شاعريءَ ۾ خيال جي بلنديءَ کي اهميت ـ حڪيم پريم چاندواڻي

انهيءَ شاعريءَ کي تخليق جو درجو نٿو ڏئي سگهجي جنهن ۾ گٺل پيٺل لفظن جو ورجاءُ هجي۔ جنهن ۾ صرف تڪبندي ۽ تڪ تور يا بحر وزن جي پورائي هجي۔ تخليق جو حقيقي حسن سندس منفرد هجڻ ۾ ئي آهي۔ تخليق ۾ سڀ کان اهم مقام خيال کي ئي هجي ٿو۔ تنهنڪري خيال جي بلندي ئي تخليق کي جاندار ۽ مثالي بنائي ٿي۔ ان کان بعد ٻين لوازمات کي اهميت آهي۔ ٻيا لوازمات آخر ۾ بيان ڪيا ويندا۔

شاعري رڳو لفظن جو جادو نہ، پر فڪر ۽ احساس جو اهڙو سفر آهي، جنهن ۾ خيال جي بلندي ئي شاعر جي سڃاڻپ بڻجي ٿي. لفظ تI هر ماڻهون چونڊي سگهي ٿو، پر انهن لفظن ۾ فڪر، بصيرت، ساھ يا روح ڀرڻ، ئي شاعر ۽ شاعري$ کي امتيازي حيثيت بخشي ٿو۔ اهو ڪم فقط اُهو شاعر يا ڪلاڪار ئي ڪري سگهي ٿو، جنهن جو ذهن روشن ۽ خيال بلند هجي. خيال جي بلنديءَ مان مراد اها فڪري اوچائي آهي، جيڪا انسان کي مادي محدوديت کان مٿانهون ڪري، فڪر، احساس، روحانيت ۽ سچ جي تلاش ڏانهن وٺي وڃي ٿي. خيالن جي بلنديءَ ۾ بهتر مطالعو مشاهدو، سٺن شاعرن جي صحبت ۽ روزانو وڏن شاعرن کي پڙهڻ، خيالن کي بلندي طرف وٺي وڃي ٿو۔ شاعر جڏهن دنيا جي حسن، انساني درد، محبت، امن يا حق جي ڳالهہ ڪري ٿو، تڏهن سندس شاعري ان وقت تائين اثرائتي نٿي ٿئي، جيستائين ان ۾ خيال جي اوچائي ۽ فڪر جي روشني نٿي هجي. سٺي شاعريء جي هڪ وڏي خوبي اها بہ هجي ٿي تہ اها دل ۽ روح کي متاثر ڪندڙ هجي ۽ روح جي گھرائين ۾ لهي وڃڻ جي سگھ رکندي هجي۔  

شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل، سامي، شيخ اياز، استاد بخاري، غالب، اقبال ۽ ٻين وڏن شاعرن جي شاعريءَ ۾ اها فڪري عظمت يا خيالن جي بلندي صاف نظر اچي ٿي. انهيءَ سبب جي ڪري ئي سندن شاعريءَ امرتا ۽ مقبوليت ماڻي چڪي آهي۔ اڪثر سٺا شاعر ظاهري حسن کان روحاني پاڪيزگيءَ ۽ خيال جي صفائيءَ کي اوليت ڏيندا رهيا آهن۔ تنهنڪري شاعريءَ ۾ خيال جي بلنديءَ جو اظهار وڌيڪ اهميت ۽ ضرورت جو حامل آهي.

خيال جي بلنديءَ سان شاعري ۾ اهڙو طلسمي يا جادوئي اثر پيدا ٿئي ٿو، جيڪو دلين کي ڇهي وڃي ٿو، انساني سوچ کي نئون رخ ڏئي ٿو ۽ پڙهندڙن کي سحر انگيز ڪري ڇڏي ٿو۔ اهڙي شاعري، انسانن ۽ قومن جي فڪري تربيت ڪري ٿي، ماڻهوءَ کي حوصلي، اميد ۽ سچ جي راه ڏيکاري ٿي. جڏهن شاعر پنهنجي ذاتي احساسن کي انساني دردن ۽ مسئلن سان ڳنڍي ٿو، تڏهن سندس ڪلام عام ڳالهہ نہ، پر اهم ۽ بهترين پيغام بڻجي وڃي ٿو، عام خاص ماڻهن جي دلين جي ترجماني ڪري ٿو۔ خيال جي بلندي ئي اها قوت آهي، جيڪا شاعر کي دنياوي تڪرارن، لساني تڪرارن، نفرتن ۽ خود غرضين کان آزاد ڪري، انساني محبت ۽ عالمگير اخوت ڏانهن وٺي وڃي ٿي. شاعريءَ جي حقيقت بہ اها آهي تہ اها انسان جي روح سان ڳالهيون ڪري، انهيءَ جي دل ۽ روح جي پاتال ۾ لهي وڃي ۽ هر هڪ کي پنهن جي خيالن ۽ سوچن جي ترجماني محسوس ٿئي۔ جنهن شاعريءَ ۾ فڪر جي روشني ۽ خيال جي اوچائي نہ هجي، اها فقط لفظن جو مجموعو آهي، پر جنهن ۾ فڪر جو اوج ۽ احساسن جي صداقت هجي، اها شاعري صدين تائين زنده رهندي آهي. شاعري ڀلي تہ بحر وزن ۾ پوري لهندي هجي، پر جيڪڏهن ان ۾ خيالن جي بلند پرواز شامل نہ آهي تہ اها فقط لفاظي ئي محسوس ٿيندي آهي۔ اهڙي شاعريءَ جو مثال هڪ اهڙي سهڻي بوتي جهڙو آهي جنهن کي عمدہ ڪپڙا تہ پاتل هجن پر اهو بي ساھ هجي۔

