چين جي نئين اڀار قديم تهذيب کان جديديت تائين ـ صوفي رحمان علي

چيني تمدن دنيا جي قديم ترين ثقافتن مان هڪ آهي ۽ ھي هڪ اهڙو خطو آهي، جتي ثقافت جو تسلط آهي، جيڪو اوڀر ايشيا جي هڪ وڏي جاگرافيائي علائقي تي پکڙيل آهي، چين جي صوبن، شهرن ۽ ايتري قدر جو ڳوٺن جي وچ ۾ تمام مختلف روايتن ۾ ثقافت ادب، موسيقي، بصري آرٽس، مارشل آرٽس، ساڻ ھڪ اهڙو فڪري گلستان آهن، جتي ٻڌمت، جين ڌرم ۽ ٻين فڪري ڌارن جي خوشبو بہ شامل آهي، ميسوپوٽيميا ۾ انساني تاريخ جي پھرين تهذيب جي اسرڻ جي ھڪ ھزار سال پوءِ دنيا ۾ چيني تهذيب بہ وڏي تيزيءَ سان اسرڻ شروع ٿي، ۽ ستن عظيم تهذيبن ۾ قديم چيني تھذيب بہ شمار ٿي، سياري جي شام جي ڪوهيڙي ۾ چين جي عظيم ديوار ڪنڌ وڌائي وقت جي واديءَ کي نهارڻ لڳي. صدين پراڻن ٽيراڪوٽا سپاهين جي مورتين تي سج جي پوئين پهر جي ڪرڻن جو پاڇو پيو ڄڻ تہ هو اڄ بہ سڄاڳ نگهباني ڪندي، ڌرتيءَ، تهذيب ۽ حڪمت جي، ان ئي سرزمين تان، جتي سن زو پنهنجو ڪتاب آرٽ آف وار ويڙه جو فن لکيو، جتي ڪنفيوشس فڪر جي بنياد رکيو، اڄ چين ٻيهر نئين شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. ڌرتي، جيڪا اڳ ترخانن، منگولن جي يلغارن ۽ آفيم جي جنگين سان زخمي هئي، هاڻي صنعتي انقلاب، سائنس، ۽ ڊجيٽل مظبوط معاشي قوت بڻجي اڀريو آهي، هينري ڪسنجر چيو تہ چين نہ صرف سڄاڳ ٿي چڪو آهي، پر هاڻ هلڻ نہ پر ڊوڙڻ شروع ڪيو آهي.

قديم وقت ۾، چين جي حڪمت عملي علم، صبر ۽ غير مرئي حرڪت ۾ لڪل هئي. سن زو چيو تہ حقيقي جنگ اها آهي، جيڪا ڪڏهن بہ وڙهي ئي نہ وڃي، اڄ چين جي عالمي ڊپلوميسيءَ ۾ ساڳي ماٺ، پر مضبوط قدم محسوس ٿي رهيو آهي، 3 سيپٽمبر 2025 ۾ ٻئي عالمي جنگ ۾ جاپان جي چين جي مٿان تسلط جبر جي خاتمي جي ياد  پريڊ ۾ لازوال فوجي طاقت جو اهڙو مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ نہ رڳو ٽيڪنيڪل سازوسامان، ڊرونز، ھائپرسانگ ميزائل، مصنوئي ذھانت سان ليس ايٽمي آبدوز، ۽ اسٽيلٿ جيٽ پنجين نسل جا ويڙهاڪ جهاز، مصنوئي ذهانت سان هلندڙ دفاعي نظام شامل هئا، پر ان جي پويان هزارين سال پراڻي حڪمت جو پاڇو بہ ظاهر هو، چين جديد فوجي سازو سامان جي جيڪا نمائش پيش ڪئي، ان دنيا کي ياد ڏياريو تہ ماضي جا گهوڙا هاڻ ٽينڪن ۾ بدلجي ويا آهن، پر سوار اڃا بہ ساڳي تدبير سان سن زو جي ويڙھ جي فن حڪمتِ عمليءَ تي عمل ڪري رھيا آھن. اڄ جو چين بندوقن بدران بئنڪن، ۽ ٽينڪن بدران ٽيڪنالاجيءَ سان دنيا کي شڪست ڏيڻ چاهي ٿو، بي آر آءِ، ڊيجيٽل يوآن، چائنا اسپيس پروگرام سڀ انهن حڪمتين جا نوان روپ آهن، جيڪي هزارين سال اڳ سن زو جي ڪتابن ۾ لکيل هيون، چين جو اُڀار ڪو اوچتو يان حادثي نہ آهي چين وڏي صبر، خاموش ترقي ۽ محتاط سفارتڪاريءَ جو نتيجو آهي

شنگهائي جي بلندن عمارتن کان وٺي گوبِيءَ جي صحرائن تائين، چين جو سفر رڳو ٽيڪنالاجيءَ جو نہ پر تهذيب جو بہ آهي. آمريڪي ٿنڪ ٽئنڪ جي پاليسي مطابق  قطبي دنيا جي دعويٰ هاڻ بہ چين آهي، ۽ يورپ، جيڪو ڪڏهن واپار جا روٽ طئي ڪندو هو، اڄ اميدون جي ڇانوَ ۾ نئين رستي جا نقشا ڏسي رهيو آهي جيڪي ايشيا ۽ چين طرف آهي، طاقت جو سرچشمو ھاڻي ايشيا آهي، سو، هيءَ ڪهاڻي صرف چين جي ناهي، بلڪہ وقت جي آهي. جتي هڪ تهذيب، سوشلسٽ انقلابي حڪمت عملي سان هزارين سالن کان پوءِ بہ، تاريخ جي سيني تي نئون باب لکي رهيو آهي، چين جي نئين اڀار سان امريڪا ۽ اتحادين نيٽو سان اقتصادي ۽ ڊپلوميٽڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيندي نظر اچي رھي آھي، جڏهن طاقت جا پيمان بدلجن ٿا تڏهن اڪثر تاريخ رت سان ريٽيل لکبي آهي، اڄ جي دنيا، جيڪا ظاهري طور عالمي ڳوٺ آهي، اندروني طور ٻيهر بلاڪن ۾ ورهائجڻ شروع ٿي چڪي آهي، ڪمبوڊيا، تايوان، قطر، يوڪرين، غزه، ۽ ايران، جا تڪرار رڳو علائقائي مسئلا ناھن رھيا، پر عالمي طاقت جي پراڪسيءَ جو ميدان بڻجي چڪا آهن، روس، ايران، چين، اتر ڪوريا هڪ طرف آمريڪا، NATO، يورپي يونين اتحاد جاپان، ڏکڻ ڪوريا، ترڪيہ، شامل آهن، ڇا ٽين عالمي جنگ جو امڪان آهي، شايد نہ، پر جيئن جارج اورويل چيو هو، جنگ کٽڻ لاءِ نہ، پر ان کي جاري رکڻ لاءِ وڙھي ويندي آهي، ۽ لڳي ٿو تہ دنيا هڪ مسلسل ڇڪتاڻ جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي جنگ نہ ٿيندي، پر جنگ جو خوف، ڪنٽرول جو وسيلو ۽ دنيا جو وڏو ھٿيارن جو واپار جي نئين مارڪيٽ لکي چڪي آهي.


Previous Post Next Post