ظلم سهڻ ۽ برداشت ڪرڻ جي بہ هڪ حد هوندي آ پر
جڏهن سڀئي حدون اورانگهجي وڃن تہ برداشت بہ جواب ڏئي ويندي آ۔ بيحس، اڻاسن، نرلڄن ۽ بيحيائن کي ٻئي کي تڙپندو
يا تڪليف ۾ ڏسي مزو ايندو آهي هو انهيءَ مان هڪ عجيب لطف
يا لذيت وٺندا آهن۔ پوءِ جبر ڪندڙ کي وارننگ ڏيڻ بيحد ضروري ٿي پوندي آهي تہ هاڻي بس!! ٻي صورت ۾ تنگ آيد بہ جنگ آيد۔ حقيقي رخ
۾ ڏٺو وڃي تہ ظالم کي ڊگهو رسو ڏيڻ، پاڻ تي پاڻ ظلم ڪرڻ جي برابر آهي۔ تنهن ڪري
پنهنجي جائز حقن ۽ عزت بچائڻ خاطر مزاحمت ڪرڻي ئي پوندي آهي۔
زندگي ۾ سڀ کان وڌيڪ مشڪل ڪم ٻيو نہ، پر برداشت ڪرڻ آهي۔ انسان جي اندر هڪ دنيا هوندي آهي۔ جذبات،
تڪليفون، ڏک، ۽ اميدون۔ جڏهن ڪو انهن سڀني حدن کي لتاڙي ٿو، تڏهن برداشت بہ ٿڪجي پوي ٿي۔ شاعر پريم جا ٻہ سادا پر ڏاڍا گهرا
مصرعا،
گهڻو سٺو سي، هاڻي بس،
معاف ڪيو سي، هاڻي بس۔
هڪ ٿڪل دل، هڪ ٽٽل اعتماد ۽ هڪ حد کان اڳتي وڌي ويل خاموشيءَ ۽
برداشت جو آواز آهي۔
برداشت: انسان جي نرم مزاجي يا بربادي؟!
جڏهن ماڻهو چوي ٿو، گهڻو سٺو سي تہ ان جو مطلب اهو ئي هوندو آهي تہ مون گھڻو برداشت
ڪيو، گهڻو سٺو، گهڻو ڊگهو رسو ڏنو، پر آخرڪار جڏهن محسوس ٿئي ٿو تہ منهنجي نرميءَ کي ڪمزوري ۽ منهنجي برداشت کي مجبوري سمجهيو پيو
وڃي۔ تڏهن دل پاڻمرادو چوي ٿي:
هاڻي بس انتها ٿي چڪي آهي۔
اسان جي سماج ۾ برداشت کي هڪ بهترين خوبي سمجهيو ويندو آهي، پر
حقيقت اها آهي تہ حد کان وڌيڪ برداشت ڪرڻ، انسان کي اندر ئي اندر ٽوڙي وجهي ٿي۔
۽ ظالم کي وڌيڪ ظلم ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي۔
برداشت جي حد اتي ختم ٿئي ٿي جتان عزت شروع ٿئي ٿي۔
برداشت تيستائين تہ ڪنهن حد تائين ڪري
سگهجي ٿي، جيستائين ظالم، عزتِ نفس کي زخم نہ پهچائي۔
جيئن ئي ڪنهن جو رويو توهان جي وقار تي حملو ڪري، جيئن ئي ڪنهن
جي زبان يا عمل توهان جي سچائيءَ جي مذاق اڏائي، تڏهن اهو چوڻ ۾ ڪو عيب ناهي تہ:
بس، هاڻي بس! برداشت ختم ٿي وئي۔ هر هنڌ هڪ حد مقرر ڪرڻ ڪو جُرم
ناهي، اهو پاڻ سان انصاف ڪرڻ جي برابر آهي۔ معافيء جو مطلب وسارڻ ناهي، وڏي دل ۽ زنده
دليءَ جو ثبوت ڏيڻ آهي۔ پاڻ کي جهيڙي جي پريشانين کان آزاد ڪرڻ آهي۔ معاف
ڪيو سي، چوڻ جو مقصد اهو ناهي تہ جيڪو ٿيو سو ٺيڪ هو۔
بلڪہ مقصد اهو آهي تہ:
مون گهڻو برداشت ڪيو، پر هاڻي انهيءَ بار کي کڻي ڪون سگهبو۔ معافي دل مان ڏکن جي تپش کي پري ڌڪي، اندر ۾ ٿڌڙي ڇانو ڏيندي آهي۔
ٻيو ماڻهو بدلجي، سمجهي يا نہ، يا نٿو شرمائي، ضروري ناهي، پر پاڻ کي فڪرن کان آزاد ڪرڻ واسطي
معاف ڪري ڇڏڻ بهترين عمل آهي، تہ جيئن بي سڪونيءَ کان، بچي سگهجي۔
خاموشيءَ جو بوجهہ ۽ آخري حد:
ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ کي سڀ کان وڌيڪ خاموش ماڻهو ئي زخمي ڪن ٿا، ڇو
تہ خاموشيءَ جا تير لفظن جي تيرن کان وڌيڪ خطرناڪ هوندا آهن۔
پر جڏهن انسان خاموشيءَ سان برداشت ڪري ڪري ٿڪجي پوي ٿو، تڏهن اندر
مان آواز اچي ٿو: گهڻو برداشت ڪيو سي، هاڻي بس…!