آخر ۾ مان اهو ئي بيان ڪندس تہ شاعر جي سڃاڻپ سندس تخيل جي وسعت، احساس جي نزاڪت ۽ گھرائي ۽ خيال جي بلنديءَ ۾ آهي. خيال جي اوچائي ئي اها طاقت آهي، جيڪا شاعريءَ کي عام ڳالهہ مان فن جي اعليٰ مرتبي تي آڻي بيهاري ٿي. بلند خيال فن پاره ئي جاوداني ماڻيندا آهن ۽ صدين پڄاڻان بہ اهي سيني بہ سيني انسانن ۾ گردش ڪندا رهندا آهن۔ مجلسن ۽ محفلن ۾ ڳايا ويندا آهن، سدائين پسنديدگيءَ جي نظر سان ڏٺا ويندا ۽ داد- تحسين جي قابل رهندا آهن۔ اهڙن ٻولن جو سحر ڪنهن نوخيز الهڙ مهجبين جي نيڻن کان گهٽ ناهي هوندو۔ جيڪو دلين کي مسرور ۽ مسحور ڪري جهومڻ تي مجبور ڪندا رهندا آهن۔ هتي مان مثال طور پنهن جو هڪ لازوال غزل پيش ڪندس جيئن مضمون جي اصل روح کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي۔

نيڻن ۾ ڄڻ، جادو آهي،

مرڪن ۾ ڄڻ جادو آهي۔

پنهنجو پرائي کي ٿا بنائن،

جذبن ۾ ڄڻ جادو آهي۔

پٿر دل کي ڀي پگهرائن،

لڙڪن ۾ ڄڻ جادو آهي۔

ڀونئر ٿو ڀلجي، گل ٿو سمجهي،

لبڙن ۾ ڄڻ جادو آهي۔

وار سڄڻ جا، ونگ وجهن ٿا،

وارن ۾ ڄڻ جادو آهي۔

ڪڪر ملن ٿا، کنوڻ کلي ٿي،

ڪڪرن ۾ ڄڻ جادو آهي۔

امر گيتن کي، بنائي ڇڏن ٿا،

جملن ۾ ڄڻ، جادو آهي۔

کوڙ پوپٽڙا، روز جلن ٿا،

شمعن ۾ ڄڻ، جادو آهي۔

لفظ پريم جا، پيارا پيارا،

لفظن ۾ ڄڻ جادو آهي۔

مٿئين غزل ۾ اهو بيان ٿيل آهي تہ ڪهڙين ادائن، جذبن، احساسن ۽ لفظن ۾ جادو سمايل  آهي، جو عاشق پنهنجي جان جي بازي لڳائڻ کان بہ گريز نٿا ڪن ۽ جان جو نذرانو ڏئي سرخرو ۽ امر ٿي وڃن ٿا۔ رواني ۽ ترنم بہ شاعريءَ لاءِ ضروري آهن پر انهن جي حيثيت ثانوي آهي۔ حاصل مقصد تہ سگهاري ۽ جاندار شاعري ان شاعري کي ٿو سڏجي جنهن ۾ خيالن جي بلندي اعليٰ سطح جي هجي۔ باقي سطحي خيال ۽ اجائي لفاظي شاعريءَ جي روح ۽ خوبصورتيءَ کي متاثر ڪري ٿي۔ امرتا اهڙي شاعريءَ يا فن پاره ماڻن ٿا جن ۾ بلند ۽ عمدہ خيالن جي اپٽار ٿيل هجي۔ هتي پراڻن امر گيتن، ڪلامن يا شاعريءَ جو مثال پيش ڪجي تہ انهن جي مقبوليت، پسنديدگي ۽ امرتا جو وڏو سبب خيالن جي بلندي ئي هيو ۽ آهي۔ سٺي شاعريءَ جا باقي ٻيا لوازمات ترنم، ست موسيقيت، رواني، بحر وزن جي پورائي، بهترين لفظن، قافين ۽ رديفن جو استعمال آهي۔



Previous Post Next Post