ٽٽيءَ دل کي ٽاڪو لڳي ڪون سگهندو ـ حڪيم پريم چاندواڻي

انساني دل بہ عجيب شئي آهي، ڌاتو، نہ ڪا ڪاٺ، نہ ڪو شيشو، انهن سڀني کان وڌيڪ نازڪ نرم،  ٽُٽي پوي تہ پوءِ جوڙڻ انتهائي مشڪل ۽ محال۔ انهن سڀني شئين کان وڌيڪ ڪمزور، وڌيڪ نازڪ ۽ وڌيڪ بيجان بڻجي وڃي ٿي. شاعر جي هن شعر ۾ جيڪا سٽ دل جي ٽٽڻ ۽ ان جي ٻيهر جڙڻ يا ڳنڍڻ بابت چئي وئي آهي، اها رڳو شاعراڻو بيان ناهي، پر سماج جي هڪ سچائيءَ جو صاف شفاف عڪس آهي، جنهن کي روزانو هزارين ماڻهو پاڻ تي گذرندڙ حالتن ۾ محسوس ڪن ٿا۔

ٽٽيءَ دل کي ٽاڪو لڳي ڪونہ سگهندو،

رفوگر ڪو اهڙو ملي ڪونہ سگهندو۔

جيڪي زخم جسم تي ٿين ٿا، سي وقت جي مرهم سان ڀرجي ويندا آهن، پر جيڪي زخم دل تي ٿين، تن لاءِ نہ ڪا مرهم، نہ ڪو مساج، نہ ڪو ٽاڪو، ۽ نہ ئي ڪو اهڙو رفوگر موجود آهي، جيڪو انهن لڳل زخمن کي ڀري سگهي يا زخمن جا نشان مٽائي سگهي. سماج ۾ ماڻهو محبتون ڏين ٿا، پر ساڳئي سماج ۾ ماڻهو دليون ٽوڙڻ جو هنر بہ ڄڻ ورثي ۾ وٺي پيدا ٿين ٿا. دل ٽوڙڻ لاءِ ڪا وڏي ڪوشش نہ کپي، هڪ غلط لفظ، بي ڌياني، سرد رويا، يا هڪ گهٽ اهميت ملڻ وارو خيال بہ دل کي هزار ٽڪرن ۾ ورهائي سگهي ٿو.

دل ٽُٽڻ جي تڪليف صرف رومانوي تعلقات تائين محدود ناهي. ڪڏهن دوستيءَ ۾ ڪو ڌوڪو، ڪڏهن ڀائرن جو ڪو رويو، ڪڏهن گھر جي ڪنهن انسان جي لاتعلقي، اهي سڀ سبب اهڙا آهن جيڪي انسان کي اندران ڌوڏي ڇڏين ٿا. ماڻهو ظاهر ۾ ٺيڪ ٺاڪ گهمندا، هلندا ۽ ڳالهائيندا رهن ٿا، پر اندر ۾ هڪ وڏو خال، هڪ ڊگهي خاموشي ۽ هڪ بي ‌نور درد انهن ۾ جڙ پڪڙي ٿو، جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ بہ مشڪل هوندو آهي۔

سماجي زندگيءَ جو هڪ وڏو الميو اهو بہ آهي تہ ماڻهو هڪ ٻئي جي دل ٽوڙڻ کانپوءِ ائين وساري ڇڏيندا آهن، ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي نہ هجي. زخم ڏيندڙ لاءِ شايد اها هڪ لمحي جي بي ڌياني هجي، پر زخم کڻندڙ لاءِ اهو سڄي زندگيءَ جو روڳ بڻجي سگهي ٿو. سماج جي اها بي‌حسي ۽ بي‌ پرواهي ئي گهڻن دلين جي برباديءَ جو اصل سبب آهي.

