سوڊان جو بحران
جديد دنيا جي سڀ کان پيچيده، گهري ۽ گهڻ رخا تڪرارن مان هڪ آهي، جنهن جي جڙن کي سمجهڻ
لاءِ لازمي آهي تہ تاريخ، سياست،
معاشيات، وسيلن جي مالڪي، قبائلي بناوٽ، استعماري ورثي، فوجي طاقت، جاگرافيائي اهميت
۽ عالمي طاقتور ملڪن جي حڪمت عملين کي گڏجي پرکيو وڃي. سوڊان صرف هڪ ملڪ نہ پر خطي جي جغرافيائي دل، وسيلن جي اميري
جو محور ۽ عالمي مفادن جي ٽڪراءَ جي وچ ۾ بيٺل هڪ اسٽريٽجڪ جنگ جو ميدان بڻجي چڪو آهي.
هتي هلندڙ جنگ فقط ٻن ڌرين جي طاقت جي مقابلي تائين محدود ناهي؛ اها هڪ وسيع الجهندڙ
جنگ آهي، جيڪا ڪيترن ئي سطحن تي ساڳئي وقت وڙهي پئي وڃي: زميني سطح تي، سياسي سطح تي،
قبائلي سطح تي، معاشي سطح تي، بين الاقوامي لاڳاپن جي سطح تي، ۽ سڀ کان گهڻي شدت سان
وسيلن جي قبضي جي سطح تي. سوڊان جو هاڻوڪو بحران 2023ع ۾ اوچتو شروع نه ٿيو؛ اهو ڏهاڪن
تي پکڙيل، اندروني بيچيني ۽ بجليءَ جي مرڪزي نظام جي برباديءَ جو نتيجو آهي. برطانوي
استعماري دور کان وٺي سوڊان ۾ طاقت جو دائرو مرڪزيت جي بنياد تي ٺهيل رهيو، جنهن ۾
ڪجهہ گروهن کي اختيار ڏنو ويو ۽ وسيع آبادي کي
پٺتي رکي ڇڏيو.
آزادي کان پوءِ
بہ اقتدار فوجي ايليٽ جي هٿ ۾ رهيو جيڪو ملڪ
کي پنهنجي مفادن مطابق هلائيندو رهيو. ان وچ ۾ قبيلن، علائقن ۽ نسلي گروهن جي وچ ۾
عدم برابري وڌندي رهي ۽ طاقت چند هٿن ۾ محدود ٿي وئي. اها تاريخي غير برابري ۽ ناانصافي
اڄ جي بحران جو بنياديڙ سبب آهي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ دارفور ۽ ٻيا علائقا مسلسل محرومي،
بدانتظامي ۽ وسيلن جي غلط ورڇ سبب سياسي طور بااثر ڪردارن کان محروم رهيا. اهڙي صورتحال
۾ هٿياربند مليشيا اُڀري، جنگجو گروه طاقتور ٿيا ۽ حڪومت انهن کي روڪڻ بدران ڪڏهن استعمال
ڪيو، ڪڏهن نظرانداز ڪيو. وقت سان RSF جهڙا گروه مضبوط ٿيا، جيڪي
اصل ۾ جنجاويد مليشيا مان اڀريا. انهن کي حڪومت اندروني دشمنن خلاف استعمال ڪيو، نتيجي
۾ اهي خود طاقتور ادارتي قوت بڻجي ويا جيڪي پوءِ رياست لاءِ خطرو بڻيا. اهو سڀ ڪجهہ سوڊان جي اندروني سياسي ڍانچي جي ڪمزوريءَ
جو ثبوت آهي.
جڏهن 2019ع
۾ عمرالبشير جي حڪومت عوامي بغاوت سبب ختم ٿي، تڏهن هڪ نئون سياسي پنڌ شروع ٿيو. پر
فوج ۽ RSF ٻنهي تڏهن بہ اقتدار ڇڏڻ
لاءِ تيار نہ هئا. هڪ عارضي
منتقلي واري حڪومت ٺهي پر اقتدار جي ڇڪتاڻ جاري رهي. 2021ع ۾ ٻيهر فوجي بغاوت ٿي ۽
ملڪ ٻيهر فوج جي ڪنٽرول ۾ هليو ويو. پر فوج جي ٻن وڏين حصن،SAF ۽
RSF وچ
۾ اختلاف وڌندا ويا. SAF هڪ روايتي فوجي اداري طور
رياست جي علامت سمجهيو ويندو آهي، جڏھن تہ
RSF وڌيڪ
غير منظم پر گهڻي طاقتور مليشيا نما طاقت آهي جيڪا وسيلن تي سڌي ۽ غيرقانوني قبضي،
سون جي اسمگلنگ ۽ علائقائي سپورٽ ذريعي مالي طور مضبوط ٿئي ٿي. 2023ع ۾ جڏهن
RSF کي
قومي فوج ۾ ضم ڪرڻ جو سوال سامهون آيو، RSF کي خدشو ٿيو
تہ ضم ٿيڻ سان ان جي خودمختياري ختم ٿي ويندي.
