سنڌ پوليس، ڪامياب نوجوان، سازش، ۽ حق سچ جي فتح ـ سڪندر اسماعيل نھڙيو

اھا ھڪ مارچ 2025ع جي ماھ مقدس رمضان المبارڪ جي ستاويهين ڀلاري رات ھئي، اسان جي زندگيءَ جي سڀ کان بھترين رات جنھن رات اسان جي ميرٽ لسٽ جاري ٿي. آئون ان وقت ڪلوئي شهر ۾ ھئس نيٽ سروس جو مسئلو ھو مڙيئي ڪال ٿي پي سگھي پر پي ڊي ايف فائيل کلي ئي نہ پيو دل جي ڌڙڪن وڌي رھي ھئي. ڪلوئي ٿاڻي جي بلڪل سامھون اڀرندي گلي ۾ نيل ڪلينڪ جي ٻاھران بي چيني ۾ موبائل کي بار بار فلائيٽ موڊ پي ھنيو جئين ڪو سگنل اچي سگھي. ايتري ۾ ھڪ دوست ڪال ڪري مبارڪون ڏنيون. دل جي ڌڪ ڌڪ ويتر وڌي وئي مون ھڪ ٻئي دوست کان ڪال ڪري تصديق ڪرائي بحرحال آئون سنڌ پوليس ۾ سليڪٽ ٿي چڪو ھئس. ان وقت مونکي ھڪ عجيب قسم جي خوشنما ڪيفيت وڪوڙي وئي مونکي پويان ڪجھ مھينا جيڪي مون طويل انتظار ۾ گذاريا ھئا. اھي ھڪ ھڪ ڏينھن تفصيلي ياد اچي ويا جڏھن سنڌ پوليس کاتي ۾ اشتھار آيو ھو تہ بنا دير جي ايس ٽي ايس پورٽل تي اپلائي ڪري ڇڏيم آئون 2023 ۾ بہ فزيڪل ٽيسٽ مس ڪري چڪو ھئس مون ھي ٻيو موقعو وڃائڻ ھرگز نٿي چاھيو بنا دير گھربل ڪاغذات جمع ڪرائي تياري کي لڳي ويس فزيڪل ٽيسٽ لاءِ صبح جو چار وڳي اٿي نماز پڙھي ٻنين ۾ ميدانن ۾ ڪچي پٽڙين تي ۽ مٺي مين روڊ تي ڊوڙون پائيندو ھئس. جيستائين صفا ساڻو نہ ٿيندو ھئس تيستائين ڊوڙندو ئي رھندو ھئس اڌ رات تائين جاڳي جاڳي لکت واري ٽيسٽ ۽ انٽرويوءَ جي تياري ڪندو ھئس. اوجاڳو ٿڪاوٽ نہ ماني جو خيال نہ ننڊ جو فڪر بس رڳو محنت ۽ منزل تي پهچڻ جو جنون ھوندو ھو. نيٺ 24 جون 2024 تي شهدادپور سينٽر تي فزيڪل ٽيسٽ لاءِ ڪال آئي ھڪ ڏينھن ايڊوانس وين بڪ ڪري ٻاويهہ ٽيويهہ ڄڻا پنھنجا خواب کڻي نڪري پياسين سخت گرمي ۾ ٻي ڏينھن صبح سويري سينٽر تي پھچي وياسين. اتي خلق لٿل ھئي