Saturday, September 28, 2024

خاموش ميزائيل ( جنگ ۾ نئون ھٿيار شامل) ـ علي سومرو

 31جولاء 2022 ۾ آمر..ڪيا افغانستان جي دارالحڪومت ڪابل ۾ ھڪڙي ڊرون حملي ۾ طالبانن جو سربراھ ايمان الزوري مارجي ويو ھيو

ان حملي ۾ 2 ميزائل فائر ڪرڻ کانپوء بہ ڪو بہ ڌماڪو نه ٿيو نه ڪا عمارت تباھ ٿي نه ڪٿي ڪو دونھون ٿيو ھيو جيڪڏھن اھڙو ڪجھ بہ نه ٿيو ته پوء الزوري مارجي ڪيئن ويو ؟

ڇا ڪيميائي ھٿيار يا بايو لاجيڪل ھٿيار ھيو يا ٿورو ويجھي پئماني تائين وار ڪندڙ زھريلي گئس ھئي ؟

اھڙو ڪجھ نه نه ھيو پر آمر...يڪي ڊرون سان الزوري تي ھڪڙو مشيني نيزه اڇلايو ويو اھو چئون ته غلط نه ٿيندو

ڇو جو ان ھن ڪاروائي ۾ استعمال ڪيل ميزائيل اندر ڪو بہ وار ھيڊ يا ڌماڪو ڪندڙ مواد ڪون ھيو پر آمر..يڪي معروف ھيل فائر ميزائيل Hellfire R9X ھيو جنھن کي ننجا پڻ چيو ويندو آھي

ھن ميزائيل تي 2000ع کان ڪم ھلندڙ ھيو پر ھن کي 2017ع ۾ آمر..يڪا ھن کي سروس ۾ شامل ڪيو

6 فوٽ ڊگھي ھن ميزائيل ۾ وار ھيڊ يا ڌماڪيدار مادو ناھي ھوندو پر 6 عدد تيز ڌار جا لوھي بيلڊ لڳل ھوندا آھن ھن ميزائيل کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي لاء ليزر جا سيڪر سسٽم لڳل آھن جيڪي ٽارگيٽ تائين پڄائڻ ۾ مدد ڪندا آھن ھن ميزائيل جي فائر کانپوء بجلي جي جي تيزي وانگر ڪجھ سيڪنڊ ۾ حدف تائين پڄي ويندو آھي ۽ حدف سان ٽڪرائڻ کانپوء 6 بليڊ کلي ويندا آھن ۽ کلڻ کانپوء پنھنجو دائرو وڌائي ڇڏيندا آھن

ھن ميزائيل کي ٺاھڻ جو سبب ڪوليٽرل ڊيمج يعني عام جي نقصان کان بچائڻ لاء ۽ پنھنجي حدف يا ٽارگيٽ تائين پڄي ڪم ڏيکارڻ جي لاء ٺاھيو ويو آھي

ھن ميزائيل کي تڏھن استعمال ڪيو ويندو آھي جڏھن حدف رھندڙ ماڻھون کلي ميدان تي ھجي يا گاڏي ۾ ھجي ميزائل ڪمري جي ڇت بہ ڦاڙي سگھي ٿو پر اتي حدف رھندڙ ماڻھون بچي وڃڻ جا امڪان رھندا آھن 

Friday, September 27, 2024

والٽيئر جي ناول ڪئنڊيڊ تي مختصر تبصرو ـ صفيہ ٻپڙ


ارڙھين صدي جي دور کي يورپ جي تاريخ اندر نئين سجاڳي (The age of Enlighment) جو دور چيو وڃي ٿو, ڇاڪاڻ تـ ھي اھو زمانو ھو جنهن ۾ يورپ جي افق تي ڇائنيل ڪليسائي تسلط جي ھڪ ھزارين سالن واري اونداھي دور (Dark age) جو خاتمو ٿيو ھيو ۽ يونان جي زوال کان پوء ھڪ ڀيرو ٻيھر يورپ عقلي طور تي سجاڳ ٿي علم جي نئين روشنين سان جڳ مڳائي اٿيو ھو٠

يورپ جي نئين سجاڳي واري زماني جي جيڪڏھن ڪا اھم ترين شخصيت چئجي جنهن پنهنجي زماني ۾ پنهنجي خيالن جا گھرا ۽ اڻ مٽ اثر ڇڏيا آھن تـ ان حوالي سان اسان سڀني جي ذھنن تي ھڪ ئي عظيم شخصيت جو عڪس تري ايندو, سو آھي والٽيئر! ڇو تـ نئين سجاڳي جي تحريڪ جو روح روان والٽيئر ئي اھا حستي آھي جنھن يورپ اندر پنھنجي لکڻين وسيلي نئين شعور جي جوالا جوائي ادب, آرٽ, شاعري, سياست, تنقيد, ڊرامي, مزاح نگاري ۽ ناولن ذريعي سجاڳيء جو سڏ ڏنو ۽ يورپي سماج جي پٺتي پيل روايتي اخلاقي قدرن کي تنقيد جو نشانو بڻايو٠

