پاڪستان ۾ ذهني مريضن جي واڌ ۽ ان جا مکيه سبب ـ اعجاز ممنائي

پاڪستان ۾ ذهني صحت هڪ سنگين بحران بڻجي چڪي آهي، ۽ مريضن جو تعداد تيزي سان وڌي رهيو آهي. عالمي صحت تنظيم (ڊبليو ايڇ او) جي مطابق، پاڪستان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو، جنهن جو اندازو 10 کان 40 سيڪڙو تائين آهي، ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ذهني صحت جي مسئلي جو شڪار آهي. هتي ذهني مريضن جي ٿيندڙ واڌ جي مکيہ سببن ۽ ذميوارين جو جائزو وٺون ٿا:

اهم سماجي قتصادي عنصر: ذهني خرابين ۾ واڌ جو سڀ کان وڏو سبب سماجي، معاشي ۽ سياسي عدم استحڪام آهي، جنهن کي پاڪستان منهن ڏئي رهيو آهي.

معاشي مسئلا: بيروزگاري، غربت ۽ وڌندڙ مهانگائيءَ عوام کي سخت مالي دٻاءُ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. خاص طور تي اهي جيڪي پنهنجن خاندانن جا واحد ڪمائيندڙ آهن، اهي وڌندڙ دٻاءُ ۽ مايوسي کي منهن ڏئي رهيا آهن. قومي طبي فورم ۾ ماهرن انڪشاف ڪيو آهي تہ پاڪستان جا 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ سرجن مستقل جسماني ۽ ذهني ٿڪاوٽ جو شڪار آهن. ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ دواساز ڪمپني طرفان ”لائف ان اي ميٽرو“ سيمپوزيم ۾ دل جي مرضن ۽ نفسيات جي ماهرن ٻڌايو تہ وڏن شهرن خاص طور ڪراچي ۾ ڊگهيون ڊيوٽيون، مستقل ذهني دٻاءُ، فضائي گدلاڻ، ٽريفڪ ۽ مريضن جو غير معمولي دٻاءُ ڊاڪٽرن کي دل جي مرضن، شگر، ٿولهہ، ڊپريشن ۽ انزائٽي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. ماهرن موجب 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ڊاڪٽر سخت جسماني ۽ ذهني ٿڪاوٽ جو شڪار آهن ۽ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ مستقل ٿڪاوٽ ۽ غير صحتمند طرز زندگي ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. هنن خبردار ڪيو تہ پاڻ ئي سڃاڻپ، پاڻ ئي دوا استعمال ڪرڻ ۽ بيماري باوجود ڊيوٽي جاري رکڻ جي روايت ڊاڪٽرن کي ننڍي عمر ۾ ئي دل جي دوري، شگر، ڊپريشن ۽ آپگهات ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي، ڊاڪٽرن ۾ دل جي دوري، شگر، ڊپريشن ۽ آپگهات جي شرح عام آبادي جي ڀيٽ ۾ تقريبن ٻيڻي ٿي چڪي آهي. ماهرن خبردار ڪيو تہ جيڪڏهن فوري طور ذهني صحت جون سهولتون، بهتر ٽائم ٽيبل ٺاهڻ سان ادارن ۾ سڌارا نہ آندا ويا تہ پاڪستان پنهنجي ڊاڪٽرن کي وقت کان اڳ وڃائي سگهي ٿو، جنهن جا اثر مريضن ۽ قومي صحت جي نظام ٻنهي تي پوندا۔ ٻئي پاسي پريشاني، سخت ڊپريشن ۽ مستقبل بابت نااميدي توڙي سياسي عدم استحڪام ۽ غير يقيني صورتحال ملڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ عام ماڻهن جي ذهني صحت کي بہ متاثر ڪري رهي آهي. ان کانسواءِ تشدد، دهشتگردي ۽ عدم تحفظ کان متاثر علائقن ۾ ماڻهو سخت نفسياتي صدمو (سائڪو ٽروما) ۽ پوسٽ ٽروميٽڪ اسٽريس ڊس آرڊر (PTSD) جو شڪار ٿين ٿا. ائين عورتن جا مسئلا ٻهراڙي ۽ ترقي يافتہ علائقن ۾ عورتون گهريلو تشدد، برابري جي حقن تي پابندين، مالي دٻاءُ ۽ اضافي گهريلو ذميوارين جي ڪري ذهني خرابين جو وڌيڪ خطرو آهن.

