سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
لطيف سرڪار
سنڌ، جيڪا سچل ۽ شاھ لطيف سائين جي نگري آهي. جتي
صدين کان فڪر بغاوت بڻجي سچ سان ٽڪر کاڌو ۽ عشق عبادت ٿي انسانيت جو درس ڏنو. هيءَ
ئي ڌرتي بخاري جهڙي سچائي جي امين ۽ اياز جهڙي شعوري للڪار جي وارث رھي آهي. جتي سندس
جا لفظ رڳو ڪا سرور ڀريل شاعري ئي نه، پر انقلاب سان
گڏ سڄاڳيءَ
جا
گيت ۽ فتح جا اعلان بڻيا. جتي سچل جي
سُرن ۾ آزاديءَ جي روشناسي ڪندڙ باھ ٻري ۽ شاھ سائين
جي بيتن ۾ صبر ۽ مزاحمت جو فلسفو مليو. جتي بخاري جي
سوچ کان عملي درس جي اصولن جي پاڪيزگي ۽ اياز جي فڪري شاعريءَ ۾ جاڳندڙ قوم جا خواب
سجيا. اها ڌرتي غلاميءَ لاءِ نه، پر سجاڳ ضميرن لاءِ ئي ٺهي آهي. جتي
اھڙو به دور گذريو، جڏهن قلم تلوار
کان وڌيڪ تيز رهيو آهي. جتي سچ هميشه
وقت جي ظلم کان مٿانهون رهيو آهي. جنهن ڌرتي صبر
جي سبق سان گڏ، حقن لاءِ مزاھمت جو درس پڻ ڏنو آهي. جنهن
ڌرتي جي مٽيءَ تي جنم وٺندڙ ماڻهو فطرتاً سادا محبت
وارا ۽ وفادار آهن پر بدقسمتي سان
اڄ انهن جي اکين ۾ ڪيترائي سوال آهن. سندن حقيقي حال بي حال آهن، پر ڳلھائڻ کان مجال آهن. سندن
زبان تي ماٺ جي ميڻ ۽ حالتن کان نڍال آهي. تن
منهنجي ماروئڙن ۾”شال
سڄاڳي ٿي پوي.“ سڄاڳيءَ جيـان دعا ۽ اميد سان گڏ من اندر ۾ صرف هڪ
بيچيني جي رمز پئي ٿي ھلي. جيڪا
حقيقت ۾ ته هر ان دل ۾ ڌڙڪي ٿي، جيڪا سنڌ کي
سدا سڄاڳ ۽ شعور سميت امر ڏسڻ چاهي ٿي.
ھاڻ ڳالھ ڪبي
اڄوڪي سنڌ ۽ سنڌ جي پيسيل ماڻهن جي جتيـ اڄ
جا ماڻهو شايد ڏکن جا عادي ئي بڻجي ويا
آهن. جتي وسيلن سان مالامال نگري ملڪ جون انيڪ ضرورتون پوريون ڪرڻ باوجود، خود مهانگائي، بي
روزگاري، ناانصافي، پاڻيءَ
جي کوٽ، تعليم جي زوال ۽ صحت جي بدحالي ۽ ٻين ڪيترن ئي سماجي مسئلن
کي منهن ڏئي رھي آهي. اھڙا
سڀئي معاملا سنڌي قوم لاءِ سندن زندگيَ جو روخ جو معمول بڻجي ويا آهن، پر انهن سڀني تڪليفن جي معمول
باوجود، سڀ کان وڏو خطرو سڄاڳيءَ جو مرجهائجي وڃڻ آهي. ھاڻوڪي
سنڌ جو اصل الميو اهو ئي آهي ته ايترن ڏکن ڏسڻ باوجود خاموش ۽ اگھور ننڊ ستي لڳي رھي
آهي. صبر جيتوڻيڪ ھڪ سٺو عمل آهي، پر جڏهن اھو صبر ظلم کي طاقت ڏئي، تڏهن اهڙو صبر ۽ خاموشيءَ ھڪ ڏوھ جيان بڻجي پوندي
آهي. اڄوڪي سنڌ جا ماڻهو جھڙوڪ پاڻ کي ڳالهائڻ جي حق
کان به محروم پيا سمجھن. سندن جي اھڙي
سماجي خاموشي سبب ئي ناانصافي
روز اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿيندي پئي وڃي.
ھتي ڳالھ سمجھڻ
جي اھا آهي ته هيءَ ڌرتي ته شاھ لطيف جي نگري آهي، جنهن سدائين
سجاڳ ضمير، مزاحمت ۽ سچ جي ڳالھ جي پرگھور ۽ سکيا ڏني، پر اڄوڪي سنڌ جي سماجي حالت
کي ڏسي ته ائين ئي پيو محسوس ٿئي، جھڙوڪ اسان
لطيف سائين جي فڪر کي رڳو ڪتابن ۽ ميلن تائين محدود ڪري
ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته اگر اهو حقيقي فڪر اڄ به اسانجي دلين
۾ جيئرو هجي ها ته شايد ايتري بي حسي باقي نه هجي ھا. ساڳي
باشعور ۽ سڄاڳ سنڌ جو اڄوڪو انسان پڻ باصلاحيت ته آهي مگر گڏ مايوسيءَ جي دلدل ۾ ڦاٿل
آهي. جنهن وٽ ڪيترائي
سوال آهن، پر جواب ڏيڻ وارا ناهن. اڄوڪي
سنڌي کي پڻ پنهنجي صدين جي سڃاڻ جي پرک ڪرڻ گھرجي ۽ سندن جي طاقت کي سڃاڻڻ کپي. جيڪڏهن
ائين ٿي پوي ته شايد ڪا به طاقت سنڌ کي ھرگز پنهنجو
غلام بڻائي نٿي رکي سگهي، پر سڄاڳي پڻ پاڻ
ھلي ناهي اچڻي ۽ نه ئي رڳو ڪنهن
ڪتاب پڙهڻ سان ايندي، پر سڄاڳي جي لاءِ پنهنجن حق ۽ فرضن جي سڃاڻپ پڻ لازم ھوندي
آهي. جڏهن اڄوڪي سنڌ جو ماڻهو پنهنجي
ذاتي فائدي کان مٿانھون ٿي، سماج ۾ اجتماعي
ڀلائي بابت سوچيندو تڏهن ٻيھر ھن سنڌ لاءِ
نئين صبح جو سج پڻ ضرور اڀري نڪرندو. ڳالھ صفا سادي
آهي ته جيستائين اسان پاڻ کي پرکڻ جي همت نه ڪنداسين، تيستائين
حالتون ھرگز نه بدلجنديون، پر شال اھو به
ڏينهن اچي جو سموري سنڌ جي ٻيھر سڄاڳ اک ٿي پوي. شال ڪي
ٻيھر ضمير جا ڏيئا ٻري پون ۽ شال هيءَ خاموش قوم پنهنجي آواز کي سڃاڻي نڪري پوي ۽ پنهنجي
حقن خاطر زنده مثال جو ثبوت بڻجي پوي.