والٽيئر ترقي پسندي, انساني حقن جو پرچارڪ ۽ عقل جو علمبردار ھڪ اھڙو مبلغ ھو جنهن قدامت پرستيء تي ڇتا حملا ڪيا ۽ پنھنجي تنقيدي قلم جي تيز ڌارا سان بادشاھي تخط ۽ تاج کي لوڏي ڇڏيو٠(ياد رھي تـ والٽيئر ۽ روسو ئي اھي مفڪر ھيئا جن جي لکڻين سان عظيم فرينچ انقلاب بربا ٿيو ھو, جنھن لاء خود فرانس جي بادشاھ لوئي چيو ھو تـ مون کي والٽيئر ۽ روسو جي لکيڻ ٻوڙي ڇڏيو) اھو ئي سبب آھي جو ھن جي عقيدي تي عقل کي ترجيح ڏيڻ واري اڻمٽ خيالن کيس ارڙھين صدي جي سڄاڻپ ۽ انساني تاريخ جو امر ڪردار بڻائي ڇڏيو٠

ھونئين تـ والٽئير گھڻو ڪجھ لکيو ۽ پنھنجي سموري زندگي ڪليسا جي مذھبي مھندارن توڙي رياستي جبر خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪندو رھيو پر سندس عقل کي عقيدي تي ترجيح ڏيڻ واري خيالن جو آئيني دار جڳ مشھور ناول ڪئنڊيڊ آھي٠

والٽيئر پنهنجو ھي ناول 65 ورھين جي ڄمار ۾ 1759ع ڌاري ان واقعي کان متاثر ٿي لکيو ھو جڏھن اسپين جي شھر لزبن ۾ عيسائي عيد جي موقعي تي خوفناڪ زلزلو آھيو ھو ۽ ھڪدم ٽيھ ھزار ماڻھو اوچتي بي رحم موت جو خاڄ بڻيا ھئا٠ ان دل سوز حادثي جو والٽيئر جي دل ۽ ذھن تي اھڙو تـ گھرو اثر ٿيو جو ھن ان واقعي تي ھڪ طويل "لزبن نظم" لکيو, جنهن ۾ ھن مذھبي مھندارن جي سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي واري ان تعليم تي تنز ڪيو جنهن ذريعي ھو ايامن کان وٺي سادي ۽ اٻوج خدا جي خلق کي اھو باور ڪرائيندا ٿي رھيا تـ دنيا ۾ سک جي تلاش ۽ جستجو اجائي آھي ۽ خدا جي طرفان ڏک سندن گناھن جي خدا طرفان مليل سزا ۽ عذاب آھن, تنھنڪري ھن دنيا ۾ تبديلي جي سوچ رکڻ ۽ ڳالھ ڪرڻ ئي اجائي آھي, جيڪو بـ سندن ڳالھين ۾ شڪ ڪندو اھو عظيم گناھ جي مترادف ھوندو٠ ھن سوال اٿاريو تـ," سڀ شيء جو مالڪ ۽ خالق خدا يا تـ ڏک کي روڪي سگھي ٿو, پر روڪڻ نـ ٿو چاھي, يا روڪڻ چاھي ٿو پر روڪي نٿو سگھي!" ھن جي ان تنزيـ سوال تي مذھبي ديني عالمن ۽ عيسائي پادرين طرفان اھو موقف اختيار ڪيو تـ, اھو واقعو انسانن کي سندن گناھن جي نتيجي ۾ خدا طرفان مليل سزا آھي٠ مذھبي ماڻھن جو اھو موقف تـ ھيو ئي پر ان وچ ۾ وڏي ڳالھ اھا ٿي تـ مشھور فطرت پسند فلسفي روسو بـ اھو چيو ٿي تـ , اسريل تھذيبي زندگي ئي انسان کي تباھي جي ڪناري تي پھچايو آھي, تنھنڪري کين فطرت طرف واپس موٽ کائڻ گھرجي ۽ کليل آسمان ھيٺ رھڻ گھرجي, جنهن جي ھيٺان انسان اوائلي دور ۾ رھندو ھو, ان ڏس ۾ سندس دليل ھو تـ جيڪڏھن تھذيبي دور ۾ انسان وڏن ۽ ڳتيل شھرن ۾ نـ رھي ھا تنھن ھوند ايتري تباھي ئي نـ ٿئي ھا٠ اڻ سڌي طرح روسو جي موقف بـ ڪليسائي پادرين جي موقف جي پٺڀرائي ڪئي ٿي, اھي ٻئي موقف ئي ھئا جن جي رد عمل ۾ والٽيئر ھيء ناول لکڻ تي مجبور ٿيو٠

