AI)، ڊجيٽل شعور ۽ ڪاروباري جدت ڏانهن وڌي رهيون
آهن، پاڪستان کي بہ پنهنجي نوجوانن کي
جديد صلاحيتن ۽ اعتماد سان ليس ڪرڻو پوندو۔ ڊجيٽل لٽريسي، جدت، ۽ سماجي ڪاروبار کي
تعليم ۾ شامل ڪرڻ هاڻي چونڊ نہ پر ضرورت بڻجي ويو
آهي۔ نوجوانن کي جديد اوزارن ۽ سفارتي آگاهيءَ سان بااختيار بڻائڻ سان پاڪستان کي هڪ
امڪاني قوم مان هڪ ڪامياب قوم بڻائي سگهجي ٿو۔
پاڪستان جو مستقبل
صرف پارليامينٽ ۾ طئي نہ ٿيندو. اهو ڪلاس رومز، ڪميونٽين
۽ انوويشن ليبز ۾ طئي ٿيندو۔ هر اهو نوجوان جيڪو ايمانداري ۽ همدردي سان اڳواڻي ڪرڻ
سکي ٿو، اهو ملڪ جي طاقت بڻجي ٿو۔ هاڻي وقت اچي ويو آهي تہ اسان پنهنجي نوجوانن
تي ڀروسو ڪريون. انهن کي رهنمائي
ڪريون، موقعا ڏيون ۽ انهن تي ايمان آڻيون۔ جيڪڏهن اسان اڄ انهن جي ذهنن ۽ قدرن ۾ سيڙپ
ڪنداسين، تہ هو سڀاڻي پاڪستان
جي ترقي ۾ سيڙپ ڪندا۔ ڇوتہ جڏهن نوجوان تعليم
۽ اڳواڻي سان اڀرن ٿا، تہ قومون فخر ۽ امن
سان اڀرن ٿيون۔