ھوٽلن تي ويھڻ جي جاءِ نہ هئي روڊ بلڪل بلاڪ ھو ايترا اميدوار سينٽر ٻاھران موجود ھئا جو ميلي کان قصو چڙھيل ھو ٺيڪ ٺاڪ ٽولن جي صورت ۾ اسان کي بلاڪ نمبر جي ترتيب سان ڊوڙايو ويو اڳيان موبائل ايمبولينس اٺ منٽ جو ٽائيم ڏنل ھو 1600 ميٽر جي رننگ ٽيسٽ ھئي. اسان بحرحال مقرر وقت کان ٻٽي منٽ پھرين پھچي وياسين پوءِ اتي قد ۽ ڇاتي ماپيو ويو ٻن مھينن جي انتظار کانپوءِ فزيڪل ٽيسٽ جي رزلٽ لڳي ڪواليفائي ڪيوسين پوءِ سائين شروع ٿي رٽن ٽيسٽ جي تياري خيرن سان 08 سيپٽمبر 2024 تي اسان کان حيدرآباد ۾ رٽن ٽيسٽ ورتي وئي مالڪ سائين جي مھرباني سان اھا ٽيسٽ بہ 78 مارڪس کڻي پاس ڪري ورتي ان کانپوءِ آيو ايس پي ڊي زيرو ون جو سڀ کان اھم ۽ ڏکيو مرحلو انٽريو جو جيڪو ٿرپارڪر جي دل مٺي ۾ ايس ايس پي آفيس تي رکيو ويو جنوري 2025 تي انٽرويو شروع ٿيا. ايس پي سمير نور چنا ۽ ڊي آئي جي صاحب انٽرويو ورتا ايسي سنڌي انگريزي ۾ لکايا ويا وائي وائي ورتي وئي لڳ ڀڳ 1500 نوجوان انٽرويو ۾ ويٺا هئا. اھي سڀ محنتون رياضتون ڪوششون جيڪي اسان پاس ٿيڻ لاءِ ڪيون ھيون سڀ ھڪ ساھي ۾ پکين جي ولر جيان اڏامندي منھنجي دل جي وڻ تي ويھڻ لڳيون ۽ ٻي گھڙي ڀڙڪو کائي اڏري پي ويون بحرحال آئون تمام گھڻو خوش ھئس ڳوٺ آيس مبارڪن جا مينھن وسي پيا. جيڪي ھر ٽيسٽ پاس ڪرڻ وقت مٺائي ورهائڻ دوران اڪثر مون تي واڌاين جا وسڪارا ٿيندا ھئا بحرحال فائنل ميرٽ لسٽ ۾ نالو اچڻ ٻيو مٿان عيد الفطر سو خوشي ھاڻي ڊبل ٿي وئي ھئي. اسان ھاڻي ايس پي ڊي زيرو ون جو سڄو پروسيس ڪاميابي سان ڪليئر ڪري آفر آرڊر جا منتظر ھئاسين ڊي آئي جي صاحب ھڪ نوٽيس ڪڍيو ھو جنھن ۾ ايس ايس پي آفيس ڏانھن ھڪ ھفتي ۾ ڪامياب اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪرڻ جي واضع ھدايتون جاري ڪيون ويون.

