ڊاڪٽر: سماج جي ضرورت، سندن سماجي خدمتون ۽ بي‌رحميون ـ ارشاد علي پنھور

انسان جي وجود جو سڀ کان خوبصورت رنگ، خدمت جو جذبو آهي. دنيا جي هر تهذيب، مذهب ۽ انساني قدرن ۾ اھڙي جذبي کي مرڪزي حيصيت حاصل آهي. هڪ ئي ڳالهہ تي اچي بيهندو آهي. جيڪو هي عمر، دولت ۽ ڪنهن درجي کان مٿانھون آهي. اھڙن قدرن جي پورائي لاءِ انساني سماج جي تاريخ ۾ اھڙا  ڪيترائي ئي پيشا پڻ آهن. جيڪي زاتي زندگيَ سان گڏ، سماجي خدمت سان پڻ جڙيل آهن. جن مان ھڪ آهي ڊاڪٽري پيشو، جيڪو علم، حساسيت، انسانيت ۽ سماجي خدمت جي ذميواريءَ جو مڪمل مجموعو آهي. جيڪو سموري سماج جي اميدن، سان گڏ خوفن، بيچينين ۽ دعائن جو ذميوار پڻ هوندو آهي. ھڪ ڊاڪٽر، عام ماڻهن جي، دردن جي زبان سمجهڻ جي سگھ رکندو آهي ۽ لڪل بيماريءَ جو پتو لڳائيندو آهي. پر ساڳئي وقت، هي پيشو، ڪڏهن ڪڏهن بي‌حسيءَ جي اونداهي ۾ پڻ نظر اچي ٿي. جيڪا سماج لاءِ اھم خراب عمل طور ڏٺي وڃي ٿي.

جيئن تہ ڊاڪٽر، سماج جي سڀ کان اهم ضرورت مان ھڪ آهي. جيڪو ڪنهن سماج جي ترقي، خوشحالي ۽ صحتمند نسل جي تعمير جي وجود لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. جيڪو ھڪ ماءُ جي پيٽ ۾ پلجندڙ زندگيءَ کان وٺي پوڙھائپ جي، آخري ساه تائين سنڀال جو حصو آهي. جنهن جي ھنج ۾ ٻار جو پهريون روئڻ، دنياوي زندگيَ جو پهريون ساھ، توڙي جو ڪنهن مريض جي آخري آھ پڻ، گهڻو ڪري ڪنهن ڊاڪٽر جي هٿن منجھ ئي سسڪيون ڀريندي آهي. ھڪ ڊاڪٽر ئي بيمارين جي روڪڻ، علاج ڪرڻ ۽ صحت جي قومي پاليسين جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي. جيڪو ڪنهن زندگي کي بچائڻ سان گڏ، ڪنهن جي ڊهندڙ حوصلن کي بہ ٻيهر تعمير ڪري ڇڏيندو آهي. سندس پاران، صحيح وقت تي ڏنل، صحيح مشورو، درست علاج ۽ صحيح دوا، يا ڪو هڪ حوصلا افزائي جو جملو، ڪيترن ئي خاندانن لاءِ نئين زندگي جو رستو ثابت ٿيندو آهي. ڊاڪٽر دراصل، روزانہ سماجي خدمت ۾ مصروف شخصيت آهن. صبح کان، رات جي دير پهرن تائين پيو وس ڪندو آهي تہ ڪنهن جي زندگي بچي پوي. اڪثر ڊاڪٽر ھر حال ۽ ھر ماحول ۾، هر مريض سان ساڳي همدردي رکن ٿا. سندن ذميوارين جو دائرو تمام وسيع آهي. پر جتي اھڙا خدمت ڪندڙ ڊاڪٽر آهن تہ ساڳي ئي سماج ۾ اتي ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جو واسطو چند بي‌ رحم غير ذميوار ۽ لالچي ڊاڪٽرن سان پوي ٿو. جيڪي ھن مقدس پيشي ڪي بدبودار بڻائڻ جي ڪا ڪسر ناھن ڇڏيندا. اھڙا سبب سماج ۾ تلخ سوالن کي جنم ڏين ٿا تہ ڇا سندن لاءِ سماجي خدمت ۽ ماڻهن جر علاج کان وڌيڪ ڪاروباري سوچ اھم آهي...؟؟