اهڙي طرح ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تڪرار کليل جنگ ۾ تبديل ٿي ويو. پر هي جنگ فقط ٻن ڪمانڊرن
جي ذاتي رقابت يا اداري جي اندروني ڦيٿي جو نتيجو نہ
آهي؛
هن جنگ جو مرڪزي محور وسيلن تي قبضو آهي. سوڊان ۾ سون سڀ کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو، خاص
طور تي هن وقت جڏهن عالمي معيشت ۾ سون جي قيمت سياسي اڻ ڍڪ، جنگن ۽ غيريقيني حالتن
سبب وڌي رهي آهي.RSF سون جون اهم
کان اهم کان کني واريون جڳهيون ڪنٽرول ۾ رکندي آهي. انهن مان روزانو لکين ڊالرن جي
آمدني ٿيندي آهي جيڪا مليشيا کي هٿيار، فوجي تربيت، گاڏيون ۽ بين الاقوامي لاڳاپا برقرار
رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. سون جي عالمي اسمگلنگ نيٽ ورڪس ۾ عرب ملڪن، آفريڪا ۽ يورپ جا غير
رسمي مارڪيٽ شامل آهن.
سوڊان جو سون
گهڻو ڪري اعلان کان سواءِ ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ حڪومت کي ڪجهہ بہ
حاصل
نٿو ٿئي. اهو ئي مال ڪمائيRSF کي اتني طاقتور بنائي چڪو آهي جو اها هڪ مڪمل پيرالل
فوجي طاقت بڻجي چڪي آهي. تيل بہ سوڊان جي بحران
جو اهم حصو آهي. جيتوڻيڪ ڏکڻ سوڊان تيل جا ذخيرا رکي ٿو، پر تيل جي برآمد لاءِ پائيپ
لائينون اتر سوڊان مان گذرن ٿيون. انهيءَ سبب ٻنهي ملڪن جي معيشت هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي
۽ سياسي ڇڪتاڻ جلد ئي معاشي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. جڏهن بہ سوڊان اندروني بحران ۾ هوندو آهي تہ پائيپ لائينن جي سيڪيورٽي کي خطرو وڌي ويندو
آهي، جنهن جي ڪري عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ بہ
دٻاءُ
پيدا ٿيندو آهي. زرعي زمين سوڊان جي لاءِ ٻي وڏي دولت آهي. نيل درياءَ جي ٻنهي پاسن
تي زرخيز زمينن سبب سوڊان کي ”آفريڪا جو زرعي
مستقبل“ سڏيو ويندو آهي. پر اها زرخيزي ئي ڪيترن
علائقن ۾ نسلي ۽ قبائلي تڪرارن جو سبب بہ
آهي.
ڪيترن ئي وڏن علائقن ۾ زمين جي مالڪي تي جھڳڙا نسلن تائين ڇڪتاڻ پيدا ڪندا رهيا آهن.
ريڊ سي تائين رسائي سوڊان کي خطي جي سڀ کان اهم تجارتي رستن سان ڳنڍي ٿي. پورٽ سوڊان
جي عالمي اهميت جو تصور ان ڳالهہ مان لڳائي سگهجي
ٿو تہ آمريڪا، چين، روس، سعودي عرب ۽ يورپ سڀ ان
بندرگاه ۾ دلچسپي رکن ٿا. جيڪو بہ پورٽ سوڊان
تي اثرانداز ٿيندو هو فقط سوڊان نہ پر پوري ريڊ
سي واري واپار کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. انهيءَ ڪري سوڊان جي سياسي توازن ۾
ريڊ سي جي اسٽريٽجڪ حيثيت هميشہ هٿي وٺندي رهي
آهي. پرڏيهي مداخلت هن بحران کي وڌيڪ پيچيدہ
بڻائي
رهي آهي. گڏيل عرب امارات RSF جي لاجسٽڪ ۽ اقتصادي مدد
۾ اهم ڪردار نڀائي رهي آهي. انجو سبب صرف سياسي لاڳاپا نہ پر سون جي تجارت ۽ زرعي زمينن تي طويل المدت
مفاد آهن. مصر SAF جي کليل حمايت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ مصر نيل درياءَ جي پاڻي بابت سوڊان جي حڪومتن
سان واسطو رکي ٿو. جيڪڏهن RSF اقتدار ۾ اچي ٿو تہ مصر کي خدشو آهي تہ نيل ڏانهن ان جي رسائي ۽ مفاد متاثر ٿيندا.