اسان انتھائي خوش ھئاسين جو طويل بيروزگاري جو تسلسل ٽٽڻ تي ھو غربت جون زنجيرون ٽٽي وکرڻ جي ابتدا ٿي رھي ھئي اسان جي زندگي جي ھي ٽرننگ پوائينٽ ھئي اسان جي والدين کي اسان تي فخر ٿي رھيو ھو ھڪ جشن جو سمان ھو اسان اچڻ واري خطري کان بيخبر پنھنجي مستي ۾ مگن ھئاسين دوستن سان ڪچھرين ۽ مزاقن ۾ مصروف ھئاسين پر اسان غريبن جي ھي ڪاميابي ڪجھ دوستن کي ھضم نہ ٿي ميرٽ جي خلاف سازش ڪندي پوليس ڊپارٽمينٽ ۽ IBA STS جھڙي معتبر اداري تي ميرٽ جي لتاڙ جو سرعام الزام لڳائي بلاجواز احتجاج ڪرڻ شروع ٿي ويا ۽ سندن سازشي ۽ شاتر سوچ اتي ئي بس نہ ڪئي ۽ ھو ڪورٽ تائين پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ SPD ۾ ڪامياب اھل ۽ ذھين نوجوانن جي مستقبل ۽ خوابن کي ٽياس تي ٽنگي عدالت سڳوري مان سڄي پروسيس تي منارٽي، گھٽ مارڪن وارا اميدوار لسٽ ۾ اچڻ ۽ ميرٽ جي لتاڙ جي بي بنياد الزامن جو عارضي سھارو وٺي اپريل 2025 تي اسٽي ھڻائي ويھي رھيا سوين قابل ھوشيار شاگردن جو ڪيريئر داءُ تي لڳي ويو ۽ پوءِ شروع ٿي ويو ھڪ اذيت ناڪ ۽ پيڙا سان ڀرپور جان ليوا انتظار عدالت طرفان تاريخ تي تاريخ ملندي رهي اسان ھڪ ٻہ ڀيرا ايس ايس پي عادل ميمڻ صاحب سان آفيس وڃي مدد لاءِ درخواست ڪئي پر ڪجھ ڪون ٿيو اسان آچر 31 آگسٽ 2025 تي مٺي شھر ۾ مٺي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو پر ان سان بہ ڪو خاص نتيجو نہ نڪتو آخر ڪار اسان آگسٽ مھيني ۾ سنڌ ھائي ڪورٽ برانچ ميرپورخاص سان پڻ رجوع ڪيو پر اسان جو انتظار ڏينھو ڏينھن وڌنڌو رھيو. اسان کي نظام انصاف ۽ عدالتن مان حق سچ جي فيصلي جي اميد ھئي پر ھي جيڪو موت جھڙو انتظار ھو ان جو اسان وٽ ڪو مناسب حل نہ ھو سڄا سارا نو مھينا اسان آفر آرڊر جا منتظر رھياسين بي چيني سان اسٽي ختم ٿيڻ جو دعائون ڪندا رھيا سين آخر ڪار شديد انتظار ۽ وڏي سوچ ويچار کانپوءِ اسان پنهنجو وڪيل ڪري ھن ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

