وقت جنهن جي
حق ۾ آهي،
لوڪ انهيءَ کي، ٿو چاهي۔
وقت جنهن جي
بہ حق ۾ هوندو آهي لوڪ ان کي پنهنجو رهبر سمجهن
ٿا، پنهنجي دل ۾ ان لاءِ سڪ رکن ٿا،
انهيءَ ڪردار ۾ ڪشش محسوس ڪن ٿا، ان جي طرف مائل
رهن ٿا يا ان طرف ڇڪجي وڃن ٿا۔ پوءِ جنهن کي خلق-
خدا جو ساٿ ملي وڃي اهو زندگيءَ جي هر موڙ تي
ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻي ٿو۔ وقت جو حق ۾ هجڻ ئي هڪ عام ماڻهو کي خاص بڻائي ڇڏي
ٿو کيس عام انسان مان تخت تاج جو مالڪ بڻائي ڇڏي ٿو۔ پر وقت بہ انهن جي حق ۾ ٿئي ٿو، جيڪو وقت جو قدر ٿا،
خلق- خدا جي خدمت ڪن ٿا ۽ اهڙيءَ ريت رب کي راضي
رکن ٿا۔ پوءِ جنهنجو رب تنهنجو
سڀ۔ رب پاڪ انهن سان ئي راضي رهندو آهي جنهن جي دل صاف ۽ عمل صالح يا نيڪ هوندا آهن۔
وقت هڪ اهڙي
انصاف ڪندڙ قوت آهي، جيڪو ڪنهن لاءِ نہ
رڪجي
ٿو، نہ موٽي ٿو، نہ ئي ڪنهن جي خواهشن جي تابع ٿئي ٿو۔ اهو بي
رحم بہ آهي، ۽ مهربان بہ۔ جيڪو وقت جو قدر ڪري ٿو، جيڪو پنهنجي عمل، سوچ
۽ شعور کي وقت جي وهڪري سان هم آهنگ ڪري ٿو، دنيا جو هر لوڪ، هر دل ۽ هر زبان ان جي
حق ۾ ڳالهائي ٿي۔ وقت، ڪنهن جي لاءِ تماشو نہ
آهي،
پر امتحان آهي۔ ۽ جيڪو هن امتحان ۾ سرخرو ٿئي ٿو، اهو ئي سماج جو محبوب بڻجي ٿو۔
تاريخ جا ورق
ٻڌائن ٿا تہ جيڪي ماڻهو
وقت جي قدر کي سمجهي اڳواٽ رٿابندي ڪندا آهن، جن جي زندگي نظم ۽ ضبط تي ٻڌل هوندي آهي،
سي ئي مستقبل جا تعميرڪار ٿيندا آهن۔ جيڪي ماڻهو وقت کي وڃائڻ ۾ مصروف رهن ٿا، سي رڳو
تماشي جا مناظر بڻجي وڃن ٿا۔ انهن جي زندگيءَ جو داستان ڪنهن بہ ڪتاب ۾ لکجڻ جو حقدار نہ ٿو رهي۔ وقت هڪ اهڙي ميزان آهي، جنهن ۾ هر
شخص جا عمل توريا وڃن ٿا۔
مرڪزي خيال
۽ حاصل مقصد ڪجھ هن ريت آهي تہ: وقت ڪڏهن ڪنهن لاءِ بيهي نٿو، پر جيڪو انسان وقت جي رفتار سان
قدم کڻي ٿو، وقت پاڻ بہ ان جو ساٿي
بڻجي وڃي ٿو۔ جنهن جي حق ۾ وقت بيهي ٿو، دنيا جو هر ماڻهو بنا سبب ان ڏانهن ڇڪجڻ لڳي
ٿو۔ اها ڇڪ، اها عزت، ۽ اهو احترام ڪنهن بناوٽي طاقت جو نتيجو نہ، پر وقت جي فيصلي جو اثر آهي۔ جيڪو شخص پنهنجي
زندگيءَ جا لمحا سونهري ارادن ۽ مثبت عملن ۾ گذاريندو آهي، اهو وقت جي نظر ۾ قيمتي
بڻجي ويندو آهي۔ پوءِ دنيا کيس چاهي ٿي، سندس ڳالهہ
کي
ٻڌي ٿي، سندس لفظن کي اهميت ڏئي ٿي۔ اهڙا ماڻهو پنهنجي وقت ۾ ئي نہ، پر ايندڙ صدين تائين بہ ياد ڪيا ويندا آهن۔ ان جي ابتڙ، جيڪو ماڻهو
وقت کي ضايع ڪري، غفلت ۽ سستيءَ ۾ ويڙهيل رهي ٿو، سو آهستي آهستي ماڻهن جي نظرن ۾ ڪري
پوي ٿو۔ دنيا جو اصول سادو آهي، جيڪو وقت سان هلندو، سو قائم رهندو، ۽ جيڪو وقت جي
ابتڙ هلندو، سو مٽيءَ ۾ ملي ويندو۔
اسان کي گهرجي
تہ وقت کي دشمن نہ، پر دوست بڻايون۔ هر ڏينهن، هر گهڙيءَ، ۽ هر لمحي
کي هڪ نعمت سمجهي، ان مان نفعو حاصل ڪريون۔ وقت جي حرمت کي سمجهڻ ئي شعور جي پهرين
پيدائش ۽ آزمائش آهي۔ جيڪو ماڻهو وقت کي سمجهي ٿو، سو پاڻ کي بہ سمجهي ٿو، ۽ جيڪو پاڻ کي سمجهي ٿو، سو دنيا
بدلائي سگهي ٿو۔
وقت ڪنهن جو
انتظار نٿو ڪري، پر جيڪو وقت جو قدر ڪري ٿو، اهو ئي محبوب ۽ ڪامياب ٿئي ٿو۔ سماج جي
محبت، عزت ۽ شهرت بہ ان کي ئي نصيب
ٿئي ٿي، جيڪو وقت سان هم آهنگ ٿي زندگي گذاري ٿو۔ وقت جو احترام ئي زندگيءَ جو سڀ کان
وڏو سبق آهي، ۽ جنهن کي هي سبق سمجهہ
۾ اچي وڃي، دنيا سندس قدمن ۾ بيٺل نظر اچي ٿي۔
وقت آهي، جنهن
جي، حق ۾،
لوڪ رهي ٿو
ان جي ڇڪ ۾۔