ڪئنڊيڊ ھڪ فنٽيسي ناول آھي, جنهن ۾ والٽيئر پنهنجي ڪردارن جي مقالمن جي ذريعي انھن ديني پادرين تي تنز ڪيو آھي, جيڪي ڏکن سان ڀريل دنيا ۾ ۽ ڏتڙيل سماجي حالتن ھوندي دنيا کي بھترين امڪاني دنيا جو درجو ڏيندي ھر معاملي ۾ "سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي" واري مذھبي فلسفي جو راڳ آلاپيندا رھن ٿا٠

ھن ناول جو مرڪزي ڪردار ڪئنڊيڊ نالي بدنصيب نوجوان آھي, جيڪو ھڪ اميرزادي سان محبت ڪرڻ جي پاداش ۾ ملڪ بدر ڪيو وڃي ٿو ۽ اتان نڪرڻ کانپوء ھو طرح طرح جون مصيبتون سھندي ۽ ڀوڳنائون ڀوڳيندي ڏکن ڀري زندگي گذاري ٿو٠ جڏھن تـ ٻيو اھم ڪردار ڪينڊيڊ جي فلسفي استاد پادري پئنگلاس جو آھي, پئنگلاس جي ڪردار ۾ ھڪ اھڙو فلسفي ڏيکاريو ويو آھي جيڪو ھن دنيا کي بھترين امڪاني دنيا جو درجو ڏيندي ھر ڳالھ جي بري نتيجي کي ڪنهن نـ ڪنهن چڱائي سان وابستـ ڪندي چوي ٿو تـ دنيا ۾ ڪا بـ اھڙي شيء ڪونھي جيڪا خدا طرفان بغير ڪنهن مقصد جي ٺاھي وئي ھجي, ھو پنهنجي انھن ڳالھين جو ناول جي شروعات کان وٺي آخر تائين پرچار ڪندي نٿو ٿڪجي ۽ چوي ٿو تـ, جنهن فقط ائين چيو تـ "سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي" سي گمراھ آھن, کين ائين چوڻ کپي تـ, "سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي ۽ بھترين مقصد خاطر آھي"٠ ھن جي ڪردار ۾ والٽيئر مذھبي مھندارن جي پت واھکي ڪئي آھي تـ ڪيئن مذھبي ملن, پادرين ۽ پنڊتن جي تعليم جو سڄو زور عمل بدران انتھاپسندي جي حد تائين سکڻي ڳالھين تي ھوندو آھي٠

ناول جي آخر ۾ ڪئنڊيڊ ۽ پئنگلاس دنيا جھان جون مصيبتون سھندي آخر ڪار لزبن پھجن ٿا جتي ھڪ خوفناڪ زلزلو تباھي مچائي ٿو ۽ ھزارين ماڻھو مري وڃن ٿا, پر زلزلي باوجود ھي ٻئي ڄڻا ڪنهن نـ ڪنهن ريت بچي وڃن ٿا٠ ناول جي آخر تائين پئنگلاس مذھبي اميد پرستي جون ڳالھيون ڪندي ڏيکاريو ويو آھي٠

"ھن (پينگلاس) وري وري ۽ ھر موقعي تي ڪئنڊيڊ کي ھيئين پيئي چيو تـ : سڀئي امڪاني جھان بھترين جھان آھن٠٠٠٠انھن جون سڀ ڳالھيون ھڪ ٻئي سان ڳنڍيون پيون آھن٠٠٠٠ جيڪڏھن توھان کي٠٠٠٠ انھيء خوبصورت قلعي مان٠٠٠٠ لتون ھڻي ٻاھر نـ ڪڍيو وڃي ھا ۽ مصيبتون نـ سھو ھا تـ تنهن ھوند توھان سان ھي ھي چڱايون نـ ٿين ھا ۽ کيس سمجھائي ٿو تـ تو جيڪي بـ مصيبتون ڏٺيون آھن انهن ۾ تنھنجي ڀلائي ۽ بھتري ھئي٠

جنهن تي ڪئنڊيڊ کيس جواب ڏئي ٿو تـ:" اھا ڏاڍي سٺي ڳالھ ڪئي اٿو٠ ۽ اھا سڄي سچ بـ ٿي سگھي ٿي, پر ٻيون ڳالھيون ڇڏي, پھرين اچو تـ ھلي پنهنجو باغ پوکيون٠"

ھنن آخري سٽن ۾ والٽيئر غير عملي مذھبي ڳالھين کي رد ڪندي ان نتيجي تي پھتو آھي تـ ٻيون سڀ ڳالھيون ڀلي ئي ڪريو, پر انسان جو ڏکن ۽ تڪليفن کان آجھپو رڳو ان صورت ۾ ئي ممڪن آھي تـ انسان پنھنجو مقدر پاڻ پنھنجي عمل ذريعي تبديل ڪري پيڙائن کان مڪتي ماڻي ۽ امن واري زندگي گھاري٠ پر امن واري ماڳ تي انسان رڳو ان صورت ۾ ئي پھچي سگھي ٿو جڏھن ھو انڌي عقيدي پرستي, وھم پرستي ۽ مذھبي انتھاپسندي کان ڇٽڪارو حاصل ڪري عقل جي واٽ وٺي ٿو ۽ ان عقل ذريعي نيون واٽون گھڙي ٿو, جئين لطيف چيو آھي٠

