نفرت، جهيڙا، قتلام ۽ بي‌حسي: ڇا اهو ئي اسان جو مقدر بڻيو آ؟ ـ ارشاد علي پنھور

صوفي فڪر، محبتي ماڻهن، اعليٰ قدرن واري مھمان نواز، امن ۽ انسانيت جي احساسن جي ڌرتي سڏجندڙ منهنجي سنڌ، اڄ عجيب بي حسي ۽ ڏکين درد ڀريل حالتن مان گذري رهي آهي. جتي روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ مان اجائي نفرت جي اظھار، جهيڙن سبب قتلام ۽ انسانيت جي احساس کان خالي، بي‌حسي جهڙيون خبرون اسانجو مقدر بڻيون آهن. لڳي ٿو ڄڻ انساني جان جي ڪا قيمت ئي باقي ناهي رهي. نفرت ته جھڙوڪ اڄوڪي سماج جي رڳ رڳ ۾ سمائجي وئي آهي. جتي ننڍن ننڍن معاملن تي ذاتي انا کي معتبر بڻائي ماڻهن جو عام قتلام ٿيڻ لڳو آهي. ساڳي سماج ۾ قبيلائي تڪرارن ۽ سياسي ورڇ پڻ ماڻهن کي هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو آهي. ڳالھ ٻولھ، عقل فھم، صبر ۽ برداشت جي جاءِ باقي ناھي رھي. جتي اجايو تشدد سرعام ٿيڻ لڳو آهي. ايتري قدر جو معمولي ڳالهين تي جهيڙا ۽ خوني تڪرار عام آهن. آخرڪار قتلام روزمره جو معمول بڻجي وڃڻ سبب ماڻهن جا ڳلا ڪپيندي به ھٿ نٿا ڪيٻائين.

تازو عمر ماروي جي داستان جي محبت ڀري نگري جو درجو رکندڙ، امرڪوٽ ۾ پيش آيل اسماعيل سميجو جي واقعي سنڌ جي اُن بيڪار ۽ بي حس سماجي چهري کي بي نقاب ڪيو آهي. جتي انساني جان اڃا تائين طاقت، انا ۽ بي‌حسي جي وچ ۾ پسجي ٿي. هي واقعو صرف هڪ فرد سان پيش آيل ناانصافي ناھي، پر ساڳي وقت اهو سوال پڻ اٿاري ٿو ته ڇا اسان وٽ قانون، انصاف ۽ انساني قدرن جو به ڪو رستو باقي بچيو آهي يا نه؟

ڇا اهڙن واقعن تي ڪجھ ڏينهن شور، روڄ راڙي، بيان بازيين ۽ احتجاج کانسواءِ به ڪجھ ورڻو آهي يا نه؟

يا گذريل ھر واقعي وانگر اسانجو سماج وري ايندڙ ڪنهن نئين  واقعي جي انتظار ۾ بي‌حس ٿي بيهي رهندو؟ ڇا امرڪوٽ جي ھن نوجوان جو بيدرتي سان ڳلو ڪپڻ به انهن ئي واقعن ۾ شامل ٿي رھجي ويندو، جيڪي صرف فائلن ۽ خبرن جي سرخين تائين محدود ٿي وڃن ٿا؟

جڏهن ته مسئلو صرف اھڙي ظالماڻي، واقعين جو ئي ناهي، پر اُن بدڪار سوچ جو پڻ آهي، جيڪا تشدد کي ئي طاقت سمجهي ٿي ۽ انصاف کي پنهنجي اثر رسوخ سان دٻائي رکي ٿي. جيڪڏھن قانون ڪمزور ۽ ڏوهاري مضبوط هجن ته اهڙا سانحا ئي جنم وٺندا. ھتي سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن انصاف وقت تي ملي ته ڇا اهڙن واقعن کان بچاءَ نٿو ٿي سگھي؟

رياستي ادارن، سماجي سڄاڳي وارن اڳواڻن، عوام جو درد رکندڙ سياسي نمائندن ۽ عام ماڻهن سڀني لاءِ، اھڙا واقعا هڪ واضح پيغام آهن ته جيڪڏهن اسان ائين ئي خاموشي اختيار ڪئي ته بي حسي جي اها باھ شايد هر در تائين پهچي وڃي. سنڌ جي شعور لاءِ پڻ اسماعيل سميجو جو واقعو صرف افسوس ڪرڻ بجاءِ فيصلائتي گهڙي جيان آهي ته ڇا اسان واقعي به انسانيت سان گڏ بيهنداسين ۽ ڪو عملي قدم کڻي سماجي سڄاڳي ۽ بھتري جو قدم کڻنداسين يا وري خاموشي سان هڪ ٻيو نالو وساري ڇڏينداسين. ڇاڪاڻ ته ھر روز جا اھڙا واقعا اھو سڏ پڻ ڏين ٿا ته سنڌ کي هاڻي رڳو همدردي يا ڏک جي اظهار  نه، پر عمل جي پڻ سخت ضرورت آهي.


Previous Post Next Post