ڪوڙ ڪپت جي،
ختم ٿي ويندو،
قوم جو شان،
وڌي ويندو۔
دامن صاف، بخت
شفاف۔
اهو ئي اوسر
جو صاف رستو ۽ ترقيءَ جو اصل راز آهي۔
سچائيءَ جي
روشنيءَ سان جڏهن دليون روشن ٿين ٿيون، تڏهن قومن جي تقدير بدلجي وڃي ٿي۔ ڪوڙ ۽ ڪپت
جا پاڇا، جيترا بہ گهڻا هجن، هڪ
ڏينهن سج جي ڪرڻن وانگر سچائيءَ جي روشني انهن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي۔ انسان جي اندر
جو سوجهرو ئي سماج جي اصل روشني آهي، ۽ اها روشني تڏهن پيدا ٿئي ٿي، جڏهن ضمير سچائيءَ
جي رستي تي هلي پوي ٿو۔
ڪوڙ جي سهاري
تي ٺهيل عمارت ڪڏهن بہ مضبوط نہ هوندي آهي۔ ڪوڙ وقتي فائدو ڏئي سگهي ٿو،
پر اها فائدي واري چمڪ ايتري ئي ٿوري هوندي آهي، جيتري کنوڻ جي چمڪ اوچتو ئي ظاهر ٿئي
۽ پوءِ غائب ٿي وڃي۔ ٻي طرف، سچ هڪ دائمي روشني آهي۔ جيڪا نہ صرف ضمير کي مطمئن ڪري ٿي، پر زندگيءَ کي
بہ سڪون سان ڀري ٿي۔
جڏهن انسان
پنهنجو دامن صاف رکي ٿو، تڏهن قسمت پاڻ سندس رستي تي مسڪرائي بيهندي آهي۔ بخت شفاف
تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن نيت صاف هجي، سوچ شفاف هجي، ۽ عمل ايمانداريءَ سان ڀريل هجي۔
اهڙو ماڻهو هر حال ۾ عزت وارو رهندو آهي، ڇو تہ
هو
پنهنجي اندر سان سچو هوندو آهي۔
ڪوڙ جي دنيا
۾ ايماندار ماڻهو اجنبي لڳن ٿا، پر حقيقت ۾ اهي ئي سماج جا اصلي چراغ آهن۔ انهن جي
روشنيءَ سان ئي سچ ۽ انصاف جي واٽ روشن ٿئي ٿي۔ جڏهن ڪوڙ، منافقت ۽ دوکو دغابازي ختم
ٿين ٿا، تڏهن محبت، احترام ۽ اخلاص جو دؤر شروع ٿئي ٿو۔
قومون تڏهن
عروج تي پهچن ٿيون، جڏهن انهن جا فرد پنهنجي ضمير جا آواز ٻڌن ٿا۔ سچ ڳالهائڻ، انصاف
ڪرڻ، ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ ڪنهن بہ
ملڪ
لاءِ بنيادي شرط آهي۔ جڏهن هر ماڻهو پنهنجو پاڻ سان سچو هوندو، تڏهن ئي قوم مضبوط ٿيندي،
۽ قوم جو شان وڌندو۔
ڪوڙ ۽ دوکي
جي دنيا ۾ وقتي شهرت تہ ملي سگهي ٿي،
پر اها شهرت ڪپهہ جي ڪچي تند
وانگر هوندي آهي۔ هڪ هلڪي ڇهاءَ سان ئي ٽٽي پوندي آهي۔ پر سچائيءَ تي قائم ماڻهوءَ
جي عزت تاريخ جي صفحن تي امر ٿي ويندي آهي۔ سچ ڳالهائڻ ۽ سچ تي هلڻ همت گهرن ٿا، پر
اهو ئي اصل بهادريءَ جي علامت آهي۔
جڏهن ڪو ماڻهو
ڪوڙ ڇڏي سچ جي راه اختيار ڪري ٿو، تہ هو رڳو پنهنجو نہ، پر پنهنجي قوم جو بخت بہ روشن ڪري ٿو۔ هر ايماندار دل، هر صاف نيت،
قوم جي خوشحاليءَ لاءِ هڪ نئون قدم آهي۔ اسان کي گهرجي تہ پنهنجن دلين مان ڪوڙ جا ڄارا لاهي ڪڍي اڇلايون،
۽ سچائيءَ جي هوائن سان پنهنجن جذبن کي تازو ڪريون۔
ڪوڙ ۽ ڪپت رڳو
لفظي بيماريون نہ آهن، پر اهي
سماج جي روح کي زهر آلودہ ڪندڙ رويا آهن۔
انهن سان رشتا ٽٽن ٿا، ڪارپت ختم ٿي وڃي ٿي، اعتماد ختم ٿي ويندو آهي، ۽ انسانيت جو
ڀروسو ختم ٿيندو آهي۔ جڏهن دامن صاف رکبو، تہ
نہ رڳو بخت روشن ٿيندو، پر ضمير جو آئينو بہ چمڪي شفاف ٿي پوندو۔
اچو تہ پنهنجي ذات کان شروعات ڪريون۔ ڪوڙ جي مقابلي
۾ سچ کي ترجيح ڏيون، دوکي جي جاءِ تي ايمانداريءَ کي اختيار ڪريون، ۽ نفرت جي جاءِ
تي محبت کي پکيڙيون۔ اهو ئي رستو آهي، جيڪو قومن کي بلنديءَ تائين وٺي وڃي ٿو۔
حاصل مقصد:
سچائيءَ جي
راه ڏکي ضرور آهي، پر اها ئي عزت، اطمينان ۽ ترقيءَ جي راه آهي۔ ڪوڙ ۽ ڪپت جو خاتمو
ئي سماج جي اصلي آزادي آهي۔ دامن صاف رکڻ، بخت کي شفاف بڻائڻ ۽ سچ کي زندگيءَ جو مرڪز
بڻائڻ ئي انسان ۽ قوم جي اوسر جو اصل راز آهي۔
بد کان وڌ،
بدنام برو،
ترقيءَ جي پٺ ۾ ڇرو۔