اوڪو ٻيو فھم جنهن سان پسجي پرين

اوڪو ٻيو فھم واري واٽ ڪھڙي آھي؟ اھا آھي, ٺلھي ڳالھين ۽ لفاظيء کي ڇڏي عمل جي واٽ تي ھلڻ, ماڻھن جي لتاڙيل دڳن کي ڇڏي نئين ۽ تعميري سوچ سان دنيا کي تبديلي ڪرڻ٠

هڪ انسان جهڙو ٻيو ڪاپي ڪري انسان ٺاهڻ جو تجربو ـ علي سومرو


دنيا جا سائنسدان هر روز تجربا مشاهدا ڪندا ٿا رهن هڪڙو اهڙو ئي تجربو جنهن کي ڪاپي پيسٽ چئون ته سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي.

جيئن اسان فيسبڪ سميت ڪنهن به شيء کي ڪاپي ڪري ڪيتريون ئي ان جون ڪاپيون ٺاهيون ٺهي وينديون، بلڪل ان طريقي سان سائنسدان هڪڙو اهڙو تجربو پيا ڪن جنهن ۾ هڪ جاندار جون ڪيتريون ئي ڪاپيون ٺهي سگهن ٿيون. ان ۾ جانور هجي انسان جو ٻوٽا هجن. ان تجربي کي هيومن ڪلوننگ جو نالو ڏنو ويو آهي هيومن ڪلوننگ ۾ هڪ انسان جون هڪ هزار کان وڌيڪ ڪاپيون پڻ ٺاهي سگهجن ٿيون

ڪلوننگ ڇا آهي ؟

ڪلوننگ هڪ اهڙي ٽيڪنالاجي آهي جنهن ۾ ڪنهن به مئل يا زنده جاندار جي سيل ۽ ڊي اين اي مان ان جهڙي ئي جاندار جون ڪيتريون ئي ڪاپيون ٺاهي سگهجن ٿيون

ڪلوننگ ٿيندي ڪيئن آهي ؟

ڪلوننگ ٻن طريقن سان ٿيندي آهي هڪ آهي ٿروپيڊيڪل ڪلوننگ ٻي آهي رپيڊوڪل ڪلوننگ

ٿروپيڊيڪل ڪلوننگ

ٿروپيڊيڪل ڪلوننگ ۾ جاندار جي سيلن جي مدد سان جسم جا مختلف عضوا ٺاهي اهي ئي عضوا خارج ٿيل عضون جي جڳهن تي هڻي سگهجن ٿا ميڊيڪل سائنس ۾ اهو فائديمند آهي. ۽ ان تي وڌيڪ تحقيق تجربا پڻ ڪيا پيا وڃن

مثال طور هڪ ماڻهون جي ٻانهن ناهي ته ان جي سيلن مان ليباٽري جي اندر هٿرادو ٻانهن ٺاهي لڳائي سگهجي ٿي ان سان هن جي ٽشو جو به مسئلو نه ٿيندو

رپيڊوڪل ڪلوننگ

ٿروپيڊيڪل ڪلوننگ ۾ مختلف عضون بجاء مڪمل انسان ٺاهڻ جي تياري ڪئي ويندي آهي

هيومن ڪلوننگ تي تجربا 20 صدي کان شروع ٿيڻ لڳا پر 1966ع ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ جينٽڪ سائنسدان جوڊوشوهالبرڪ آمريڪي اخبار نيچرلسٽ ۾ ڪالم لکيو جنهن ۾ هن هيومن ڪلوننگ جي خطرن ۽ اثرن جي باري ۾ لکي ان تجربي کي اتي بند ڪرڻ جو چيو

1966ع ۾ هڪڙي رڍ جا ريپڊيڪل سيل کڻي ڪلوننگ ذريعي هڪٻي رڍ پيدا ڪئي وئي جيڪا ساڍن ڇهن سالن تائين زنده رهي ۽ ڦڦڦڙن جي بيماري ۾ مري وئي ان کانپوء ڪيترن ئي جانورن ٻلين ڪوئن کي ڪتن ڪلوننگ ذريعي پيدا ڪيو ويو. ان تجربي کانپوء ان ڳالھ تي ويچارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڇا جانورن سان گڏ انسان به ڪلوننگ جي ذريعي پيدا ڪري سگهجن ٿا، ان تجربي تي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪلوننگ مان پيدا ٿيندڙ جاندارن مان اڪثر ڪري سئو مان هڪ بچي ٿي سگهيو جيڪڏهن ڪو جاندار زنده بچي به وڃي ٿو ته مختلف بيمارين جي ڪري مري ٿي ويو

