ڪاغذن تائين محدود سنڌ جا ترقياتي منصوبا ـ ارشاد علي پنهور

سنڌ پاڪستان جو سڀ کان وڏو ٽيڪس ڏيندڙ صوبو ۽ معدنيات سان مالامال آهي. جنهن جي ڪمائي ملڪ جو اڪيلي سر 40 کان 50 سيڪڙو آهي. جيڪو ملڪي گھرجن جي پورائي ڪرڻ ۾ چيلهہ جي حيثيت رکندڙ آهي. جيڪا ملڪي معيشت  کي وڏو سھارو ڏيندڙ پڻ آهي، پر ان سڀ جي باوجود ڏسجي تہ بدلي ۾ خود سنڌ کي ڇا ٿو ملي..؟؟

ھتي جي ڪاغذي ترقي ۾ ڪا حقيقت بہ آهي يا صرف ڏيکاءُ؟ سنڌ جي عوام کي سندن وسيلن بدلي، گھربل حق ملن پيا يا سندن جي نصيب ۾ رڳو حڪومتي غفلتون...؟

سنڌ جيڪو ملڪ عزيز پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ وسيلن سان مالا مال، تاريخي ۽ ثقافتي طور امير خطو آهي، سو افسوس سان، اڄ بہ اڪثر بنيادي سهولتن جي کوٽ، غير منصفاڻي ترقي ۽ ادارياتي ڪمزورين کي منهن ڏئي رھيو آهي. جتي جي ترقياتي رٿائن جو وڏو حصو صرف فائيلن، ڏيکاء ڏيندڙ منظورين ۽ سرڪاري آفيسن جي ڪاغذي ڪاروائين تائين ئي محدود آهي. هي حقيقت ڪنهن کان بہ لڪل نہ آهي تہ جيڪي منصوبا بھتر منصوبابندي ڪرڻ سان ھتي جي ماڻهن جي زندگي ۾ بدلاو جو سبب بڻجي سگهن ٿا، سي اڪثر اڄ بہ رپورٽن، لکيل فائلن، افتتاحي تختين ۽ اعلانن کان اڳتي وڌي نہ سگهيا آهن.

هي ڪمزوري صرف صوبي جي انتظامي نہ پر سياسي ۽ معاشي نااهلين جو مجموعو پڻ آهي. سنڌ جي تقريباً هر ضلعي ۽ شھر ۾ اڻپورا رستا، بند پيل اسڪول ۽ اسپتالون، يا سندن جو نيم تيار تعميراتي ڍانچو، جتي روڊ آهن بہ اھي کڏن سان ڀريل نظر ايندا ۽ پڻ ڪيترائي اڌورا منصوبا ان ڳالهہ جو زندہ مثال آهن تہ اسان وٽ ترقي جو تصور صرف ڪاغذي بنيادن تي ئي آهي.

جنهن جو سادو مطلب تہ منصوبن جا اعلان تہ ٿين ٿا پر عملي ڪم نہ ٿيڻ ڪري اڪثر منصوبا رولڙن کانپوءِ سدائين لاءِ بند ٿي وڃن ٿا. جن جو وڏو سبب وقت سر بجيٽ منظور نہ ٿيڻ، فنڊ جاري نہ ڪرڻ، يا ناقص منصوبابندي ھوندو آهي. ڪٿي تغ رپورٽن ۾ اھڙا ڪيترائي ڪم ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا 100 سيڪڙو مڪمل ڏيکاريا ويندا آهن پر زمين تي سندن جي حقيقت 0 سيڪڙو ڪم جي ھوندي آهي.

اڪثر منصوبن ۾ ٺيڪيدارن ۽ سرڪاري عملدارن جي ملي ڀڳت شامل ھوندي آهي. جيڪا سندن لاءِ تہ لاڀ ڏيندڙ، پر سماجي سطح تي نقصان ڏيندڙ آهي. جيئن ئي ڪو منصوبو ڪاغذن ۾ شامل ٿئي ٿو، تہ فوري طور ميڊيا تي ان جا اعلان، افتتاحي تختيون ۽ سياسي بيان جاري ٿي وڃن ٿا، پر حقيقي سطح تي عام ماڻهو کي ڪجهہ بہ حاصل نٿو ٿئي.

ملڪ سان گڏ سنڌ  اندر پڻ تقريباً هر شعبي ۾ ڪرپشن هڪ منظم نظام جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. جنهن سبب ٿيندڙ ڪمن اندر بہ، ٺيڪيدار غير معياري سامان استعمال ڪن ٿا ۽ ان باوجود پڇاڻن کان پري آهن. ڇاڪاڻ تہ ھتي اڪثر نگراني ڪندڙ ادارا پاڻ مفاد پرست بڻيل آهن. اهڙي عمل سبب عوام جو اعتماد بہ ٽٽي پيو آهي ۽ عوام پڻ جيئن آهي تيئن پيو ھلي جو سوچي خاموش رھڻ ئي پسند ڪيو آهي. ھتي اڪثر منصوبا جيڪي شروع ٿين بہ ٿا تہ اھي سياسي مداخلت ۽ پسند، نا پسند تي ھلندا آهن. اڪثر عوامي سڏائيندڙ سياستدان بہ پنهنجي پسند جي علائقن کي منصوبن لاءِ چونڊين ٿا ۽ مخصوص ٺيڪيدارن کي ئي ڪم ڏنو وڃي ٿو. ڪمن ۾ غير ضروري مداخلت ۽ ذاتي مفاد جي ترجيح عام ڳالهہ آهي. اهڙن عملن سبب منصوبا عوام جي ڀلائي بجاءِ سياسي ڏيکاءُ ئي بڻجي وڃن ٿا. اڄ بہ سنڌ جو وڏو حصو صحت، تعليم، پاڻي ۽ رستن جهڙيون بنيادي سهولتون نہ ملڻ سبب ماڻهو مشڪل زندگي گذاريندڙ آهي. ھتي اڪثر منصوبا پئسن، وقت جو زيان ۽ بي نتيجا ئي ثابت ٿيا آهن، پر ھاڻ وقت آهي تہ سنڌ کي جعلي ترقي نہ پر حقيقي ترقي جي طرف مائل ڪجي. اها ترقي جيڪا ماڻهن جي زندگي بدلي، علائقن جي خوشحالي کي اڳتي وڌائي، ۽ ايندڙ نسلن کي پڻ بهتر مستقبل ڏئي.


Previous Post Next Post