اسان منجھان ٽي چار ايڪٽو اميدوارن کي سليڪٽ ڪري چڱ مڙسي جو پٽڪو ٻڌايو ويو اسان ايمرجنسي بنيادن تي ڊونيشن جمع ڪئي ھر اميدوار کي وقت ضايع ٿيڻ اوور ايج ٿيڻ سميت مخلتف نقصان ڳڻائي ڊونيشن ڏيڻ تي راضي ڪيو ڪافي دوستن تعاون ڪيو پر گھڻن اميدوارن ڊونيشن جمع نہ ڪرائي بحرحال اڳ ۾ تعاون ڪندڙ دوستن وڌي چڙھي اسان جو ساٿ ڏنو ۽ ڊبل ڊونيشن ڏئي ڇڏي اسان بنا دير وڪيل جي ٿرو ارجنسي داخل ڪرائي عدالت طرفان ٻڌڻي لاءِ رکيل 18 فيبروري 2026 جي تاريخ کي پوئتي واپس ڪرايو ويجھيون ويجھيون تاريخون ملنديون رهيون ھفتي ٻن هفتن جون، ھر اربع تي ڪيس ھلڻ لڳو.

ائين تاريخ تي تاريخ ھلندي ھلندي ڪورٽ پاران 12 نومبر 2025 تي تاريخ مليل ھئي. جيڪا آخري ثابت ٿي اسان ھڪڙو ڏينھن اڳ ۾ 11 تاريخ تي ميرپورخاص پھتاسين رات جو اسان کي خبر پئي تہ سڀاڻي ڪورٽ بند ھوندي ڇو جو اسلام آباد ۾ ٿيل خودڪش بم ڌماڪي ۾ وڪيلن جي اموات تي وڪيلن 12 تاريخ تي ڪارو ڏينھن ملھائڻ جو اعلان ڪندي ڪورٽ ڪاروائي بند رکڻ جو پڻ اعلان ڪيو اسان کي ان رات ننڊ ئي ڪون آئي پھرين سوچو سين تہ ھاڻي واپس ڳوٺ ٿا ھلون سڀاڻي ڪورٽ بند ھوندي ھتي رھي ڇا ڪنداسين پر پوءِ رات گھڻي گزري وڃڻ جي سبب اتي ئي رھي پياسين پريشاني ۾ پاسا بدلائيندا رهياسين ھوئين بہ اسان جي ھر تاريخ تي ڪا نہ ڪا اڻ ٿيڻي ٿي ويندي ھئي ڪڏھن 10 مئي تي پاڪ ڀارت جنگ ڪڏھن ٻٻرلو باءِ پاس تي سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ خلاف وڪيلن جو ڌرڻو ڪڏھن اسان جي وڪيل جي گھر فوتگي ڪڏھن گھرو وزير ضياءِ لنجار جي بنگلي کي ڏنل باھ مطلب معاملو جئين پوءِ تئين منجھندو ويو ان ڏينھن لاشعوري طور صبح جو ناشتو ڪري ڪورٽ ھليا وياسين تہ قدرتي ڪورٽ کليل ھئي اسان ڪجھ منارٽي جا پٽيشنر دوست راضي ڪري گڏ وٺي ويا ھئاسين جيڪي پڻ ويٽنگ لسٽ ۾ سليڪٽ ٿي چڪا ھئا. اسان ٻئي ڏينھن 12 نومبر 2025 تي عدالتي ڪمري ۾ موجود ھئاسين.

مخالف ڌر جا وڪيل جيلم سنگ ۽ ڀورو لال ۽ ٻيا اچي ويا ھئا وڪيل ڀوري اسان جي منارٽي وارن پٽيشنرز کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪندي ڪيس تان ھٿ نہ کڻڻ لاءِ گمراھ ڪندو رھيو ان باوجود بہ انھن دوستن ڪيس تان وٿڊرا ڪيو ۽ ايفيڊويٽ لکي ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو بحرحال جج صاحب انتھائي سينئير جسٽس ھو ان تمام ثبوت ڏٺا ٻنھي ڌرين کي ٻڌو ۽ اسان کي بہ ڳالھائڻ جو موقعو ڏنو تمام تفصيل جج صاحب جي سامھون رکيا ويا ميرپورخاص ضلعي جي اپائيٽمنٽ ۽ سڄي سنڌ ۾ ٽريننگ مڪمل ڪري ايندڙ اميدوارن جي پڻ آگاھي ڏني وئي جج صاحب فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. اسان سڀئي دوست ھزارين اميدون کڻي پنهنجن گھرن ڏي موٽياسين ڪوسٽر ۾ سفر ڪندي بہ نوان نوان تجربا ٿيندا آھن.

ھاڻي اسان کي ڪورٽ جي فيصلي تي مشتمل نوٽيفڪيشن جو شدت سان انتظار ھو، آخر ڪار منزل ويجھو ڏسڻ ۾ آئي ڪورٽ جي ٻڌڻي کان ٺيڪ ٻارنهن ڏينھن کانپوءِ تاريخ 24 نومبر 2025ع تي ڪورٽ جو محفوظ ڪيل فيصلو جاري ٿيو. جنھن ۾ تمام سي پيز پينڊنگ سميت نبيري ڊسپوز ڪيون ويون ۽ آئي جي غلام نبي ميمڻ کي 60 ڏينھن جي اندر تمام شڪايتون حل ڪري ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. اسٽي تہ ختم ٿي چڪو ھو الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان پر اسان انھي انتظار جي چڪي پيسندا رھياسين تہ ڪڏھن آئي جي صاحب پروسيس اسٽارٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو ڪڏھن سي پي او ڪراچي مان اپروول ملندو تہ اسان ٿرپارڪر جي اھل اميدوارن ۾ آفر آرڊر ورهايا وڃن ايس ايس پي شعيب ميمڻ سان پڻ رابطو ڪيو سين ۽ ايس پي آفيس جي ڪلارڪن شيٽ ڪلارڪ وغيرہ سان رابطو ڪيو تہ انھن چيو ڀئي اسٽي ھٽي ويو آھي توھان پريشان نہ ٿيو ڏھ پندرھن ڏينھن ۾ ھي پروسيس ھلايو ويندو.