سماجي ڍانچي جي تباهي: سماجي تبديليون، خانداني نظام ۾ ٽٽڻ، ۽ تعاون جي کوٽ پڻ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪري رهيا آهن.

علاج تائين رسائي جي کوٽ ۽ حڪومتي ناڪامي: جڏهن ماڻهو ذهني خرابين جو شڪار ٿين ٿا، تہ اهي مناسب علاج تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي قابل نہ هوندا آهن، جيڪو مسئلو وڌيڪ خراب ڪري ٿو.

صحت جي سار سنڀار جي کوٽ: پاڪستان ۾ 100,000 آبادي لاءِ نفسياتي ماهرن جو تعداد تمام گهٽ آهي. اندازو آهي تہ ملڪ جي 200 ملين کان وڌيڪ آبادي لاءِ صرف ڪجهہ وڏيون نفسياتي اسپتالون آهن.

حڪومت جون گهٽجندڙ ترجيحون: حڪومت مجموعي صحت جي بجيٽ جو تمام ننڍڙو حصو ذهني صحت تي خرچ ڪري ٿي، 2020ع جي ڊيٽا موجب 0.04٪ رکي ويئي جيڪا نهايت ئي گهٽ آهي۔ ڇوتہ علاج جي وڏي قيمت، نفسياتي دوائون، ۽ ڊاڪٽر جي فيس غريب ۽ وچولي طبقي جي پهچ کان ٻاهر آهن. ان لاءِ ملڪ ۾ ذهني بيمارين بابت شعور جي عام کوٽ آهي ۽ ماڻهو بدنامي وهم پرستي ۽ ذهني بيماري کي عام بيماري جي بدران شرم يا عيب سمجهيو ويندو آهي، جيڪو مريضن کي مدد وٺڻ کان روڪي ٿو انڪري اهو علاج کان پاسو ڪرڻ لڳي ٿو جيڪو انهن جي حالت کي وڌيڪ خراب ڪري ٿو.

توهم پرستي ۽ جعلي علاج: ماڻهو سمجهن ٿا تہ گهڻيون ذهني بيماريون مافوق الفطرت قوتن، جنن يا جادو جي ڪري ٿين ٿيون. انهيءَ ڪري، مريض ڊاڪٽرن جي بدران مزارن، يا پادرين وٽ ويندا آهن، جيڪو بيماري کي وڌيڪ دائمي ۽ پيچيده بڻائي ٿو.

ان جو ذميوار ڪير آهي؟

پاڪستان ۾ ذهني صحت جي بگڙجندڙ صورتحال ڪنهن هڪ فرد يا اداري جي ذميواري ناهي، پر هڪ اجتماعي ناڪامي جو نتيجو آهي صحت جي مجموعي بجيٽ ۾ ذهني صحت کي نظرانداز ڪرڻ، مناسب ذهني صحت جي پاليسي نہ ٺاهڻ ۽ سستي علاج جون سهولتون فراهم نہ ڪرڻ جي بنيادي ذميواري سرڪار جي ئي آهي۔ ڇوتہ بيروزگاري، مهانگائي، عدم مساوات، ۽ مسلسل سماجي-سياسي دٻاءُ ماڻهن ۾ ڇڪتاڻ ۽ مايوسي پيدا ڪري رهيا آهن. انڪري ذهني صحت بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ماڻهن کي صحيح معلومات فراهم ڪرڻ حڪومت جي زميوارين ۾ شامل آهي.


Previous Post Next Post