2005ع ۾ ڪلوننگ کي غير اخلاقي ۽ غير انساني عمل چئي بند ڪيو ويو، پر آمريڪا جون ڏھ رياستون اهڙيون به آهن جن کي هيومن امبيرو کي پيدا ڪرڻ جي اجازت آهي. جنهن ۾ انسان جي ڊي اين مان ليباٽري جي اندر ايئن انسان ٺاهي سگهن ٿيون جيئن ماء جي پيٽ ۾ نوء مهينن تائين ٻار هوندو آهي ۽ اهو ٻار عام انسان جيان وڏو ٿيندو ۽ هي ان ماڻهون جي ڪاپي هوندو جنهن جي ڊي اين مان ٺاهيو ويو، ۽ ان جون صلاحيتون سوچڻ جو انداز به ان ماڻهون جهڙو ئي هوندو

. چين ۾ بويا نالي ڪمپني انساني ڪلوننگ پيدا ڪرڻ جي دعوا ٿي ڪري پر عالمي دٻاء جي ڪري فلحال جانورن جي ڪلوننگ پئي ڪري پر اندروني طور تي هن ڪمپني جي اندر انساني جسمن تي تجربا ۽ هيومن ڪلوننگ پڻ ڪئي پئي وڃي

هڪ ڳالھ جنهن جو ثبوت ان کي افواھ ئي سمجهي

هاليوڊ جي ڪجھ ادڪارن کي هيومن ڪلوننگ ذريعي وري پيدا ڪرڻ پنهنجي مرضي مطابق ڪم وٺڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي پئي وڃي

هيومن ڪلوننگ تي ڪجھ سوال

ڇا هيومن ڪلوننگ انسان لاء فائديمند آهي يا نقصانڪار ؟

ڇا هيومن ڪلوننگ ذريعي انسان نما جانورن جي فوج ٺاهي انسانن کي غلام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ؟

هيومن ڪلوننگ سان انسانيت کي فائدو ٿيندو يا دنيا تباهي ڏانهن وڌندي ؟

Tuesday, September 24, 2024

انب جو تعارف جيت ۽ بيماريون ـ آڪاش پنھور


انب جو اصل وطن ھندستان آھي جيڪو بعد ۾ دنيا جي ٻين ملڪن م پکڙجي ويو.

انب کي سنڌي ۾ انب آنگريزي ۾ مينگو اردو ۾ آم عربي ۾ انبج ۽ فارسي ۾ انبه چيو ويندو آھي. عربستان ۽ ايران جي ماڻھن سنڌ جو ھي ميوو کائي ڪري پنهنجي سفرنامنن ۾ پنهنجي ٻولي ۾ انب جو نالو لکي ڪري ذڪر ڪيو آھي.

انب کي ميوو جو بادشاھ چيو ويندو آھي.

دنيا ۾ 300 جي لڳ ڀڳ انبن جون جنسون آھن. سنڌ ۾ تقريبن 150 قسم جون جنسون موجود آھن انب چين پاڪستان انڊيا بنگلاديش ملڪن جو قومي ميوو آھي ۽ انب دنيا جي 100 ملڪن ۾ پيدا پوکيو وڃي ٿو.

پاڪستان دنيا جو 5 نمبر وڏو انبن جي پيداوار ڪندڙ ملڪ آھي مجموعي طور تي سال 2023ع جي رپورٽ موجب 1.8 ملين ٽن ساليانو انب پيدا ڪري ٿو

سنڌ ۾ سنڌڙي انب وڏي تعداد ۾ ميرپورخاص,سانگھڙ,ٽنڊوالھيار, ٽنڊوڄام,ٽنڊو آدم ۾ پوکيو وڃي ٿو

انب جون ٻيون ب ڪافي جنسون سنڌ ۾ پوکيون وڃن ٿيون جن ۾ الماس,لنگڙو چارچاند سرولي گھوٻو وائيٽ چونسو ليٽ چونسو عظيم چونسون لاھوتي چونسو دسيري انور رتول فجري بيگم پلي صالح ڀائي وغيره

سنڌ جو سنڌڙي انب پوري دنيا ۾ مشھور آھي سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ سنڌڙي انب تي سنڌڙي نالو ميرپورخاص ضلعي جي علائقي سنڌڙي تان پيل آھي ان جنس جي دريافت کي 119 سال ٿي ويا آھن سنڌ ۾ اھا جنس 1905 کان پوکي وڃي ٿي جڏھن ت ڀارت جي شھر مدراس مان اھي انبن جون 4 چڪيون تحفي طور مليون ھيون سنڌڙي انب جنهن کي دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ آھي سنڌڙي انب کي انڊيا ۾ الفونسو ۽ ويسٽ انڊيز ۾ جولي انب چيو ويندو آھي.

