ملڪ جي سياسي ماحول ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر
اهڙو بحث ڇيڙي ڇڏيو ويو آهي، جيڪو رڳو انتظامي سهولتن يا ترقياتي قدمن سان جڙيل نہ آهي، پر سڌي طرح قومي وحدتن، تاريخي سڃاڻپ ۽ صوبائي حقن سان
ٽڪرائجي ٿو. وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران سنڌ ۽ پنجاب کي ٽن ٽن حصن ۾ ورهائڻ
واري تجويز هڪ معمولي بيان ناهي. هي
تجويز سنڌ جي تاريخي وحدت، ثقافتي سڃاڻپ ۽ سياسي وجود تي هڪ نئون حملو آهي، جيڪو
ڪنهن بہ سياسي دليل سان جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي. سنڌ جي ڌرتي هزارين
سالن کان هڪ اکائي طور موجود آهي. موهن جو دڙو، سنڌو تهذيب، قديم بندرگاهون، صوفي
روايتون، زبان، ٻوليون، ڪلچر، تاريخي شهراهي سڀ هڪ مڪمل وحدت ۾ ڳنڍيل آهن. سنڌ ڪو
بناوتي صوبو ناهي، جنهن کي ڪنهن وزير جي بيان سان ٽڪرن ۾ ورهايو وڃي. سنڌ هڪ قوم
آهي، هڪ تاريخ آهي، هڪ سڃاڻپ آهي، جنهن کي ورهائڻ جو تصور بہ سنڌي قوم لاءِ ناقابل قبول آهي.
نون صوبن جو بحث پاڪستان ۾ پهريون
ڀيرو شروع نہ ٿيو آهي، پر هر ڀيري جڏهن اهو بحث
اڀري ٿو، تڏهن ان جو رخ گهڻو ڪري سنڌ ڏانهن رکيو وڃي ٿو. ڪڏهن انتظامي بنيادن تي
ورهائڻ جو نعرو لڳايو وڃي ٿو، ڪڏهن ترقي جي آڙ وٺي تجويزون پيش ٿين ٿيون، پر هنن
سڀن تجويزن جي پٺيان اصل مقصد وسيلن تي قبضي جي خواهش ٿيندي آهي. سنڌ وٽ پاڻي،
بندرگاهون، گئس، زراعت، زرعي زمينون، صنعتون ۽ معدني وسيلن جو وڏو حصو آهي. جيڪڏهن
سنڌ کي حصن ۾ ورهايو وڃي تہ انهن سڀني وسيلن
جي مالڪي ۽ ورهاست جو نقشو بدلجي ويندو. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ سنڌ کي هر دور ۾ وسيلن جي آڌار تي نشانو بڻايو ويو آهي. ون يونٽ
بہ اهڙي ئي هڪ سازش هئي جنهن جو مقصد سنڌ سميت ننڍن صوبن کي ڪمزور
ڪرڻ هو. اڄ وري نئين انداز سان ساڳي سوچ کي زندہ ڪيو پيو وڃي. جيڪي ماڻهو چون ٿا تہ ننڍا صوبا انتظامي سهولت لاءِ ضروري آهن، انهن کي سوال اهو
آهي تہ پوءِ اهي ساڳي شدت سان پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان جي تقسيم لاءِ
تحريڪ ڇو نہ هلائين ٿا؟ ڇو بحث هميشہ سنڌ تي اچي بيهي ٿو؟ ڇا سنڌ ۾ انتظامي ناڪامي ملڪ جي ٻين صوبن
کان وڌيڪ آهي؟ يا سنڌ جي وحدت کي ٽوڙڻ سان ڪجهہ مخصوص حلقن کي سياسي يا معاشي فائدو ملندو؟ انهن سوالن جا
جواب سادي لفظن ۾ هي آهن تہ سنڌ
جي ورهاست ڪا انتظامي ضرورت نہ پر
هڪ سياسي خواهش آهي، جيڪا وسيلن، مالڪي ۽ طاقت جي نئين ورهاست سان جڙيل آهي.
سنڌ ۾ مسئلا آهن، پر انهن جو حل
ورهاست نہ پر اختيارن جي مقامي سطح تي منتقلي آهي. جيڪڏهن وفاق، صوبائي
حڪومتون ۽ انتظامي ادارا واقعي سنڌ کي مضبوط ڏسڻ چاهين ٿا، تہ پوءِ مقامي حڪومتن کي بااختيار ڪرڻ، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ، ۽
پاڻي جي ورڇ ۾ انصاف کي يقيني بڻائڻ لازمي آهي. ڪنهن بہ ملڪ ۾ انتظامي سهولت صوبن جي ٽڪرن ۾ ورهائڻ سان نہ پر سٺي گورننس، جوابدہ نظام ۽ شفاف پاليسين سان ايندي آهي. سنڌ جي ماڻهن جو مسئلو هي
ناهي تہ صوبو وڏو آهي، پر اهو آهي تہ وسيلن تي وفاقي هٿ گهڻو آهي. ورهاست سان نہ غربت ختم ٿيندي، نہ مسئلا گهٽبا ۽ نہ ئي ترقي ايندي. پر ها، هڪ ڳالهہ پڪ آهي تہ
سنڌ جي قومي وحدت کي وڏو ڌڪ ضرور لڳندو. سنڌ اهڙي ڌرتي آهي جنهن تي هر نسل پنهنجي
سڃاڻپ، ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت سان جڙيل آهي. سنڌ کي حصن ۾ ورهائڻ جو مطلب صرف مٽي کي
ورهائڻ نہ آهي، پر ماڻهن جي دلين تي ڇري هڻڻ برابر آهي. سنڌ جي وحدت تي
حملو اصل ۾ سنڌ جي قومي وجود تي حملو آهي
سنڌي قوم جي ردِعمل کي سمجھڻ لاءِ
تاريخ پڙهڻ لازمي آهي. سنڌ هميشہ
مزاحمت جي ڌرتي رهي آهي. ون يونٽ جي خلاف جدوجهد کان وٺي بدترين سياسي دورن تائين
سنڌ پنهنجي حقن تي ڪڏهن سودو نہ
ڪيو آهي. سنڌ جو سياسي شعور، سنڌ جي صوفي روايت، سماجي اتحاد، ۽ قومي
سڃاڻپ هميشه هڪ آواز رهي آهي. سنڌي عوام کي خبر آهي تہ جڏهن بہ
ورهاست جو نعرو لڳايو ويندو آهي، ان جي پٺيان وفاقي قوتون پنهنجي فائدن جي تحفظ
لاءِ بيٺل هونديون آهن. اهو تجزيو ڪو جذباتي ردِعمل نہ پر سياسي ۽ تاريخي حقيقت آهي.
