احساس بنا ماڻهو اخبار پراڻي آ ـ حڪيم پريم چاندواڻي

زندگيءَ جي پنن تي لکيل هر ڪهاڻيءَ جو پنهنجو رنگ، پنهنجو ڦهلاءُ ۽ پنهنجي ڏکن سکن جي سڃاڻپ هوندي آهي، پر جڏهن دل مان احساس ختم ٿي وڃي تہ پوءِ ماڻهو بہ پراڻي اخبار جيان، لڳندو آهي، جنهن کي ڪو پڙهندو تہ ناهي پر اها هيڏي هوڏي پئي رلندي آهي، نہ ئي ان جا لفظ ڪنهن دل تي اڻمٽ نقش ڇڏيندا آهن. احساس ئي انسان جي اک ۾ چمڪ، زبان ۾ سچائي، ۽ روين ۾ نرمي آڻي ٿو. احساس کان خالي ماڻهو، جيتوڻيڪ زندہ تہ هجي ٿو، سندس وجود ۾ ساھ هلندي محسوس ٿئي ٿو، پر جاندار ناهي هوندو.

انساني روين ۾ احساس جو رنگ:

سماج ۾ هر تعلق جو ماپو احساس آهي. ماءُ جي گود کان وٺي دوستن جي صحبت تائين، هر رشتو تيستائين قائم رهندو آهي، جيستائين ٻنهي پاسن کان احساس زندہ آهي. جتي خودغرضي وڌي وڃي، اتي احساسن جا گل سڪي سڪي ڇڻندا ۽ ڪرندا رهن ٿا. ماڻهو هڪ ٻئي سان گڏ ويٺل تہ هوندا آهن، پر سندن دلين جي وچ ۾ ميلن جيڏو فاصلو حائل هوندو آهي.

انسان جڏهن احساس وڃائي ويهي ٿو، تڏهن سندس ڳالهين ۾ بي مزگي دل ۾ سرد مهري ۽ چهري تي بيحسيءَ جو ڇانورو نظر اچي ٿو. اهڙو ماڻهو سماج لاءِ بہ اوترو ئي غيرمفيد ٿي وڃي ٿو، جيترو پراڻي اخبار.

سماجي بيحسي ۽ ان جا اثر:

اڄ اسان جي گهڻن مسئلن جو اصل ڪارڻ بيحسي آهي. پاڙي ۾ بيمار پيو هجي تہ ڪنهن کي ڪا خبر نہ، بُک تي ٻار ٿر ۾ تڙپي مري رهيا هجن تہ اسان کي احساس نہ، ڪنهن جي ڏک ۾ گڏ ويهڻ تہ گهڻي پري جي ڳالهہ آهي۔  هيءَ بيحسي رڳو فردن کي نہ پر سڄي سماج کي ڪمزور ڪري ٿي.

جڏهن ماڻهو پنهنجي آرام کي ٻين جي ڏک تي ترجيح ڏين ٿا، تڏهن سماج جو بناوٽي چهرو تہ نظر اچي ٿو، پر دلين جي سچائي ختم ٿي وڃي ٿي. اهڙو سماج هميشہ اندروني طور دهل جيان پورو يا خالي رهندو آهي.

ادب ۽ احساس، هڪ اڻٽٽ رشتو:

ادب جو بنياد ئي احساس تي بيٺل آهي. شاعر جڏهن لفظن جون ڪڙيون ملائي ٿو تہ ان جي هر سٽ هڪ تاثر، هڪ درد، هڪ محبت، يا هڪ محروميءَ سان جڙيل هوندي آهي. احساسن کان خالي ماڻهو هٿان ادب سرجي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ تہ ادب جي جڙ دل جي دنيا ۾ اڀرندڙ تڙپ هوندي آهي.

سماجي شعور بہ تڏهن ترقي ڪري ٿو، جڏهن دل ۾ ٻين لاءِ ڪو درد  هجي. ادب جو مقصد بہ انسانيت کي جاڳائڻ آهي، ان لاءِ احساس لازمي آهي.

احساسن جي کوٽ ڇو؟:

اسان جو دؤر تيزيءَ جو دؤر آهي. ماڻهو وقت جي ڊوڙ ۾ ايترو اڳتي نڪري ويو آهي، جو پوئتي رهجي ويل دلين جي آوازن کان بہ بيخبر ٿي ويو آهي. مسئلو اهو ناهي تہ دنيا بدلجي وئي آهي، پر اهو آهي تہ دلين جون دوريون وڌي ويون آهن. موبائل جا نوٽيفڪيشن ٻڌجن ٿا، پر دل جي ڌڙڪنن جو پيغام ڪو نٿو ٻڌي.

احساسن جي کوٽ انسان کي اڪيلو ڪري ٿي، ۽ پوءِ هو پنهنجي ئي دنيا ۾ قيد ٿي وڃي ٿو، جتي نہ محبت جي خوشبوءَ آهي ۽ نہ قربت جي گرمي.

احساس کي ٻيهر زندہ ڇو ۽ ڪيئن ڪجي؟:

احساس ڪنهن جنم واري نعمت جو نالو نہ، پر هڪ مشق آهي. ڪنهن جي مزاج پرسي ڪيو، دل نرم ٿيندي. ڪنهن جي مدد ڪريو، روح هلڪو ٿيندو. ڪنهن ٻار جي اکين ۾ اميد جا ڏيئا روشن ڪيو، دل ۾ روشني وڌندي. ڪنهن بزرگ جي خاموشيءَ ۾ لڪل درد ٻڌو، توهان جو احساس زندہ ٿيندو. جڏهن ماڻهو ٻين لاءِ جيئڻ سکي وٺي ٿو، تڏهن احساس پاڻ ۾ پلجي ٿو. محبت، همدردي، ۽ قرباني اهي حسين جذبا آهن، جيڪي انسان کي انسان بڻائن ٿا.

مرڪزي خيال:

احساس بنا ماڻهو بي مقصد لفظن جي مالها وانگر آهي، جنهن ۾ نہ معنيٰ آهي، نہ ئي سونهن، نڪي زندگي. احساس ئي انسانيت جو روح آهي، جيڪو سماج کي زندہ ۽ ڳنڍيل رکندو آهي.

هن ڪالم جو حاصلِ مقصد:

اسان جي روين ۾ احساسن جو بهتر واڌارو ئي سماج جي بهتري، رشتن جي مضبوطي، ۽ انسانيت جي بحاليءَ جو رستو آهي. هر ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي اندر ۾ ٿورو احساس زندہ ڪري، تہ دنيا جو هر ڏينهن نئين جذبي سان، نئين زندگيءَ سان سامهون ايندو۔ نڪي پراڻي اخبار وانگر، پر هڪ جاندار صبح جي سرشاريءَ وانگر۔ محبت، احساس ۽ انسانيت  هميشہ نوان، هميشہ تازا، جاندار ۽ جوان هجڻ گهرجن۔

احساس اگر، زندہ رهندو،

انس ماڻهپو، باقي بچندو۔


Previous Post Next Post