ڇاڪاڻ تہ سماج ۾ اھڙا ڪيترائي ڊاڪٽر سندن زاتي ڪاروبار جي سوچ سان، اسپتالون کولي ڪاروباري بڻجي چڪا آهن. جتي ڪنهن مريض جي ضرورت ۽ تڪليفن  بجاءِ، ڳرن بلن ذريعي مريضن کي ھر حال ۾ لوٽڻ کي اھم سمجهيو وڃي ٿو. جتي اجايون ۽ ضرورت کان وڌيڪ مھانگيون ٽيسٽون، دوائون ۽ غير ضروري آپريشن ٿيڻ، انساني قدرن کي زخمي ڪرڻ برابر آهن. ايترين ڳرين فيسن باوجود، ڪيترائي ڊاڪٽر، وڌ کان وڌ مريض ڏسڻ ۽ پيسا ٺاھڻ خاطر، مناسب وقت ناھن ڏيندا، مريض ۽ وارثن سان ڳالهائڻ وقت بہ سندن لھجو اڪثر تلخ ۽ بي رخي طبيعت وارو محسوس ٿيندو آهي. جنهن سبب هن مقدس پيشي جو اعتماد ڀڄي پوي ٿو.

اڪثر ڪيتريون ئي بهترين سهولتون غريبن لاءِ ميسر ناھن. ھر حال ۾ گھرب پئسا آڻيو، پوءِ علاج ٿيندو وارو جملو انساني وقار جي توهين بڻجي ويو آهي. اڄوڪي سماج جي سچائي اھا ئي آهي تہ ڊاڪٽرن جي مهربانين ۽ بي ‌رحمين جي وچاھين رستي تي ئي سماج جي صحت جو نظام بيٺل آهي. مطلب ڊاڪٽرن کي جيئن وڻين، تيئن ڪن. جيتوڻيڪ نہ ئي سڀ ڊاڪٽر فرشتا آهن، نہ ئي سڀ اھڙي ڪردار سان تعلق رکندڙ پر هڪ سٺو ڊاڪٽر هميشہ انسانيت کي ترجيح، ضرور ڏيندو آهي. سندس علم ۽ ڄاڻ کي خلوص سان استعمال ڪندو آهي ۽ زندگيَ جي بچاءَ لاءِ کنيل حلف ڪڏهن ناھي وساريندو.

ساڳي ھنڌ سماج کي بہ ڄاڻڻ گهرجي تہ ڊاڪٽر بہ انسان ئي آهن، اتي بہ سندن ڪم جي بار سبب ٿڪجن ٿا، سندن کي بہ سماجي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو تہ اھڙي حالت ۾ سماجي زميواري آهي تہ سندن سان پڻ مناسب ۽ گھربل رويو اختيار ڪيو وڃي. پر ڊاڪٽرن صاحبان کي بہ اها ڳالهہ ڪڏهن نہ وسارڻ گهرجي تہ انساني زندگي جو هر ساه، سندن هٿن ۾ رکيل اعتماد جي قرض جيان آهي. ڊاڪٽرن جون اسپتالون، انسانيت جي علاج ۽ تڪليفن جي گھٽ ڪرڻ لاءِ ھونديون آھن. اسان سڀني جو اھو گڏيل فرض آهي تہ هن پيشو کي احترام سان گڏ جوابداريءَ جي روشني ۾ رکون. جنهن سان سماج جي ڀلائي ۽ بھتري ممڪن ٿي سگهي نہ ئي سماج جي زخمن کي ڳرو بڻائجي.


Previous Post Next Post