سنڌ کي حصن ۾ ورهائڻ سان هر حصي کي
مرڪز تي وڌيڪ دارومدار رکڻو پوندو. يعني مضبوط صوبو ٽٽي، ڪمزور صوبڙا بڻجي ويندا.
هي ساڳي ريت آهي جيئن طاقتور ماڻهن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انهن کي ٽڪرن ۾ ورهايو وڃي.
سنڌ ڄاڻي ٿي تہ هي رستو ڪهڙي تباهي ڏانهن وٺي وڃي ٿو.
سنڌ جي وحدت جا دشمن چاهين ٿا تہ سنڌ کي انهيءَ ريت ڪمزور ڪيو وڃي، جيئن وسيلن تي گرفت وڌيڪ
مضبوط ڪري سگهجي. پر سنڌ جا ماڻهو ڄاڻن ٿا تہ جيئن سنڌ جي وحدت برقرار رهندي، تيئن سنڌ جي سياسي طاقت،
ثقافتي سڃاڻپ ۽ وسيلن جي مالڪي بہ
برقرار رهندي. سنڌ
جي وحدت کي بچائڻ رڳو سياسي مسئلو نہ آهي؛ هي ثقافتي، سماجي، تاريخي ۽ قومي مسئلو آهي. سنڌي ٻولي
سنڌ کي هڪ سڃاڻپ ڏئي ٿي. سنڌي ڪلچر، لباس، لوڪ روايتون، موسيقي، شاعري ۽ تصوف سنڌ
کي هڪ مضبوط ثقافتي وحدت ڏين ٿا. شاه لطيف کان سچل تائين، بيدل کان بلهڻ تائين، هر
شاعر سنڌ کي وحدت، محبت، مزاحمت ۽ آزادي جو پيغام ڏنو آهي. سنڌي قوم پنهنجي هن
فڪري ورثي کي ٽڪن ۾ ورهائڻ ڪڏهن قبول نہ ڪندي.
سنڌ ۾ رهندڙ هر قوميت، هر زبان، هر
مذهب جا ماڻهو پاڻ کي محفوظ ۽ گڏيل سنڌي وحدت سان وابستہ محسوس ڪن ٿا سنڌ ننڍن وڏن جو گهر آهي، هن جي مٽي ڪڏهن فرق نٿي
ڪري. اهڙي ڌرتي کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ سان رڳو سنڌي نہ پر سنڌ جا سڀ رهواسي متاثر ٿيندا.
قومون سرحدن سان نہ پر احساسن سان ٺهنديون آهن. سنڌ جون سرحدون هزارين سالن کان
قائم آهن. ان کي ڪنهن حڪومتي حڪم سان ٽوڙڻ نہ ڪا عقلمندي آهي ۽ نہ رياستي استحڪام لاءِ مفيد. سنڌ جي وحدت تي وار ملڪ جي وحدت تي
وار آهي، ڇاڪاڻ تہ
سنڌ نہ رڳو ثقافتي مرڪز آهي پر پاڪستان جي معيشت جو بنيادي ستون پڻ
آهي.
ملڪ جي طاقت صوبن جي طاقت سان وڌندي
آهي. جيڪڏهن وفاق کي واقعي مضبوط پاڪستان گهرجي، تہ ان کي مضبوط صوبن، بااختيار مقامي حڪومتن ۽ وسيلن جي منصفاڻي
ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو. سنڌ کي ٽوڙڻ سان نہ ملڪ مضبوط ٿيندو، نہ وفاق جو ڪنٽرول وڌندو. پر بيچيني، احساس محرومي ۽ نفرت وڌندي،
جنهن جا نتيجا ملڪ لاءِ سخت نقصانڪار ٿي سگهن ٿا.
سنڌي قوم جو موقف واضع آهي: سنڌ جي
وحدت تي ڪو بہ وار قبول نہ آهي. سنڌ جي سڃاڻپ کي ڪاغذن تي ٽوڙڻ ممڪن ناهي. سنڌ تاريخ
آهي، سنڌ شعور آهي، سنڌ مزاحمت آهي، سنڌ زندگي آهي. جيڪو سنڌ کي ٽوڙڻ جو خواب ڏسي ٿو، اهو اصل ۾ تاريخ جي خلاف
بيهڻ جو اعلان ڪري ٿو.
سنڌ جي وحدت تي حملن جا نوان وار شايد
ڪنهن کي سياسي فائدو ڏين، پر سنڌ کي پنهنجي وجود جي حفاظت لاءِ ڪنهن بہ حد تائين وڃڻ ايندو آهي. سنڌ مستقبل آهي، ۽ مستقبل پنهنجي وحدتن جي حفاظت سان ئي روشن
ٿي سگهي ٿو.

