فلسطين، عالمي سفارتڪاري ۽ ڏکڻ ايشيا جي ٻن حريفن لاءِ فيصلائتو وقت ـ ارشاد علي پنھور

دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر انتهائي نازڪ ۽ فيصلائتي موڙ تي بيٺل نظر اچي رھي آهي. خاص غزہ ۾ جاري انساني الميي، بظاهر عالمي ضمير کي لوڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان غزہ لاءِ تجويز ڪيل بورڊ آف پيس عالمي سياست ۾ هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي. ھاڻ سوچڻ جي ڳالھ رڳو اها ناهي ته اهڙو بورڊ ٺاهڻ وقت جي ضرورت يا  غزہ ۾ ٿيل قتلام جو ڪو مرھم ڪندو يا نه پر فلحال ته سوال اهو آهي ته ڇا اهو بورڊ واقعي علاقائي امن آڻي سگهندو..؟ ۽ جيڪڏهن آڻي سگهي ٿو ته ڪهڙن شرطَن تي..؟

غزہ جي حد تائين اهڙي پس منظر ۾ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي لاءِ پڻ هي وقت هڪ وڏي فيصلي جي تقاضا ڪري ٿو. ڇا اهي ٻئي ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪ صدر ٽرمپ جي دعوت تي غزہ لاءِ ٺاهيل هن امن بورڊ جو حصو بڻجندا؟ ۽ جيڪڏهن بڻجن ٿا ته ان جا اثر رڳو وچ اوڀر تائين محدود رهندا يا ڏکڻ ايشيا ۽ عالمي سياست تي به پوندا...؟

جتي پاڪستان تاريخي طور فلسطين جي حمايت ڪندو آيو آهي ۽ غزہ جي مسئلي کي اخلاقي، انساني ۽ اصولي بنيادن تي ڏسندو رهيو آهي. اتي پاڪستان اگر هن بورڊ ۾ شامل ٿئي ٿو ته اهو سندس روايتي موقف جي توسيع ئي سمجهيو ويندو، پر ساڳئي وقت پاڪستان کي اهو خدشو پڻ ھئڻ گھرجي ته ڪٿي هي بورڊ فلسطيني نمائندگي کانسواءِ رڳو سفارتي ڏيکاءُ ته ثابت نه ٿيندو...؟

ٻئي پاسي ڀارت جي پوزيشن وڌيڪ پيچيده نظر اچي ٿي. ڀارت گذريل ڪجھ سالن ۾ اسرائيل سان دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا مضبوط ڪيا آهن. جڏهن ته عرب دنيا سان پڻ سندس معاشي مفاد ڳنڍيل آهن. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي لاءِ هن بورڊ ۾ شموليت هڪ وڏو سفارتي امتحان هوندو. ڇا ڀارت پاڻ کي عالمي امن جو غيرجانبدار ساٿي ظاهر ڪندو يا سندس شموليت کي اسرائيل نواز پاليسي طور ڏٺو ويندو..؟

ھتي اسرائيل جو هن امن بورڊ کان مطمئن نه هجڻ، پڻ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ اهم اشارو آهي. جيتوڻيڪ اسرائيل عالمي فورمن تي امن جون نالي ماتر ڳالهيون ته ڪندو آهي، پر عملي طور اهڙن پليٽ فارمن کان پاسو پڻ ڪندو رهيو آهي جتي مٿس اخلاقي يا سياسي دٻاءُ وڌڻ جو امڪان هجي. هن بورڊ تي سڀ کان وڏي تنقيد اها پڻ آهي ته اعليٰ سطح تي ڪنهن به فلسطيني نمائندي کي شامل ناھي ڪيو ويو. جيڪو هڪ بنيادي سوال اٿاري ٿو ته: جيڪو مسئلو بنيادي طور آهي ئي فلسطين سان جڙيل، اتي جيڪڏهن ساڳئي متاثر قوم کي ئي فيصلن کان ٻاهر رکيو وڃي، ته سندن لاءِ اهڙو امن ڪيئن قبول لائق ۽ پائيدار ٿي سگهي ٿو..؟

تاريخي طور متاثر ڌر کانسواءِ طاقتور ملڪن پاران ڪيل فيصلا هميشه عارضي ئي  ثابت ٿيندا آيا آهن ۽ انھن  اڪثر نون تڪرارن کي ئي  جنم ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته اصولي طور، ڪنهن به امن منصوبي جي ڪاميابي لاءِ ٽي بنيادي شرط هوندا آهن:

·        خاص متاثر ڌر جي سڌي شموليت

·        ذميوار غيرجانبدار ۽ شفاف قيادت

·        بيان بازي بجاءِ، عملي ضمانتون

جيڪڏهن غزہ لاءِ ٺاهيل بورڊ انهن اصولن تي ئي پورو نٿو لهي ته پوءِ اهو پڻ ماضي جي ڪيترن ناڪام امن منصوبن وانگر هڪ سفارتي دستاويز ئي بڻجي رهجي ويندو. جنهن جو ميدانِ عمل سان ڪو سڌو لاڳاپو نه هوندو.

مطلب صاف آهي ته غزہ لاءِ امن، اھڙي ڪنهن بورڊ سان ايندو، نه ئي ڪنهن طاقتور ملڪ جي دعوت سان. پر جيستائين فلسطيني آواز کي مرڪزي حيثيت نه ڏني ويندي. فلسطين قيادت کي اھڙي تاريخي ذميواري جو حصو نه بڻايو ويندو ته پوء اتي امن جو سوچڻ به اجايو ۽ خواب جيان ئي آهي. ائين ڪرڻ سان تاريخ ۾ هي به هڪ، ناڪام عالمي تجربو ئي شمار ٿيندو. جتي فيصلا ته ٿي سگھندا، پر انصاف جي ڪا اميد رکڻ اجائي ڳالھ ئي ٿي سگھي ٿي.


Previous Post Next Post