انب تي جيت ۽ بيمارين جو گھڻو حملو ٿئي ٿو جنهن جي ڪري انب کي نقصان وڌيڪ ٿئي ٿيو جنهن جو ذڪر ھيٺ ڏيجي ٿو جيڪي انب جي ٻور توڙي پنن کي شديد نقصان پهچائي، فصل کي تباھ ڪري ڇڏيندا آهن.

 

انب جا جيت:

Mango hopper:

ھي مک ڀوري سنھري رنگ جي ٿيندي آھي ھن جيت جي سائيز 4-5 MM ڊگھي ٿيندي آھي ڏسڻ ۾ ننڊڙي مڪڙ وانگر ھوندي آھي ھي سڄو سال باغ ۾ موجود ھوندي آھي ھي پنن جي ھيٺيان 100-200 آنا لاھيندي آھي ھن جو Nymph پنن ۽ گلن جو رس چوسيندو آھي جنهن جي ڪري پن ۽ گل ڪري پوندا آھن ان ڪري ھن وڻ کي Sothy Mold بيماري لڳندي آھي.

ھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ھن دوا جو استعمال ڪرڻ گھرجي.

 

ميوو جي مک:

Cypermethrin

انبن جي باغ تي ميوو جي مک جو حملو جون جولاء ٿئي ٿو جنهن وقت انب پچي تيار ٿئي ٿو ان وقت ھن جيت جي مادي وڌيڪ گرمي محسوس ڪندي آھي تڏھن آنا لاھيندي آھي جيڪي Maggot مان نڪري ايندا آھن ۽ 9-5 ڏينهن ۾ pupa  ۽ 12-9  ڏينهن ۾ Adult ٿي ويندا آھن جيڪي ميوو کي نقصان پھچائيندا آھن.

انبن کي بچاء ڪرڻ لاء باغ مان خراب انبن کي پٽي ۽ ڪريل انبن کي کڻي  ٻاھر زمين ۾ کڏ کوٽي پوري ڇڏجن ۽ انبن جي باغ ۾ Methal Eugenol  ٽرپ لڳائي ڇڏڻ گھرجي

 

ميلي بگ:

Chlorpyriphos

هن جيت جي ماديءَ جو جسم اڇي مادي سان ڍڪيل هوندو آهي ۽ نر جو رنگ چاڪليٽي ڪلر جو ٿيندو آهي هن جيت جو حملو نومبر ۽ ڊسمبر مهيني ۾ ٿئي ٿو وڻ جي مختلف حصن مان رس چوسي، فصل کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي.

ھن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ھن دوا جو استعمال ڪيو.

 

* Mango gall midge:

ھي صفا ننڍڙو جيت ٿيندو آھي جيڪو انبن جي باغ ۾ انبن جي پنن مٿان تھ ۾ وڃي ڪري پنن تي . . . . جا نشان ٺاھي ڪري انھن کي خراب ڪندو آھي ۽ انهن جي Growth کي روڪي ڇڏيندو آھي جنهن جي ڪري ميوو خراب ٿي ويندو آھي

ان ڪري گھرجي ت نم جو Extract ٺاھي جنهن جڳھ حملو ڏسو ان جاء تي ان جو اسپري ڪرڻ گھرجي.

 

انب جون بيماريون:

 

سوڪھڙو:

ھن بيماري جي ڪري پھريان پن گل ۽ ڏانڊي جو رنگ ناسي ٿيندو آھي ان کان پوء ڪارا ٿي ڪري پوندا آھن.

ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ھن دوا جو استعمال ڪرڻ گھرجي.

Copper Fungicides

 

* کرٻوڙ:

ھي ھڪ فنگس جو قسم آھي جنھن کي Fusarium چئبو آھي جنهن جي ڪري ھڪ جاء تي واڌ ويجھ رڪجي ويندي آھي.

ان جي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ھن دوا جو استعمال ڪرڻ گھرجي.

Carbendazim

 

* اڇو سينور :

ھي بيماري جنهن جي حملي سان فصل کي وڌيڪ نقصان ٿئي ٿو اڇي سينور واري بيماري اڇي پائوڊر واري صورت ۾ گلن تي پنن تي ڏانڊين تي اڇا نشان ظاھر ٿيندا آھن جيڪي گھڻي حملي جي صورت ۾ گلن پنن ۽ ميوو سودو وڻ کي ساڙي ڇڏيندي آھي.