الله پاڪ جي مھرباني ۽ رحم و ڪرم ۽ اڻ ٿڪ ڪوششن سان اسان پنهنجي ڀائرن سان ڪيل واعدو پاري ڏيکاريو سپنا ساڪار ٿيڻ جي قريب بلڪل قرب ٿيا محنتن رنگ لاتو ڪيس وقت کان پھرين ختم ڪرايو الحمدلله ھن سفر ۾ اسان تنقيدن کي منھن ڏنو عدم اعتمادي برداشت ڪئي الزام تراشيون ٿيون مخالفت جي زد ۾ رھياسين ڪافي دوستن کي يقين ئي ڪون ھو ھر ٻڌڻي تي اسان کي ذاتي ٽارگيٽ ڪيو ويو پر اسان پير پوئتي نہ ڪيو بلڪل خاموشيءَ سان بنا ڪنھن کي جواب ڏيڻ جي اسان پنھنجو ڪم جاري رکيو. جدوجھد ۽ جستجو جي مشعل اڀي ۽ بلند رکي پنهنجي دوستن جو وقار ۽ حوصلو اوچو رکيو بس اڳتي وڌندا رھياسين آخر ڪار منزل تي پھچي وياسين .

ان سفر ۾ ساٿ ڏيندڙ تمام دوستن جون لک محبتون انھن ۾ خاص ڪري ، علي محمد نھڙيو، امير علي نھڙيو، صدام نھڙيو، عبدالڪريم سميجو، شانل سميجو، نور سميجو، غلام رسول سميجو ھر وقت ھر ٽائيم تي ھر جڳهہ تي گڏ گڏ ھئاسين ايس پي سان پھرين ميٽنگ ۾ شاھد چوھاڻ، مختيار راھمون، عبدالخالق ڏوھٽ، بشير چوھاڻ ۽ ٻيا دوست آيل ھئا.

ايس پي صاحب سان ٻي ميٽنگ ۾ وقار چوھاڻ سيلم چوھاڻ شھباز ساند رياض چوھاڻ رضوان نھڙيو ۽ ٻي ڪافي سنگت پھتي ھئي. وڪيل سبحان سميجو سان ميٽنگ ۾ اسامہ نھڙيو، وليد نھڙيو مٺي ۾ موجود ھئا.

ميرپورخاص ھائي ڪورٽ ۾ وڪيل سان پھرين ميٽنگ ۾ آئون، غلام رسول سميجو، نور سميجو، امير نھڙيو ۽ تازو ٿيل اي ايس آئي غلام رحيم نھڙيو پڻ موجود ھو . مٺي واري احتجاجي مظاهري ۾ تقريبن 50 کان مٿي دوست اسان جي ڪال تي مٺي پھتا ھئا. يقيناً انھي سٿ جي تمام ساٿين جي ساٿ سان ئي اسان ايترو مشڪل وقت ڪڍي آياسين.

ان شاءالله ھاڻي تمام جلد ھڪ ڏينھن ايس پي آفيس ۾ سڄي سنگت سان گڏ  آفر آرڊر وصول ڪنداسين ان شاءالله ۽ سگھو ئي آخري ميڊيڪل وارو مرحلو پڻ ڪاميابي سان مڪمل ڪري ٽريننگ تي روانا ٿينداسين.


Previous Post Next Post