اهو اندر جو اعلان، انسان کي، مقابلي لاءِ اتساهيندو آهي تہ هاڻي ظلم زيادتيءَ جي حد ٿي وئي۔ ۽ صبر جي بہ انتها ٿي وئي هاڻي بس۔
سماجي پهلو: ماڻهن کي عادت پئجي وڃي ٿي ٻين کي تڪليف ڏيڻ جي۔ سچ
تہ اهو آهي تہ جيستائين ڪوئي برداشت ڪندو رهندو، ظالم جي همت وڌندي ويندي، ماڻهو
اوهان جي برداشت کي وڌيڪ آزمائڻ جي ڪوشش ڪندا۔ اهي سمجهندا آهن تہ هو ايترو ڪمزور آهي جو موٽ نٿو ڏئي، يا موٽ ڏيڻ جي طاقت نٿو رکي۔ جڏهن ڪوئي پهريون ڀيرو چوي هاڻي بس۔
تہ اوهان جي مزاحمت يا بيباڪيءَ تي سڀ کان وڌيڪ حيران
اهي ٿيندا آهن، جن سڀ کان وڌيڪ تڪليفون ڏنيون هونديون۔ ڇاڪاڻ تہ اهي ڪمزور يا بي سهارا سمجهي تڪليفون ڏيندا آهن. اوچتو جواب ڏيڻ تي ششدر ۽ پريشان ٿي ويندا آهن تہ هن کي جواب ڏيڻ جي طاقت ڪيئن اچي وئي۔
مرڪزي خيال يا حاصل مقصد:
حد کان وڌيڪ برداشت ڪرڻ خودنفي جي برابر آهي۔ عزتِ نفس بچائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن هاڻي بس چوڻ ضروري آهي۔ معاف ڪرڻ پاڻ کي آزاد ڪرڻ برابر آهي، ٻئي کي کلي ڇٽي نہ ڏيڻ گهرجي۔ سماج
۾ نرم دل ماڻهن جو گهڻو غلط استعمال ٿيندو آهي، تنهن ڪري پاڻ لاءِ حدون مقرر ڪرڻ پنهنجي
بقا لاءِ انتهائي ضروري آهي۔
ڪالم جي پڄاڻي:
پريم شاعر جا هي مصرعا صرف شاعري نہ آهن، بلڪہ زندگيءَ جو اصول آهن:
برداشت ڪيو ايترو، جيترو اوهان جي عزتِ نفس، اوهان جي دل ۽ اوهان
جي سچائيءَ کي نقصان نہ ڏئي ۽ جڏهن
دل چوي تہ:
هاڻي بس۔۔ تہ ان آواز کي صدق- دل سان قبول ڪجي، ڇو تہ اهو آواز ئي اسان کي پنهنجي بهترين زندگي ڏانهن وٺي وڃي ٿو ۽ جابر
جي جبر آڏو بند ٻڌي ڇڏي ٿو۔
ظالم سدائين، رهڻو ناهي،
ڏاڍي هٿان ئي، ڏرڻو آهي۔