ها!! ڪڏهن ڪڏهن وقت جون بيدرديون بہ دوا بڻجي وينديون آهن۔ صبر ۽ سهپ سان سڀ برداشت ڪري وڃبو آهي۔ وقت خود بهتر مرهم ثابت ٿيندو آهي۔ وقت گذرڻ سان انسان گهڻو ڪجھ سکي ٿو تہ درد سان ڪيئن رهڻو آهي، درد ڪيئن برداشت ڪرڻو آهي۔ بيڪار روين کي ڪيئن درگذر ڪرڻو آهي۔ خاموشين سان ڪيئن ڳالهائڻو آهي، ۽ زخمن کي ڪيئن ڀرڻو آهي. پر دل جي ٽٽڻ کانپوءِ جيڪا جيتري بہ ڪوشش محنت مرمت جوڙڻ جي ڪئي وڃي سڀ بي سود ثابت ٿيندي آهي۔ ٽٽل دل اصل حالت ڏانهن ڪڏهن بہ نٿي موٽي سگهي. ٽٽل دل تي ڪيتري بہ مهر نظر جي مرهم رکجي، محبت ۽ مروت سان علاج ڪجي، پر اهي زخم ڀرجڻ مشڪل ۽ محال ٿي پوندا آهن۔ ٿورن لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي تہ سڀ ڪوششون سڀ علاج سڀ سعيا اڪارت ثابت ٿيندا آهن۔ پوءِ کڻي ڇا بہ ڪيو وڃي پر دل ساڳي صورت ساڳي حالت ۾ بحال ٿي ناهي سگهندي۔

اصل ڳالهہ اها آهي تہ دل ٽوڙڻ نہ رڳو هڪ غلط ۽ بيڪار عمل آهي، پر غير ذميواري بہ آهي. ڪنهن جو ويساه ٽوڙڻ، ڪنهن جي اميد ڀڃڻ، يا ڪنهن جي محبت جي مذاق اڏائڻ نہ رڳو ٻين لاءِ اذيت آهي، پر خود پنهنجي انسانيت جي ڪردار مٿان ڪارو داغ ۽ هڪ وڏي خساري جي برابر آهي. دليون ٽوڙڻ جو گناھ الله پاڪ هرگز معاف نٿو ڪري، دردمند دل جي آھ ستن آسمانن کان مٿي رب پاڪ وٽ رسائي رکندي آهي ۽ روشنيءَ جي رفتار کان بہ تيز هوندي آهي۔ جيڪا ظالم لاءِ حلاڪت جو سبب بڻجندي آهي۔ سماج تڏهن خوبصورت بڻجي سگهي ٿو، جڏهن دليون ٽوڙڻ بدران انهن کي سنڀالڻ، انهن کي ٻڌڻ ۽ انهن کي سمجهڻ جي علم، هنر ۽ تربيت کي عام ڪيو وڃي.

آخر ۾ اهو ئي چوندس تہ: ڪوشش ڪريو تہ ڪنهن جي دل ۾ خوشيءَ جي جوت جلائجي، نڪي زخم ڏجي. ڇو تہ دل هڪ دفعو ٽٽي تہ رفو نہ ٿي سگهندي، يا ايئن چئجي تہ ٻيهر ڪڏهن بہ ساڳي صورت ۾ بحال نٿي ٿي سگهي۔ دل ٽوڙڻ ڪبيرا گناھ آهي۔ جنهن سان ٻيون سڀ نيڪيون ٻڏي وينديون آهن۔ دل خدا جو مسڪن آهي تنهنڪري صوفي بزرگ چئي ويا آهن تہ ڀلي تہ مندر ڊاھ، مسجد ڊاھ پر هڪ بندي جي دل کي نہ ٽوڙ ڇاڪاڻ تہ ان ۾ الله پاڪ خود مسڪن بڻائي رهندو آهي۔ حديث شريف آهي تہ سچو مومن اهو آهي جنهنجي هٿ يا زبان سان ڪنهن کي ڪا بہ اذيت يا تڪليف نہ پهچي۔ مولا علي ڪرم الله وجہ جن جو قول مبارڪ آهي تہ اوهان ۾ نيڪ ۽ وڏو انسان اهو آهي جنهن جي ذات ٻين لاءِ ڀلائيءَ جو سبب بڻجي، نڪي دل ٽوڙڻ جو سبب بڻجي۔

دل ٽوڙڻ جو، سبب سي آهن،

بري دل جا، مالڪ جي آهن۔

دليون ٽوڙڻ وارا، مار پوندئي،

نڪي ڪفن نڪي قبر ملندئي۔


Previous Post Next Post