روس جو بہ سوڊان ۾ وڏو رول آهي. واگنر گروپ سوڊان جي
سون جي کوٽائي ۾ شامل رهيو آهي. روس کي ريڊ سي تي نيوي بيس قائم ڪرڻ جي بہ خواهش هئي، جنهن سبب
SAF ۽ RSF ٻنهي روس سان ڪڏهن خفيہ
تہ ڪڏهن کليل لاڳاپا رکيا.
آمريڪا ۽ يورپي
ملڪ ظاهر ۾ امن جو حل چاهين ٿا پر انهن جا بہ
اسٽريٽجڪ
۽ معاشي مفاد خطي سان جڙيل آهن. چين بہ
سوڊان
۾ وڏيون انفراسٽرڪچر ۽ زرعي سيڙپڪاريون رکي ٿو. سوڊان جو بحران صرف طاقت جي روايتي
مقابلي يا قبائلي دشمنين جو نتيجو نہ،
پر عالمي طاقت جي سياست جو حصو آهي. دنيا جي وڏين ۽ وچولي طاقتن جي مداخلت سبب جنگ
لمي ٿي رهي آهي. اندروني سياسي نظام جي ڪمزوري هن تڪرار کي وڌيڪ کڻي وڌايو آهي. سوڊان
۾ ڪڏهن بہ مضبوط جمهوري ادارا قائم نہ ٿي سگهيا. پارليامينٽ، عدليہ، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي فوجي اقتدار جي هيٺان ڪمزور
رهي. جڏهن ملڪ جو اقتدار سياسي پارٽين بدران فوجي ڌڙن ۽ مليشيا جي هٿن ۾ وڃي وڃي ٿو،
تہ رياست اداري بدران ميدانِ جنگ ۾ تبديل ٿي
وڃي ٿي. ساڳي صورتحال سوڊان ۾ ڏٺي وڃي ٿي. اقتصادي بدحالي ۽ ڪرپشن بہ بحران کي تيز ڪيو آهي. سوڊان جي ڪرنسي تاريخ
جي سڀ کان گهٽ قدر تي آهي. بک، بيروزگاري، مرض ۽ تعليمي تباهي ماڻهن کي وڌيڪ ڪمزور
ڪري ڇڏيو آهي. جنگ سبب ملڪ ۾ کاڌ خوراڪ جي پيداوار گهٽجي وئي آهي. شهر تباه ٿي رهيا
آهن ۽ بنيادي خدمتن جهڙوڪ اسپتال، پاڻي، بجلي، ٽرانسپورٽ ۽ اسڪول مڪمل طرح ڪم نٿا ڪري
سگهن. انساني بحران سوڊان کي عالمي سطح تي سڀ کان خطرناڪ حالتن مان هڪ ۾ بدلائي ڇڏيو
آهي. لکين ماڻهو پنهنجن گهرن کان بي گهر ٿي ويا آهن. ڪيترائي پاڙا لڳاتار بمباري، گوليباري
۽ قبائلي حملي کان پوءِ وجود ۾ ئي نہ
رهيا
آهن. عورتن ۽ ٻارن سان ٿيندڙ ظلم، جنسي تشدد، اغوا، لوٽ مار ۽ نسل ڪشي جهڙا واقعا وڏي
پيماني تي رپورٽ ٿي رهيا آهن.
سوڊان جا ڪيترائي
علائقا، خاص طور دارفور، مڪمل طور تي انساني حقن جي تباهيءَ جي مثال بڻجي چڪا آهن.
خيراتي اداري، اقوام متحده ۽ عالمي دنيا بار بار خبردار ڪري رهيون آهن تہ سوڊان ۾ انساني نسل ڪشي جهڙا خطرا موجود
آهن. سوڊان جي مستقبل بابت خدشا وڌندا پيا وڃن. جيڪڏهن جنگ جاري رهي تہ ملڪ جو گهڻو حصو يا تہ ٽڪرن ۾ ورهائجي ويندو يا مليشيا رياستن
۾ تبديل ٿي ويندو، جنهن جو نتيجو پوري آفريڪا ۽ ريڊ سي خطي لاءِ ناقابل برداشت ٿيندو.