ھن بيماري تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ھن دوا جو استعمال ڪرڻ گھرجي

ڪمند جي ٿڙ جي گڏر جو طفيلي جيت ڪوٽيسيا، فليويپس ذريعي ظابطو ـ ڊاڪٽر بينا خانزادا

پاڪستان ۾ سنڌ صوبو ڪمند جي پوکي لاء سڀ کان وڌيڪ موزون سمجهو ويندو آھي. پر ڪمند تي سڄي ملڪ ۾ ٿڙ جو گڏر (Chilo infuscatelus) تمام گھڻو نقصان ڏيندڙ جيت آھي. عام طور تي گڏر جي لاء زرعي دوائون گھڻي تعداد ۾ استعمال ڪيون وينديون آھن. پر اڪثر ڪري زرعي دوائون ايترو اثر ڪونه ڏيکارينديون آھن. پر طفيلي جيت ڏينڀو ڪوٽيسيا فليوپيس (Cotesia flowcpes) ٿڙ جي گڏر جي ڪيئن تي تمام اثرائتي نموني ڪم ڪندو آھي. انکي مد نظر رکندي ڪجھه تجربا ڪوٽيسيا جي ٿڙ جي گڏر جي خالف افاديت تي ڪيا ويا. انھن تجربن جو مقصد اھو ھو ته جيئن ليباريٽري ۾ ڪوٽيسيا جي وڏي پئماني تي پالنا ڪري سگھجي ۽ ضرورت مطابق زمين ۾ ٿڙ جي گڏر لاء استعمال ڪري سگھجي.

پھرين تجربي ۾ ڪمند جي ڏھ جنسن کي انھن جي مختلف خاصيتن جي حوالي سان پرکيو ويو ته اھي گڏر جي حملي ۽ ڪوٽيسيا جي افاديت تي ڪيترو اثر ڪن ٿا. تجربي ۾ لاڙڪاڻو 2021، ٺٽه-SPSG-26 ،10، بي ايل-4، نيا-2004، نيا-98، ايل-116، آئي اي سي-82-

1026، آئي اِي سي-223-86 ۽ گالبي-95 پوکيون ويون ھي تجربو زراعت جي نيو ڪليئر انسٽيٽيوٽ ۾ 2013 ۽ 2014 ۾ ڪيو ويو. نتيجن مطابق، جنسن مان سڀ کان وڌيڪ ڳريون ٺٽه-10 جنس ۾ ھيون جڏھن ته آئي-اي سي-1026-82 ۾ سڀ کان گھٽ ڳريون ڏٺيون ويون. سڀ کان وڏي لٺ جي ڳري آي اِي سي – 223-86، آي اِي سي-1026-82 ۽ ايل-116 جنسن ۾ جون ھيون. ان کان علاوہ مٿين، وچين ۽ ھيٺين ڪمند جي لٺ ۾ ڪنڊن جو تعداد سڀ کان وڌيڪ تعداد آي اِي سي-223-86 ۽ الڙڪاڻه-2001 جنسن ۾ گڻيا ويا، جڏھن ته گالبي-95، ٺٽه-10، بي ايل-4 ۽ ايس پي ايس جي -26 جنسن ۾ معلوم ٿيا.

تمام جنسن مان ڪنھن به جنسن ٿڙ جي گڏر خالف مڪمل مدافعت نه ڏيکاري. گڏر جو سڀ کان وڌيڪ نقصان ۽ ڪيئن جو تعداد ٺٽه – 10 جنس ۾ ڏٺو ويو. ان کانپوِء آي اِي

سي 1026-82 جنس تي گڏر جو حملو وڌيڪ ڏٺو ويو. سڀ کان گھٽ گڏر جو حملو ۽ ڪيئن جو تعداد ايل-116 ۽ نيا-2004 جنسن ۾ معلوم ٿيو. ان سان گڏوگڏ ڪوٽيسيا جي گڏر خالف افاديت به سڀ کان وڌيڪ ٺٽه-10 ۽ گھٽ ۾ گھٽ ايل-116 جنسن ۾ معلوم ڪيو ويو.