عالمي واپار، توانائي جا رستا، غذائي تحفظ، نقل و حمل، ۽ خطي جي استحڪام سڀ خطري ۾
پئجي سگهن ٿا. سوڊان جو بحران ان ڳالهہ
جو
مڪمل ثبوت آهي تہ جڏهن وسيلن
تي قبضي، پرڏيهي مفادن ۽ طاقت جي جنگ گڏجي ويندي آهي، تڏهن ڪنهن بہ ملڪ کي سياسي سرشتي، سماجي وحدت ۽ معاشي
ترقي جي ٻيڙي ڊوڙائڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. جنگ فقط ٽينڪ ۽ گولين سان نہ پر معاشي گيرائون، سون جي اسمگلنگ، سفارتي
دٻاءَ، معلوماتي جنگ، قبائلي نفرت ۽ عالمي طاقت ور ملڪن جي پراڪسي جنگن سان وڙهي وڃي
ٿي. سوڊان جو هاڻوڪو بحران انهيءَ ملٽي ڊيمينشنل جنگ جو مڪمل عڪس آهي. اڄ سوڊان دنيا
کي اهو سيکاري رهيو آهي تہ ڪنهن ملڪ ۾
وسيلن جي تمام گهڻي موجودگي برڪت ناهي؛ جيڪڏهن سياسي انسٽيٽيوشن طاقتور نہ هجن تہ
اهي
وسيلن جنگ جو بنياد بڻجي وڃن ٿا. سوڊان وٽ سون آهي، تيل آهي، زرعي زمين آهي، ريڊ سي
تائين پهچ آهي—پر مستحڪم سياسي ڍانچو ناهي. نتيجي ۾ اهو ملڪ اميري باوجود بدترين غربت،
بدحالي، تباهي ۽ گهرو جنگ جو شڪار آهي. سوڊان صرف آفريڪا جو مسئلو نہ پر عالمي طاقت جي سياست جي زنجير ۾ اهم ڪڙي
آهي. جڏهن بہ طاقتور ملڪ
وسيلا ڏسن ٿا تہ جنگ، مليشيا،
بغاوت، پابنديون ۽ پراڪسي فورسز پاڻمرادو پيدا ٿي وڃن ٿيون. سوڊان ان جو سڀ کان تازو
مثال آهي. هن بحران جو حل جنگ جو خاتمو، سياسي مفاهمت، عالمي طاقتور ملڪن جي غيرجانبداري،
سون ۽ تيل جي وسيلن جي شفافيت، ۽ هڪ حقيقي جمهوري نظام جي قيام ۾ آهي. پر موجودہ صورتحال ۾ اهي سڀ شيون ڏاڍيون پري پيون لڳن.
تنهن هوندي بہ سوڊان جي عوام
جي جدوجهد، تاريخي بهادري ۽ پنهنجي ملڪ کي بچائڻ جي خواهش مستقبل ۾ ڪنهن بهتر اميد
جي نشاني بڻجي سگهي ٿي. سوڊان جي بحران کي سمجهڻ رڳو سوڊان لاءِ ناهي، پر دنيا لاءِ
بہ ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو بحران ڏيکاري ٿو
تہ وسيلن جي جنگ، غير مستحڪم حڪومتون، پرڏيهي
مداخلت ۽ فوجي طاقت ڪيئن هڪ ملڪ کي اندر کان ٽوڙي سگهن ٿيون. ماڻهو، شهر، تاريخ، ملڪيت،
نسليون، ادارا—سڀ ڪجهہ جنگ جي باه
۾ سڙي سگهي ٿو، پر طاقت وارا پنهنجي مقصد پوري ٿيڻ تائين جنگ کي جاري رکندا آهن. سوڊان
ان ئي جنگ جو ميدان آهي جنهن ۾ انسانيت روز مري رهي آهي ۽ مفاد پرست روز طاقتور ٿي
رهيا آهن. سوڊان جي مسئلي جو حل مونجهارن، جنگن ۽ مفادن جي ڀيڙ ۾ ڦاٿل آهي، پر تاريخ
ٻڌائي ٿي تہ ڪو بہ بحران دائمي ناهي—صرف جدوجهد، سفارتڪاري
۽ سياسي ارادي سان ملڪ ٻيهر اڀري سگهن ٿا.