تجربن مان اھو به معلوم ٿيو ته گڏر جو حملو، ان جي ڪيئن جو تعداد ۽ ڪوٽيسيا جي طفيلي افاديت تي ڪمند جي ڳرين جو تعداد جو ھڪ خاص اثر ھو. ان کان علاوہ ڪوٽيسيا جي تعداد ان جي ميزبان جيت ٿڙ جي گڏر جي تعداد سان الڳاپيل ڏٺي وئي. ليباريٽري ۾ ٻئي مختلف ھٿرادو غذائن ماکيَء جو محلول ڪيميائي پروٽين ھائڊروالئسيٽ ۽ گلن وارا ٻوٽا سورج مکي، گل خيران ۽ گينڊي وارو گل جا ڪوتيسيا جي ٿڙ جي گڏر جي ڪيئن خالف افاديت تي ڪيو ويو. نت ڳجن مطابق گل خڳران ۽ گينڊي جي گل جو ڪوٽيسيا جي گڏر خالف افاديت وڌائڻ ۾ خاص اثر ڏٺو ويو. انھن ٻنھي گلن وارن ٻوٽن جي ڪري ڪوٽيسيا جي ڪوڪون. بالغن جي تعداد ۽ مادي جيتن جي وڌيڪ پئداشق ڏٺي وئي. گينڊي جي گلن جي ڪري بالغ موٽيسيا جي عمر ۾ به واڌارو ڏٺو يو. زمين ۾ ڪيل تجربن ۾ به گينڊي جي گل جي ڪمند ۾ پوکي جي ڪري ٿڙ جي گڏر جي حملي ۽ ڪيئن جي تعداد ۾ خاص گھٽتائي ڏٺي وئي. ان کان پوِء گل خيران ۽ سورج مکي جي ڪمند سان گڏ پوکي جي ڪري به گڏر جي چڱي گھٽتائي ڏٺي وئي. ان کان علاوہ گينڊي جي گل جي ڪمند سان گڏ پوکڻ سان ڪوٽيسيا جي گڏر جي خالف افاديت ۾ به خاص واڌارو ڏٺو ويو. مختلف گرمي بدن جيئن 15 ،12.0 ،10.0 ،7.5 ،5.0 ۽ 25 ڊگري سينٽي گريڊ جو ڪوٽيسيا جي ٿڙ جي گڏر خالف افاديت ته به ھڪ تجربو ليباريٽري اندر ڪيو ويو. ھن تجربي جو مقصد ھيو ته گھٽ گرمي پد ۾ رکيل گڏر جي ڪري ڪوٽيسيا تي ڪھڙو اثر ٿئي ٿو. پر نتيجن مان اھو حاصل ٿيو ته گھٽ گرمي پد تي ڪوٽيسيا جي افاديت ٿڙجي گڏر

خالف گھٽ ٿي وڃي ٿي. ان لاء مناسب گرمي پد 25 ڊگري سينٽي گريڊ تي ئي ليباريٽر ۾ ڪوٽيسيا کي گڏر تي افزائش ڪئي وڃي. ھڪ ٻئي تجربي ۾ مختلف ائٽمي شعاعن جيئن ته 75 ،50 ،25، ۽ 100 يونٽن جو گڏر جي مختلف عمر جي ڪيئن )4 ،3 ۽ 5 ان سٽار( تي استعمال ڪري، ڪوٽيسيا جي افزائش لاء استعمال ڪيا ويا. ائٽمي شعاعن جيڪري ڪوٽيسيا جي گڏر جي مختلف عمر وارن ڪيئن تي واڌ ويجھه تي خاص اثر ڏٺو يو. ائٽمي شعاعن مان 75 يونٽن واري وزن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ سٺو اثرڪوٽيسيا جو گڏر جي مختلف عمر جي ڪيئن تي ڏٺو ويو ۽ سڀ کان سٺا نتيجا 5 اسٽار تي معلوم ٿيا. ائٽمي شعاعن جي اثر کان علاوہ

 استعمال ٿيل ٿڙ جي گڏر جي ڪيئن تي ڪوٽيسيا سڀ کان گھٽ اثر ڏيکاريو. سڀني تجربن جي مليل نتڳجن کي مد نظر رکندي، آخر ۾ ھڪ تجربو کليل زمين ۾ ڪيو ويو. ان تجربي جو مقصد اھو ھيو ته ڪوٽيسيا جي لڳاتار ڪمند جي فصل ۾ ڇڏڻ سان ٿڙ جي گڏر جو ڪمند جي فصل تي نقصان ڪھڙو اثر ٿئي ٿو. نتيجن مطابق ڪوٽيسيا جي لڳاتار پندرنھن ڏينھن کانپوِء ڇڏڻ جي ڪري، ٿڙجي گڏر جو ڪمند ۾ نقصان ۾ گھٽتائي ڏٺي وئي. جڏھن ته اھو ڪمند جو فصل ۾ ڪوٽيسيا نه ڇڏيو ويو. ان ۾ گڏر چڱو خاصو نقصان ڏنو. ان کان علاوہ، ڪوٽيسيا جي لڳاتار ڇڏڻ جي ڪري ڪمند جي فصل ۾ انھن جي تعداد ۾ خاصو اضافو ڏٺو ويو.

سفارشون:

تجربن مان حاصل ڪيل نتڳجن مطابق اھو سفارش ڪجي ٿو ته ڪمند ۾ گڏر جي نقصان کان بچڻ لاء ڪوٽيسيا ڏينڀن جي استعمال کي وڌايو وڃي ۽ انھن جي صالحيت کي وڌائڻ ڪمند جي فصل ۾ گينڊي جي گل يا گل خيران پوکيو وڃي. ان کان علاوہ

زمين ۾ وڏي پئماني تي ڇڏڻ لاء ليباريٽري ۾ ڪوٽيسيا کي ٿڙ جي گڏر جي 5 اسٽار جتي افزائش ڪئي وڃي. ان کان عالاوہ بھتر افزائش لاء ٿڙ جي گڏر جي ڪئين کي 75 يونٽن ائٽمي شعاعن تي ليباريٽري م گزاريو وڃي ته ڪوٽيسيا جي بھتر نسل ملندو.